PATHARAN JO SHEHAR (Novel)
”پٿرن جو شهر“ جا ٽيهه صفحا آئون يڪساهي پڙهي ويس. ناول فرسٽ پرسن ۾ لکيل آهي ۽ ان جا مرڪزي ڪردار ملهار ۽ ساونت آهن. ٻئي سٺا دوست آهن. ڪهاڻي، يونيورسٽيءَ کي ڇڏي، جڏهن ملهار جي ڳوٺ پهچي ٿي، ته مومل جو ڪردار ائين اڀري ٿو اچي، جيئن سانوڻ جي پهرين رُت جي پهرين کنوڻ ۽ ڪڻي. آئون سوچڻ لڳس ته اڳتي ڇا هوندو. ملهار، جيڪو سٺو پڙهندڙ هڪ يونيورسٽيءَ جي ڇوڪري وينگس جي عشق ۾ الجهي ٿو وڃي، کيس خبر ئي ڪانهي، ته مومل ساڻس ڪيڏو پيار ڪري ٿي. هو مومل کي ڀيڻ سمجهندو آ، جا سندس ماسات آهي. ٻيو مرڪزي ڪردار ساونت، جيڪو نه فقط بهترين پڙهندڙ آ، پر بهترين صحافت جو ڪردار نڀائيندو ٿو رهي ۽ کيس خطرناڪ حادثي پيش اچڻ کان پوءِ به صائمه جاگيردار جي ڌيءَ هوندي، ساڻس بي انتها پيار ڪري ٿي. سٺ وارو ڏهاڪو وڏي هڻ هڻان جو ڏهاڪو هو، اهوئي ڏهاڪو سنڌي ادب جي عروج جو ڏهاڪو هو ۽ شيخ اياز هڪ giant جيان نمايان ٿي اڀريو. اهو زمانو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو نمايان دور لکيو ويندو. حيدرآباد ۾ اسان جي پنهنجي جدا چنڊال چونڪڙي هوندي هئي، جنهن جو اڳواڻ شمشير الحيدري هو. غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف هندستان ويا هئا ۽ اسان هندستان جي جديد ادب کان واقف ٿيا هئ