Posts

Showing posts from January, 2015

SHAHEED MAHA RAJA DAHIR

Image
تعارف ( ڏاهر کي ياد ڪرڻ جي سلسلي جا هي چند تعارفي صفحا، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب خاني مان حاصل ٿيا آهن. مواد منجهان معلوم ٿئي ٿو ته ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ تحريڪ واري دور ۾، جڏهن اهو طئه ڪيو ويو هو ته سنڌ جي سورمن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ مواد رکيو وڃي. سنڌ جي سرزمين ۾ مها راجا ڏاهر جو اول نمبر آهي. ان ڪري سندس ياد جو ذڪر ٿيڻ سان جا واويلا شروع ٿي هئي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سيد هي تعارفي مواد لکيو هيو، پر اهو ڪٿي شايع ٿي ڪونه سگهيو. مها راجا ڏاهر جي شخصيت ۽ ڪردار بابت تيار ٿيندڙ، هن ڪتا ب ۾ اهو مواد تعارفي طور شامل ڪجي ٿو.) راجا ڏاهر جي تيرهن سو ورهن کانپوءِ ياد تازه ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيئي آهي؟ اهو ذرا غور طلب مسئلو آهي. ان تي جذباتي طور نظر وجهڻ جي عيوض حقائقِ وقت جي نقطه نگاه کان ڏسڻ ضروري آهي. اها خواهش رڳو سنڌ ۾ نه، پر دنيا جي ٻين مسلمان ملڪن ۾ وقت بوقت پي پيدا ٿي آهي، خصوصاً اهڙي دورن ۾ جڏهن انهن ملڪن جي ماڻهن کي سندن قومي تهذيب، تمدن ۽ سياسي آزاديءَ کان خطرو محسوس پي ٿيو آهي، ته هنن منجهن قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سندن قديم روايات کي زنده ڪرڻ ضروري ڄاتو ٿي. مثلاً: (1) سلطان محمود غزنويءَ جي دربا

SHAHEED MAKHDOOM BILAWAL

Image
سنڌ جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي تعاون ۽ سندس نگرانيءَ ۾ شهيد مخدوم بلاول جي شخصيت ۽ ڪردار بابت ڪيل هيءَ ميڙان چونڊي 2006ع ۾ شايع ٿي هئي، جنهن جو ڊاڪٽر صاحب، مهاڳ پڻ لکيو هو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ واري مقصد سان تيار ڪيو ويو هو.  مخدوم صاحب کي سنڌ جي محب وطن شهيدن ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي، ان ڪري مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ سندس ڪردار بابت اٿاريل م تضاد راين بابت تحقيقي انداز ۾ تيار ڪيل هن مواد کي ڪافي پذيرائي ملي. ان پذيرائيءَ جو فائدو وٺندي سنڌ جي ڪن جڳاڙي پبلشرن ڪوڙِ نالي سان ساڳي مواد جي ٽريس ڪاپي تيار ڪرائي ورتي. ان جو بنيادي سبب سنڌ جي تعليم کاتي پاران ان ڪتاب کي تعليمي ادارن جي لائبررين لاءِ خريداريءَ واسطي منظور ڪرڻ هو. اهڙي ريت انتهائي ردي ڇپائي ۽ اخباري ڪاغذ تي فرضي نالي سان، هن ڪتاب جو آندل اهو ڇاپو مفاد پرست پبلشرن ۽لالچي خريدارن جي ڳٺ جوڙ سان مختلف تعليمي ادارن جي لائبررين تائين پهچايو ويو. نه رڳو ايترو پر ان ملي ڀڳت سان ڪيترن ئي ٻين مشهور ليکڪن جي نامور ڪتابن جون ڪوڙيون ڊميون (نالو ساڳيو اندر مواد ٻيو) جوڙي سَوَن جي تعداد ۾ اهڙا ڪتاب سرڪاري ڪاليجن کي