NANDHRI KARI MACHHI (Mahi Siyah Kochlo)


















وڏا درحقيقت مُدي خارج ٻارَ آھن!

ھي لفظ، ٻارن لاءِ ڪتاب لکندڙ، مشھور آمريڪي ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ ٿيوڊور سوئِس گائزل جا آھن. اسان وڏا مُدي خارج ٻارَ ڇو آھيون؟ پنھنجي پاڻ کان پڇي ٿا ڏسون ته اسان ۾ اھڙيون ڪيتريون ڳالھيون آھن جيڪي اسان ۾ صرف انڪري آھن جو اسان جي اردگرد موجود ماڻھن ۾ به اُهي ساڳيون ڳالھيون آھن. اسان وڏن جي گھڻائيءَ جي سوچ، اٿڻي ويھڻي، اخلاق، دنيا ڏانھن اسان جو رويو، ڪائنات بابت اسان جي سمجهه بنيادي طور تي اھا ئي آھي جھڙي اسان جي چوڌاري موجود ٻين ماڻھن جي. اسان اھم سُوالن کي پنھنجو پاڻ ڪوشش ڪري ناھيون سمجھندا پر اسان ٻُڌ سُڌ تي گذران ڪندا آھيون. شعوري حوالي کان اسان ’ھينڊ- ٽو- مائوٿ، روز آڻين- روز چاڙھين‘، قسم جي زندگي گذاريون ٿا. جٿان جيڪا ڳالهه ھٿ آئي...! دنيا کي پاڻ محنت ڪري، پاڻ تجربو ڪري سمجھڻ وارو ’ٻاراڻو‘ عنصر اسان مان ڪڏھوڪو بيدخل ٿي چڪو! اھو عنصر فيلسوفن، سائنسدانن، وڏن شاعرن ۽ اديبن ۾ ھوندو آھي. نيوٽن دنيا کي پنھنجي انداز ۾ سمجھڻ کي ڪوشش ڪئي. آئنسٽائين نيوٽن جي سمجهه تي بس ڪري نه بيٺو پر نئين سِر دنيا کي سمجھڻ جي ڪوشس ڪيائين. سقراط، مارڪس، شيڪپيئر، شاھ ڀٽائيءَ... جيترا نالا به ڏسندؤ پر ھنن سڀني پنھنجي پنھنجي انداز ۾ دنيا کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لاجواب شيون تخليق ڪيون. اھو بنيادي عنصر ھر ٻار ۾ موجود ھوندو آھي، پر اسان پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ٿا ڏسون ته ڇا اسان جي اندر ۾ اھو عنصر باقي بچيو به آھي! اسان مُدي خارج ٻارَ آھيون.
ھر ٻارُ موجود دنيا، چوڌاري موجود معنائن ۽ لقائن کي پنھنجي انداز ۾ پنھنجو ڪندو آھي. پوءِ اسان وڏا ٻارن کي ’تربيت‘ ڏئي، منجھائن اھو اھم عنصر ڪوري ڪڍندا آھيون. مھاتما گانڌيءَ ان لاءِ ئي چيو ھو:
’جيڪڏھن اسان دنيا ۾ حقيقي امن ڏسڻ گھُرون ٿا، جيڪڏھن اسان کي جنگ خلاف حقيقي جنگ ڪرڻي آھي ته پوءِ اسان کي ٻارن کان شروعات ڪرڻي پوندي. جيڪڏھن ٻارَ پنھنجي فطري معصوميت منجهه نپنا ته پوءِ اسان کي ڪا وڏي جدوجھد نه ڪرڻي پوندي، اجايون قراردادون پاس نه ڪرڻيون پونديون، اسان پيار کان پيار ۽ امن کان امن طرف وڌڻ جي قابل ٿينداسين. تان جو سموري دنيا ۾ امن ۽ پيار جو واس ھوندو، جنھن جي بک، شعوري يا لاشعوري طوري تي، اسان سڀني کي آھي.‘
ماڻھو جڏھن جھنگ ۾ رھندو ھو تڏھن جانورن، پکين جي روين مان سکندو به ھو. جيئن چيو ويندو آھي ته انسان لاش کي پورڻ ڪانوَ مان سکيو. جانورن جي اڪثريت تي ‘ڌڻ جي نفسيات‘ حاوي ھوندي آھي. جڏھن انسان جھنگ ۾، ڌڻ ٺاھي رھندو ھو تڏھن ڌڻ سان ڌڻ جو ٿي رھڻ ڦلدائڪ به ھو. روين جو نقل ماڻھوءَ کي ڪيترن ئي ڏکيائن کان بچائيندو به ھو. پر اسان کي تھذيب اڏيندي ڏھ ھزار سالن کان مٿي وقت ٿي چڪو آھي. دنيا ڌڻ جي نفسيات جي ابتڙ انفرادي تخليقي سوچ جي دور مان گذري رھي آھي ۽ اسان جي سماج ۾ ’پنھنجي سوچ وارو‘ ھئڻ ٽوڪ يا طعني طور استعمال ٿيندو آھي. دنيا نواڻ کي ھمٿائيندي آھي ۽ اسان جيڪڏهن ڪنھن سان اختلاف رکڻ چاھيندا آھيون ته ان لاءِ ھڪ ئي جملو ڪافي ھوندو آھي، ’آيو آھي وڏو نيون ڳالھيون ڪرڻ!‘ ڪنھن کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ اھو جملو ھڪ ٽُڪ آھي. ڌڻ جي سوچ يا ’گروپ ٿنڪ‘ جي ابتڙ اڄوڪي دنيا انفرادي سوچ ۽ لوچ جي دنيا آھي.
