Posts

Showing posts from April, 2016

MITI’A HAANA MANHU (THE WRITCHED EARTH)

Image
سڀ اکر، گهڻا لفظ فرانز فينن، اُهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن دنيا جي آڏو پهريون ڀيرو اها ڳالهه پيش ڪئي ته سرمائيدار ۽ سوشلسٽ دنيا کان سواءِ هڪ ’ٽين دنيا‘ به ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي موجود آهي- جا اوسر جون وکون کڻي رهي آهي، ۽ جتي اڃا ’بيٺڪيت‘ (coloialism) جو ديو، پنهنجا خوني چنبا کوڙيو ويٺو آهي. اُن ديو سان ’ين دنيا‘ جا هيڻا، پِتڪڙا، بي سهارا ۽ بي هٿيار انسان، پنهنجي جنم جي حق [آزاديءَ] جي جنگ جوٽيو ويٺا آهن. يورپ، هڪ طرف سائنسي ميدان ۾ بنهه اڳتي آهي، ته ٻئي طرف اُن جي پيشانيءَ تي ٽين دنيا جي ترقي پذير ۽ جديد بيٺڪيت جي شڪار مُلڪن تي ٿيندڙ وحشياڻي ڏاڍ جو ٽِڪو موجود آهي. اڄ جان پال سارتر جي لفظن ۾: ”ٽين دنيا، پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻي ورتو آهي، ۽ اُها فينن جي آواز ۾ پنهنجن ماڻهن سان مخاطب آهي.“ اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته يورپ جا سمورا ڏاڍَ، سموريون چالاڪيون، سمورا غلاميءَ کي برقرار ۽ دائمي رکڻ وارا منصوبا، سمورا هٿيار، ’ٽين دنيا‘ ۾ آزاديءَ جي موجود تحريڪن کي خاموش ڪرائي نه ٿا سگهن- ها، آزاديءَ جي حاصلات ۾ دير ته ڪرائي سگهن ٿا، البت روڪي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿا سگهن. سارتر، سچ لکيو آهي ته: ”اينگلس کان پوءِ في

HASHOO KEVALRAMANI

Image
هو نه هوندو هو حشو! جنم : 14 ڊسمبر 1914ع شهر : ڀريا (هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جو تعلقو، هيڊڪواٽر)، سنڌ پرائمري تعليم : ڪي. سي اسڪول ڀريا سيڪنڊري تعليم : N.J.V هاءِ اسڪول، ڪراچي وڌيڪ تعليم : سري لنڪا، انگلينڊ - 40 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي سماج جي مکيه اديبن، سياسي رهبرن، ۽ شاعرن جي تربيت ڪيائين. جيل ياترا 1940ع- 1942ع: ارڙهن مهينن لاءِ جيل ۾ ويو. 1949ع: 10 مهينن لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي سرگرمين ڪري باندي بڻايو ويو. جلاوطني ورهاڱي بعد سنڌ ۾ رهڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺو، پر سياسي سرگرمين سبب کيس 1950ع ۾ پاڪستان پبلڪ سيفٽي آرڊيننس هيٺ جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني کانپوءِ حشوءَ جي زندگي جو خاڪو انگريزي اخبارن ۾ پاڪستان جي اندروني سياسي مسئلن تي ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ورهاڱي جي عذاب ۾ جان، مال، ملڪيتون ۽ سکيءَ ستابيءَ زندگيءَ تان دستبردار ٿيندڙ سنڌ واسين جي درد ۽ ڀوڳنائن کي پنهنجي ڪالمن ۾ ورجائيندو رهيو. سنڌ جي اديبن ۽ اهم سياسي اديبن سان خط ڪتابت جاري رکيائين. 1957ع ۾ سنڌو سماج جو اڳواڻ منتخب ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ ٻين سان گڏجي حشوءَ لک ماڻهن جون صحيحون هٿ ڪري