Posts

Showing posts from November, 2014

SINDH BACHAYO – KHAND BACHAYO (Save Sindh – Save the Continent)

Image
هيءُ ڪتاب ” سنڌ بچايو کنڊ بچايو.......“ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾، مون اٽڪل 68 ورهيه اڳي لکيو هو، جڏهن گڏيل هندستان جي هندو مسلم مسئلي جي حل لاءِ، ننڍي کنڊ کي، فرقيواريت جي بنياد تي، هندن توڻي مسلمانن جي مٿئين طبقي جي مرضيءَ ۽ انهن جي مخصوص مفادن کي اڳيان رکندي، ورهايو پئي ويو. رٿا اها هئي ته جن علائقن ۾ مسلمان آبادي اڪثريت ۾ آهي، انهن کي ملائي، هڪ نئين ۽ مسلمانن جي پنهنجي رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃ ي. ان ڏس ۾، جيڪي بندوبست ڪيا پئي ويا، اهي ڪنهن طرح به، مسلمانن جي نالي ۾ ٺهندڙ انهيءَ نئين رياست ۾ شامل ٿيندڙ مسلمان اڪثريتي اڪاين لاءِ فائديمند نه هئا ۽ نه وري سياسي، معاشي ۽ تاريخي حوالي کان قبولڻ جوڳا نه هئا، انهن کي هنن ڪتاب ۾، اُنهيءَ دور جي حالتن پٽاندر، بحث هيٺ آندو ويو آهي. ان ۾ خاص طرح ٻه معاملا هئا. هڪ معاملو هيءُ هو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾، 1946ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ مان چونڊجي آيل نمائندن کان، مسلمانن جي نئين رياست ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت راءِ ورتي پئي ويئي. حقيقت اها آهي ته اهي چونڊون، انگريزن جي انتظام هيٺ، سنڌ ۽ ساڳيءَ طرح هندستان جي مختلف پرڳڻن جي عام سياسي ۽ انتظامي معاملن کي هلا