Posts

Showing posts from July, 2015

WATAYO FAQEER

Image
وتائي فقير متعلق هن کان اڳ منهنجا مرتب ڪيل ڪتاب ”وتايو فقير سيمينار“ ۾ پيش ڪيل مقالن تي آڌاريل آهن، جن ۾ الڳ الڳ وقتن تي ٻن سيمينارن ۾ پيش ڪيل مقالن، مضمونن ۽ تقريرن کي سهيڙي، ٻه الڳ الڳ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا. ان بعد ٻنهي ڪتابن مان مواد کي الڳ ڪتابي صورت ڏئي ”وتائي جا رنگ هزار“ نالي ڪتاب مرتب ڪيم، جنهن جا پڻ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. بهرحال، پهرين ٻن ڪتابن ۾ توڙي ان بعد الڳ ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ انهن سيمينارن ۾ پيش ڪيل مواد ئي شامل رهيو. ان بعد خيال آيو ته سيمينار کان اڳ توڙي پوءِ وتائي فقير متعلق ٻيو پڻ ڪافي اهميت جوڳو مواد ڇپجي چڪو آهي، ڇو نه ان کي سهيڙي ۽ اڳ سهيڙيل مقالن، مضمون توڙي تقريرن مان چوند ڪري، وتائي فقير بابت نئين ترتيب سان ڪو ڪتاب تيار ڪجي، سو اها ڳالهه ڳڻي، واڌو مواد سميت سنڌ جي هن داناءَ درويش وتائي فقير جي زندگيءَ، ان دور جي سماجي حالتن، سندس دانائيءَ ۽ درويشيءَ متعلق توڙي سندس همعصرن ۽ ڏيهي، پرڏيهي هم سخنن بابت مواد کي موضوع وار ترتيب ڏئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته وتائي فقير جي فقر فرهي ۾ پڻ اڳئين ناصحانه نقطن ۽ گفتن ۾ وڌيڪ اهي شامل ڪري رهيا آهيون، جيڪي

PISHOO PASHA AIN BYOON KAHANYOON

Image
جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو ’پشو پاشا‘ ڇو آهي؟ ’پيراڻي‘، ’شاهه جو ڦر‘، ’بدتميز‘، ’بدمعاش‘، ’ڪارو پاڻي‘، ’خميسي جو ڪوٽ‘ يا ’منهن ڪارو‘ وغيره ڇو نه آهي؟ ليکڪ پاڻ ئي لکي ٿو ته ”مون کي نه ڪتاب جو نالو وڻيو ۽ نه ٽائٽل ڪَور، پر پبلشر خرچ ڪري چڪو هو ان ڪري قبول ڪرڻو پيو.“ پبلشر اهو نالو ڇو رکيو؟ شايد ان ڪري ته ادبي لڏي ۾ پشو پاشا ڪهاڻي سڀ کان وڌيڪ تنقيدي ڇنڊڇاڻ هيٺ آئي، ۽ ان تي تنقيدي رايا ٽِماهي مهراڻ ۾ تسلسل سان ڇپجندا رهيا، جيڪي هن ڇاپي ۾ به پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. ڪتاب جو اهو نالو ادبي ضرورت هئي يا مارڪيٽ جي؟ اهو بحث هاڻي فضول ٿي ويو آهي. هن ڇاپي جو نالو به ساڳيو ’پشو پاشا‘ برقرار رکيو ويو آهي جو هاڻي ڪهاڻين جو هي مجموعو ان ئي نالي سان مشهور آهي. البت ٽائٽل سادو رکيو ويو آهي، جو ليکڪ پاڻ به ان سان متفق ڪونه هو ڇاڪاڻ ته پِشوءَ جو ڪردار جوشيلي سياسي ڪارڪن بدران ’دهشتگرد‘ جهڙو نظر ٿي آيو. هيءُ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ڇهون ڇاپو آهي. انهن مان هڪ ڇاپو مرحوم طارق اشرف پاڪيٽ سائيز ۾ ’بدمعاش‘ جي ٽائٽل هيٺ منظر عام تي آندو هو. پشو پاشا مجموعي جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو مرحوم پروفيسر محسن