Posts

Showing posts from July, 2017

DUNYA JOON INQLABI AURTOON

Image
لطيف آباد نمبر 8 جي لاڪ- اپ ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڪيترو عرصو ڪچو قيدي رهڻ، ۽ سمري ملٽري ڪورٽ 19، حيدرآباد طرفان هڪ سال سزا دوران، قيد ۾ هڪ ئي وڻندڙ وندر هوندي هئي: ’ڪتاب پڙهڻ‘. جيترا ڪتاب مون هڪ سال جي قيد دوران پڙهيا، ايترا ڪتاب ٻاهر پڙهڻ جو موقعو ڪڏهن به نه مليو. جيل ۾ مون نه رڳو ڪتاب پڙهيا، پر دوستن سان گڏجي وسيع گڏيل مطالعو به ڪيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا مضمون وڻي ويندو هئم ته ترجمو ڪري اخبارن يا رسالن کي ڇپڻ لاءِ موڪلي به ڏيندو هئس. جيل ۾ ’سياست ۽ انقلاب‘ بابت ڪتابَ وڌيڪ پڙهبا هئا. اهڙو ئي هڪڙو ننڍڙو اردو ڪتاب، ’انقلابي عورتين‘ (مصنفه: فرزانه نصير) پڙهي پُڄايم. هن ڪتاب منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي، ۽ اُن مان ڇهن انقلابي ڪردارن- زرقا (فلسطين)، فاطمھ محمد برناوي (فلسطين)، جميله بُوپاشا (الجزائر)، زويا اناطوليا (روس)، ليوخولان (چين) ۽ نگوين ٿي چائو (ويٽنام)، 10 جنوري 1982ع تي ترجمو ڪري ورتا هئم. ۽ جيل مان ڪنهن نموني اهو مسود  ٻاهر موڪليو هئم- جيڪو ڪتاب، ’دنيا جون عظيم انقلابي عورتون‘ نالي سان، مارئي اڪيڊمي ۽ سڪرنڊ ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڌار ڌار ڇپيو ۽ اُن کان پوءِ ان جا ٻه ٻيا ڇاپا،

NANDHRI KARI MACHHI (Mahi Siyah Kochlo)

Image
وڏا درحقيقت مُدي خارج ٻارَ آھن! ھي لفظ، ٻارن لاءِ ڪتاب لکندڙ، مشھور آمريڪي ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ ٿيوڊور سوئِس گائزل جا آھن. اسان وڏا مُدي خارج ٻارَ ڇو آھيون؟ پنھنجي پاڻ کان پڇي ٿا ڏسون ته اسان ۾ اھڙيون ڪيتريون ڳالھيون آھن جيڪي اسان ۾ صرف انڪري آھن جو اسان جي اردگرد موجود ماڻھن ۾ به اُهي ساڳيون ڳالھيون آھن. اسان وڏن جي گھڻائيءَ جي سوچ، اٿڻي ويھڻي، اخلاق، دنيا ڏانھن اسان جو رويو، ڪائنات بابت اسان جي سمجهه بنيادي طور تي اھا ئي آھي جھڙي اسان جي چوڌاري موجود ٻين ماڻھن جي. اسان اھم سُوالن کي پنھنجو پاڻ ڪوشش ڪري ناھيون سمجھندا پر اسان ٻُڌ سُڌ تي گذران ڪندا آھيون. شعوري حوالي کان اسان ’ھينڊ- ٽو- مائوٿ، روز آڻين- روز چاڙھين‘، قسم جي زندگي گذاريون ٿا. جٿان جيڪا ڳالهه ھٿ آئي...! دنيا کي پاڻ محنت ڪري، پاڻ تجربو ڪري سمجھڻ وارو ’ٻاراڻو‘ عنصر اسان مان ڪڏھوڪو بيدخل ٿي چڪو! اھو عنصر فيلسوفن، سائنسدانن، وڏن شاعرن ۽ اديبن ۾ ھوندو آھي. نيوٽن دنيا کي پنھنجي انداز ۾ سمجھڻ کي ڪوشش ڪئي. آئنسٽائين نيوٽن جي سمجهه تي بس ڪري نه بيٺو پر نئين سِر دنيا کي سمجھڻ جي ڪوشس ڪيائين. سقراط، مارڪس، شيڪپيئر، شاھ ڀٽائيءَ... جيترا ن

PITKRE NICKOLA JOON PARESHANYOON (Le Petit Nicolas `A Des Ennuis)

Image
ھي ڪتاب فرينچ ٻوليءَ جي ھڪ مشھور ڪتابي سلسلي (سيريز) جو ھڪ حصو آھي. ان مشھور ڪتابي سلسلي جا باني گني گوسني (ليکڪ) ۽ جان جاڪ سمپي (چترڪار/ ڪارٽونسٽ) ھئا. ان ڪتابي سلسلي جي شروعات 29 مارچ 1959 تي ٿي جڏھن ان سلسلي جو پھريون ڪتاب شايع ٿيو. اھو سلسلو ڪل چوڏھن ڪتابن تي مشتمل آھي. فرانس ۾ ان ڪتابي سلسلي کي ’قومي خزانو‘ قرار ڏنو ويندو آھي. فرانس جا ۽ فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙ/ سکندڙ سڀئي ٻار توڙي وڏا، ان ڪتابي سلسلي جو ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور پڙھندا آھن. ڪتاب جي ليکڪ جي ويب سائيٽ مطابق ھيل تائين ان ڪتابي سلسلي جون 5 ڪروڙ ڪاپيون، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڪامي چڪيون آھن. جي ھا! 5 ڪروڙ! ان ڪتابي سلسلي تي ٻه فلمون (2009 ۽ 2014 ۾) ۽ ھڪ ائنميٽڊ فلم (2009 ۾)  ٺھي چڪيون آھن. ھاڻي ان ڪتابي سلسلي جو ھڪ ڪتاب سنڌي پڙھندڙن جي ھٿن ۾ آھي. اھا منھنجي مادري ٻولي، منھنجي سنڌي جي سوڀ آھي ۽  اھو منھنجي مادري  ٻوليءَ جي سونھن ۾ ھڪڙو نئون واڌارو آھي.  ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا ۾ ٻارن کي ڪيترو نه سنجيده ورتو وڃي ٿو. اسان ته ٻارن کي صفا ’ٻاراڻي‘ نموني وٺون پيا ۽ ٻارن ڏانھن اسان وڏڙن جو اختيار ڪيل اھو ’ٻاراڻو‘