Posts

Showing posts from June, 2016

KHALIL JIBRAN JOON KAHANYOON

Image
جبران خليل جبران پيدائش ۽ موت ٻه اهڙا اوچتا حادثا آهن، جن آڏو ويچارو انسان بيوس ۽ لاچار آهي. انسان کان نه ته ڄمڻ وقت پڇيو ويندو آهي ته غريب جي جهوپڙيءَ ۾ ڄمڻ پسند ڪندو يا ڪنهن امير جي محل ۾ ۽ نه ئي مرڻ وقت کانئس پڇيو ويندو آهي ته، ڪٿي مرڻ پسند ڪندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڄمڻ وقت معصوم ٻار پنهنجي خواهشن خلاف رڙيون ۽ دانهون ڪندو خالق جي ان غلاميءَ خلاف ۽ پنهنجي زوريءَ موڪلڻ خلاف احتجاج ڪندو ڄمندو آهي. مجبوري، ڊپ ۽ ڊڄ جي عالم ۾ سهڪي سهڪي مري ويندو آهي. جبران خليل جبران به لبناني ڌرتيءَ تي مقدس صنوبرن جي ڇانوَ ۾ ”بشرى“ ڳوٺ جي مقدس سر زمين تي 1883ع ۾ پهرين احتجاجي رڙ بلند ڪئي، ان ڏينهن ڊسمبر جي ڇهين تاريخ هئي. ننڍڙو ڳوٺ ”بشرى الارزالخالد“ ۾ سندس جنم ٿيو، سندس ڳوٺ ويجهو ”سيدون“ ۽ ”طيري“ ڳوٺ به هئا. هي اهل فنيشيا جا وڏا مرڪزي شهر هئا، جتان تهذيب ۽ تجارت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻين ملڪن تائين پهتي... انهن شهرن يونان کي آباد ڪيو ۽ تهذيب سيکاري. انهن ئي روم جو بنياد وڌو، انهن ئي آفريقا کي آباد ڪيو. مطلب ته اهي شهر ئي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا تائين پهچائڻ جا دروازا هئا. جبران جي پيءُ جو نانءُ ’خليل‘، سندس