Posts

Showing posts from September, 2015

KHAT’A AEEN KHAYAL

Image
سائين جي. ايم. سيد حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو معمار آهي. هڪ اهڙو معمار جنهن کي قوم جي سمورين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اوڻاين ۽ ضرورتن جي اُون هئي. ان حوالي سان سندن ڪوشش هوندي هئي ته قومي معيار کي بلند رکڻ لاءِ لاڳاپيل ضرورتن جي پورائي به ڪئي وڃي. ظاهر ڳالهه آهي ته ايترين گهڻ پاسائن ضرورتن جي پورائي، ڪنهن هڪڙي فرد جي وس جي ڳالهه ته ڪانه هئي. ساڳي وقت جڏهن قوم جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن ان جي ننڍن وڏن قبائلي ۽ نسلي تفاوتن کي درگذر ڪندي به سيد سنڌي قوم کي وحدت وارو نئون موڙ ڏنو. سنڌ جا ماڻهو جيڪي مذهب جي بنياد (جنهن جو پوءِ آهسته آهستي ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي پڻ اثر پوڻ لڳو)تي سنڌي هندو ۽ مسلمان گروهن ۾ ورهايل هيا. ۽ بدقسمتيءَ سان سنڌ جا غير مسلم تعليم ۽ سول سوسائٽيءَ جي معاملن ۾ اڳڀرا هئا. اهڙي ماحول ۾ قومي مفادن جي بنيادن تي ڪن ادارن جو جوڙڻ ۽ انهن کي تفرقي بازيءَ کان پاسي تي رکندي سڀني جي سهڪار سان، سڀني لاءِ قابلِ قبول ڪري هلائڻ، تمام وڏو ڏکيو مسئلو هو. ان مسئلي کي صحي نموني حل ڪرڻ لاءِ سائين جي. ايم. سيد کي قوم جي مختلف ڪمن لاءِ پڙهيل لکيل طبقن مان وڻون وڻون جي ڪاٺي ڪري پڙهيل ڳڙهيل

VETNAMI KAHANYOON

Image
اٽڪل ساڍا چار سال اڳ مون هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”موٽڻ جنين ميهڻو“ جو ترجمو ڪيو هو ۽ ان جي مهاڳ ۾ لکيو هوم: ”جيئن انساني بدن جو مرڪز دل ۽ دماغ آهي تيئن سموريءَ ڌرتيءَ“ سموريءَ انسان ذات جا به ڪي مرڪز هوندا آهن. اهي وقت به وقت بدلبا رهندا آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي ته اڄ سموري ڌرتيءَ،  سموري انسانيت جي دل ويٽنام آهي. ويٽنام اڄ روءِ زمين جي انساني نيڪي، ڏاهپ، مڙسيءَ، قربانيءَ سورهيائيءَ، سچائيءَ، سونهن ۽ پيار جو مرڪز آهي. ويٽنام انسانيت جي هزارين لکين سالن جي واڌاري جي اوچي ۾ اوچي منزل آهي. ويٽنام انسان ذات جي سڀني اڳين، پوين ۽ هاڻوڪن اعليٰ گڻن جو نچوڙ آهي. جيڪڏهن اڄ سمورن اڳين، پوين  ۽ هاڻوڪن نيڪن، ڏاهن، شاعرن، فيلسوفن، سهڻن عاشقن، سورمن کان پڇي سگھجي ته ’توهان جنهن نيڪي، ڏاهپ، شاعري، فلسفي، سونهن عشق يا سورهيائيءَ جا گھورا آهيو تنهن جو ملڪ ڪهڙو؟‘ ته گھڻا يقيناً ويٽنام ڏانهن اشارو ڪري چوندا ”اهو!“ دنيا جي هر دور ۾ هر ملڪ ۾ دودا، دريا خان، هوشو ۽ هيمون پيدا ٿيندا رهندا آهن. انهن جي جذبي، جرئت ۽ جولان مان اڄ هر هنڌ، هر ملڪ ۾ وڌي ويجھي راڄ ٿي پيا آهن، پر ويٽنام سڄي جو سڄو دودا ۽ دريا خان آهي، س