THI NA MOHABAT MAAT
ڏِيئي لاٽ اُهائي سنڌ جو به ٻين ملڪن وانگر هڪ جسم آهي، ظاهري بوتو آهي ۽ مادي وجود آهي. اُن مادي وجود، ظاهري بوتي ۽ جسم ۾ سنڌ جا اُهي سرسبز کيت آهن، جن ۾ زندگي ڀيروي ڳائيندي آهي. سنڌو نديءَ جون مست ڇوليون آهن، جن جي لهر لهر ۾ سانَ (ڍڳي) جي رانڀاڙ ۽ مست اُٺ جون گوڙيون آهن. پهاڙن جو چوٽيون آهن، جيڪي اُڀريل اُرهن جو تقدس کنيو بيٺيون آهن. ٻاگهيءَ جي وارن جهڙا گهاٽا ٻيلا آهن ۽ صوفيءَ جي دل وانگر صاف، نرم ۽ ويڪرا وارياسا ميدان آهن. گهِريون نيريون ۽ سايون ڍنڍون آهن، جن تي موسيقيءَ جي لهرن وانگر ٻيڙيون ترنديون رهن ٿيون. اهو سنڌ جو ظاهري بوتو آهي، جنهن ۾ هزارن سالن کان وٺي هڪ قوم رهندي اچي ٿي. انهيءَ ظاهري بوتي جي اندر سنڌ جو هڪ ضمير، ذهن ۽ روح به آهي. اُهو روح آهي، اسر ويل، چڙن جِي چُونگارَ، پکين جا من جي گهرائيءَ ۾ لهي ويندڙ گيتَ، نار جو رهٽو، چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ چانڊوڪين جا ناچَ، هاري ۽ پورهيت جي اُها شاندار ۽ لازوال محنت، جنهن سنڌ جي سدا ملوڪ ثقافت کي خلقيو، تاتيو ۽ جوڀن تي پهچايو، بهادرانه روايتون ۽ انهن روايتن جي اکر اکر ۾ سنڌ جي سُورويرن [بهادرن] جي ويرتا ۽ لال لهوءَ جا نيسارا، اُهي عشقيه