پکين جا ولر ڏسو ته آسمان ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن پيا اڏامندا رھندا آھن. ڪو ھڪڙو پکي ھيڏانھن پر ھڻندو ته ٻيا سڀئي انهيءَ رُخ ۾ اڏامڻ شروع ڪندا آھن. ڪو پکي ترسي اھو ناھي سوچيندو ته ’ٻيلي ايڏانھن ڇو ته ھلجي!‘ پکين، جانورن تي معيار به ناھي. پر اسان ته اسڪول ۾ سبق پڙھايو ويو ھو، ’چلي چلو، بڙھي چلو!‘ ڇو ھلون! ڪيڏانھن ٿا ھلون؟ جو سبق اسان کي  ته نه ٿو پڙھايو وڃي. دنيا فڪر جي، سوچ جي آزاديءَ جا نعرا پئي ھڻي پر اسان کي فڪر کان، سوچ کان آزادي کپي!
ھن ڪھاڻيءَ جو موضوع پڻ اھو ئي آھي. پنھنجي لاءِ پاڻ دنيا جي سمجهه پيدا ڪرڻ. ٻيا صحيح ھوندا پر مون کي اھو ڄاڻڻو آھي ته ھو ڇو صحيح آھن. ٻيا غلط به ھوندا پر مون کي اھو ڄاڻڻو آھي ته هو ڇو غلط آھن. دنيا ڇا فقط ايتري ئي وسيع آھي جيتري منھنجي سمجهه؟ ڇا علم جو گھير منھنجي ڪوپريءَ جي گھير جيترو ئي آھي؟ اسان متروڪ، مُدي خارج ٻارن کي ته ائين لڳندو آھي ته دنيا جي، سچ ۽ سونھن جي حد منھنجي ڄاڻ جي حد جيتري ئي آھي. جي منھنجي نظر منھنجي نڪ جي چوٽيءَ کان پرتي نه ٿي پوي ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته دنيا  جي ڪُل وسعت به منھنجي نڪ جي چوٽيءَ تائين ئي آھي، ڳالهه ختم، ڦل اسٽاپ!
ھي ڪھاڻي ٻنھي قسمن جي ٻارن (حقيقي ٻارَ ۽ مُدي خارج ٻارَ) لاءِ آھي. بظاھر ته ھڪ پتڪڙي مڇي پنھنجو گھر ڇڏي دنيا ڏسڻ لاءِ نڪري ٿي، پر جي اسان سڀئي اھا پتڪڙي ڪاري مڇي ٿي پئون ته؟!
ھن ڪھاڻيءَ جو ليکڪ، صمد بھرنگي (1939- 1968) تبريز، آذربائيجان-ايران جو ڀلوڙ ليکڪ ھو. ھيءَ ڪھاڻي سندس جڳ مشھوريءَ جو سبب بڻي. صمد پيشي جي لحاظ کان استاد ھو ۽ سياسي حوالي کان سماجوادي (سوشلسٽ) ڌر سان واسطو رکندو ھو. ھن فارسيءَ کان علاوه آذري ٻولي ۾ پڻ لکيو. ماڻھن جي بک، بدحالي، سماجي اڻبرابري سندس لکڻين جا موضوع ھئا. ٻاراڻي ادب جي کيتر ۾، صمد جي لکڻين کي ڏاڍي مڃتا مليل آھي.
ھيءَ ڪھاڻي فارسيءَ ۾ ’ماھي سياھ ڪوچولو‘ جي نالي سان ڇپي ته 1967 ۾ ھئي ۽ ستت ئي ان تي بندش به وڌي وئي پر ان ننڍڙي ڪھاڻيءَ کي  2015 ۾ ’سال جو بھترين ٻاراڻو ڪتاب‘  قرار ڏنو ويو ھو. ايران اندر سٺ وارو ڏھاڪو ايراني خفيه ايجنسيءَ جي راڪاسي ڪاروائين، سياسي ماڻھن، اديبن، دانشورن جي قتلام ۽ بادشاھ جي ڏاڍائين جي ڪري مشھور آھي.
صمد بھرنگيءَ جي موت جو ذميوار به بادشاھ جي بدنام خفيا ايجنسي ’ساواڪ‘ کي ئي سمجھيو ويندو آھي. سندس قتل کي حادثاتي شڪل ڏيڻ لاءِ کيس ٻوڙي ماريو ويو.مُدي خارج ٻارن صمد بھرنگيءَ جھڙي حقيقي ٻار کي ڌڻ کان ڌار ٿي سوچڻ جي اھا سزا ڏني. پر صمد جي اندر جي ٻار جيڪو تخليقي ڪم ڪيو سو اڄ تائين دنيا جي انيڪ ماڻھن لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل آھي.

شفقت قادري

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
http://roshnipublication.blogspot.com/

Book No . 842
Kitab Jo Nalo : NANDHRI KARI MACHHI

By: Samad Bahrangi
Transleted by: Shafqat Kadri

First Edition © 2017
Pages : 32
Size : Double Crown
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 50.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG