Posts

Showing posts from December, 2016

MOLANA AZAD GEE SIYASI BASIRAT

Image
ڪُجهه هن ڪتاب بابت مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت، سياست ۽ فڪر بابت، سنڌ جي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر جو هيءُ ڪتاب، هن کان اڳ ’مولانا آشزاد ۽ سرمد شهيد‘ جي نالي سان، محترم آزاد قاضيءَ، ڀنڀور پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڪافي سال اڳ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. اُن کان پوءِ، عبدالواحد آريسر، مولانا آزاد بابت هڪ مڪمل ڪتاب لکيو/ترتيب ڏنو هو، جيڪو عسڪري قوتون، ڇاپي دوران کڻي ويون. جيئن ته عبدالواحد آريسر جي شخصيت ۽ سياست تي مولانا ابوالڪلام آزاد جو وڏو اثر رهيو آهي، ان ڪري ضرورت محسوس ڪئي وئي ته آريسر صاحب جا مولانا آزاد جي باري ۾ خيال، پڙهندڙن ۽ قومي ڪارڪنن جي آڏو پيش ڪجن. اُن خيال کان مون آزاد قاضيءَ طرفان ڇپايل آريسر صاحب جي مختصر ڪتابڙي ۾، آريسر صاحب جي هڪ تقرير ۽ سندس مختلف ڪتابن ۾ آزاد ۽ ’فڪرِ آزاد‘ بابت ڇپيل سمورو مواد هڪ هنڌ گڏ ڪري، نئين ترتيب ڏئي، نئين عنوان ”مولانا آزاد جي سياسي بصيرت“ سان هي، ڪتاب مرتب ڪيو آهي. ان کان سواءِ، ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور سائين جي. ايم. سيد جو مولانا آزاد جي شخصيت ۽ سياسي زندگيءَ بابت تفصيلي مضمون، سندس ڪتاب ’جديد سياست جا نو رتن‘ مان کڻي شامل ڪيو اٿ

MUJEEB & BHUTTO

Image
پاڪستان جي تاريخ ۾ ايوبي آمريت واري خوني دور ۾ ٻه وڏا طوفاني قسم جا سياسي ماڻهو اڀري آيا، جن زلزلي نما عوامي طوفان سان فوجي حڪومت جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيو- هڪ شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو. سندن ولوله انگيز قيادت ۽ عوامي حمايت جو اهو عالم هو، جو ٻنهي جي جلسن ۾ ماڻهن جو سمونڊ ڇوليون هڻندو نظر ايندو هو. ٻئِي عوام جي دلين تي ڇانيل هئا. ٻنهي ليڊرن، سالن کان پيڙجندڙ عوام ۾ آواز اٿارڻ ۽ اڳتي وڌڻ واري دليري ۽ بهادرانه جذبو پيدا ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي جو ٻين ليڊرن جي ڀيٽ ۾ تقرير ۽ تحرير جو انداز، جلسن ۽ جلوسن جو نمونو بنهه مختلف ۽ منفرد هو. اهو اِيئن ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي، جيڪو مٿئين ڪلاس واري ’محلاتي سياست‘ وارو طريقه ڪار هلندڙ هو، تنهن کي هنن ٻنهي ذهين سياستدانن، عوام جي صفن تائين لاهي آڻڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو- يعني سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو به سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو، ۽ اهڙي ولوله انگيز قيادت کي ڏسي، عام مسڪين ماڻهو به ملڪ جي سياست ۾ پنهنجو پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجهڻ لڳو هو. ٻنهي بيباڪ ۽ ولوله انگيز سياستدانن ۾ باوجود مٿين مشترڪ ڳالهين هئڻ جي، هن ملڪ جي آئيندي بابت خيالن ۾ بنيادي