DUNYA JOON INQLABI AURTOON































لطيف آباد نمبر 8 جي لاڪ- اپ ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڪيترو عرصو ڪچو قيدي رهڻ، ۽ سمري ملٽري ڪورٽ 19، حيدرآباد طرفان هڪ سال سزا دوران، قيد ۾ هڪ ئي وڻندڙ وندر هوندي هئي: ’ڪتاب پڙهڻ‘. جيترا ڪتاب مون هڪ سال جي قيد دوران پڙهيا، ايترا ڪتاب ٻاهر پڙهڻ جو موقعو ڪڏهن به نه مليو. جيل ۾ مون نه رڳو ڪتاب پڙهيا، پر دوستن سان گڏجي وسيع گڏيل مطالعو به ڪيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا مضمون وڻي ويندو هئم ته ترجمو ڪري اخبارن يا رسالن کي ڇپڻ لاءِ موڪلي به ڏيندو هئس.
جيل ۾ ’سياست ۽ انقلاب‘ بابت ڪتابَ وڌيڪ پڙهبا هئا. اهڙو ئي هڪڙو ننڍڙو اردو ڪتاب، ’انقلابي عورتين‘ (مصنفه: فرزانه نصير) پڙهي پُڄايم. هن ڪتاب منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي، ۽ اُن مان ڇهن انقلابي ڪردارن- زرقا (فلسطين)، فاطمھ محمد برناوي (فلسطين)، جميله بُوپاشا (الجزائر)، زويا اناطوليا (روس)، ليوخولان (چين) ۽ نگوين ٿي چائو (ويٽنام)، 10 جنوري 1982ع تي ترجمو ڪري ورتا هئم. ۽ جيل مان ڪنهن نموني اهو مسود  ٻاهر موڪليو هئم- جيڪو ڪتاب، ’دنيا جون عظيم انقلابي عورتون‘ نالي سان، مارئي اڪيڊمي ۽ سڪرنڊ ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڌار ڌار ڇپيو ۽ اُن کان پوءِ ان جا ٻه ٻيا ڇاپا، ڪُل ڇهه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.
1991ع ۾، جيئي سنڌ محاذ جو ترجمان رسالو ماهوار ’پڙاڏو‘، منهنجيءَ ترتيب هيٺ نڪرندو هو، جنهن ۾ مون ٽن انقلابي عورتن: رشيده عبيد، مريم الجليل (فلسطين) ۽ آنا ماريا (ايلسوا ڊور)، بابت مضمون شايع ڪيا هئا، گهڻو عرصو گذري وڃڻ سبب ياد نه رهيو اٿم ته اهي طبعزاد مضمون هئا يا ترجمو، بهرحال، اهي به هن ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾ شامل ڪيا اٿم. 
اهڙيءَ ريت هڪ مضمون، ’مائي بختاور شهيد‘ (سنڌ) بابت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر مرحوم جو ۽ هڪ مضمون ’مائي راڻي حُرياڻيءَ‘ بابت قادر سيال جهڏائيءَ جو  ڳولي، هٿ ڪري، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا اٿم. ان ان کانسواءِ ’عورتازاد‘ رسالي مان ڀيڻ پريانڪا ڏيرو جو ڪيوبا جي انقلابي نياڻي ’سيليا‘ بابت ۽ هڪ ننڍڙو مضمون ’ويٽڪانگ گوريلا عورت‘ بابت ڪاوش مئگزين مان کڻي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿم. 
اهڙيءَ طرح دنيا (سنڌ سميت) جي انقلابي عورتن جي شخصيت، جدوجهد ۽ ڪردار بابت، هيءُ ڪتاب، پنهنجي غلام ديس سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان.
اسان جي ’قومي تحريڪ‘ ۾ سنڌي عورت جي شرڪت نه جي برابر آهي، جي آهي به، ته اُن کي منظم صورت ڏيڻ جي سنجيدي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. ضرورت آهي ته سنڌ جي ’سجاڳ عورتن‘ کي’قومي تحريڪ‘ جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل ڪيو وڃي.
آءٌ سمجهان ٿو ته ان ڏس ۾ هي ڪتاب، ڪجهه نه ڪجهه ڪردار ضرور ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان جي سنڌ جون نياڻيون، هن ڪتاب ۾ شامل ڪردارن کي پنهنجو آئيڊيل بنائين ته آءٌ سمجهان ٿو ته اُهو ڏينهن ويجهو اچي وڃي، جنهن لاءِ اسان ’سرگرم عمل‘ آهيون.
اها حقيقت آهي ته سنڌ جون عورتون اڄ اڳ کان گهڻو سجاڳ آهن، ضرروت صرف ’تنظيم‘ جي آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته جڏهن به سنڌي عورتن کي ’تنظيم‘ ملي وئي ته هُو اسان مردن کان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سنڌي عورت جو ضمير ۽ خمير، حب الوطنيءَ جي جذبي سان ڳوهيل آهي، رڳو اُن کي درست دڳ ۽ رُخ اختيار ڪرڻو آهي.

تاج جويو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 815
Kitab Jo Nalo : DUNYA JOON INQLABI AURTOON

Translated, Written & Compiled by : Taj Joyo

First Edition © 2017
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 160.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG