Posts

Bengal Chho Dhar Thayo? ( Why did Bengal split from Pakistan)

Image
ليکڪ پاران بنگال بابت هيءُ ڪتاب به، دراصل، منهنجي اُنهي تحقيقي منصوبي جو حصو آهي، جنهن تحت، سنڌ جي قومي سوال جي پسمنظر ۾ پاڪستانَ جي تاريخَ ۽ سياست تي 30 تحقيقي ڪتاب لِکڻ جو ارادو اٿم، ۽  مُون لاءِ اِها خوشيءَ ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي، ته مان گذريل ڏهن سالن کان لاڳيتي محنت، تحقيق ۽ مُطالعي ۾ مصروف رهڻ کانپوءِ  پنهنجي تحقيقي منصوبي جا لڳ ڀڳ چوڏهن ڪتابَ لکي ورتا آهن، جن مان پنج ڇپجي ويا آهن، ۽ ٻيا ڪجهه ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن،  ته ڪجهه ڇپائيءَ جي انتظار ۾. بهرحال، مَحدود وسيلن ۽ سَهولتن جي کوٽ جي باوجود ڪم ڪرڻ جو پَڪو ارادو اٿم، ۽ ويساهه اٿم، ته پاڪستان جي تاريخَ (History) ۽ سياستَ (Politics) تي 30 تحقيقي ڪتابن جي سيريز جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ ادارا ضرور انهيءَ انفرادي ڪوشش کي مثال بڻائي، تحرڪ وٺندا، ۽ سنڌ ۾ تحقيق جي رجحان ۽ لاڙي کي سَگهه ڏيارڻ ۾ گهربل ڪردار ڪندا.   بهرحال، هاڻ، هيءُ بنگال بابت ڪتاب لائق پڙهندڙن جي هَٿن ۾ آهي. هن مقالي جو پهريون باب پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪَ ۾ بنگال جي ڪردار بابت آهي، جيڪو 1940ع کان وٺي 1947ع واري دؤر جو احاطو ڪري ٿو.  اِن بابَ ۾، مُختصر طور تي، بنگال جي پاڪ