HOO, JO SARAPA ISHQ HO
ٽِمو مَ نيڻاهَه ... * منهنجي زندگي ’مصروف‘ ۽ ’منتشر‘ رهي آهي. سٺ ساله زندگيءَ ۽ ’ٻائيتاليهه ساله ملازمت‘ ۾ آءٌ نه گهر ٺاهي سگهيو آهيان، ۽ نه ئي ڪو بئنڪ بيلنس! آءٌ جڏهن ڄائو هئس، تڏهن منهنجي وات ۾ چانديءَ جو چمچو نه هو، ۽ اڄ جڏهن رٽائر زندگيءَ سان منهان مُنهن آهيان، تڏهن به مون وٽ چانديءَ جو چمچو نه آهي. ڪالهه به مون کي خوددار هاري حاجي جويي جي ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ واري زندگي ڏاجَ ۾ ملي هئي، ۽ اڄ به مون وٽ مسواڙي گهر آهي ۽ هاريءَ پيءُ کان مليل اباڻا ڪکَ، ڳوٺ مجيد ڪيرئي ۾، منهنجو هڪ ’صالح شاگرد‘ قبضي ڪيو ويٺو آهي. مون، چاچس ۽ کيس پنهنجن ڪکن جي نظرداريءَ جي پارت ڪئي هئي، پر مون کي معلوم نه هو، ته ’ايڪسائيز ڊيوٽي‘ اوڳاڙيندڙ ’صالح شخص‘ منهنجن اباڻن ڪکن کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو. مون کي ته اڃا ’پينشن‘ جا به پئسا نه مليا آهن، ڇو ته چون ٿا ته ’پينشن جا پئسا‘ وٺڻ ۽ ’پينشن جاري ڪرائڻ‘ لاءِ به ”پئسا“ ڏيڻا پوندا آهن، ۽ مون وٽ ’ايترا پئسا‘ نه آهن. آءٌ سڄي زندگي ’ماستر‘، ’قومي ڪارڪن‘ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اداري جو ’چوڪيدار‘ رهيو آهيان. آءُ سائين جي. ايم. سيد جو شاگرد آهيان، جنهن جي اُجرن ڪپڙن تي