Posts

Showing posts from September, 2017

SINDH GAZETTEER

Image
انگريزن جي دؤر ۾، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، رهڻي ڪَهڻي ۽ ٻيءَ عام معلومات بابت گزيٽيئر لکيا ويا. سُڌريل مُلڪن ۾ گزيٽيئرن جي وڏيءَ اهميت هُجي ٿي. انگريزن وٽ ِاِهو رواج گهڻو آڳاٽو هو. هُنن برطانيا سميت سندس قائم ڪيل بيٺڪيتن ۾ گزيٽيئر ڇپائي پڌرا ڪيا. انهيءَ سان هڪڙو ته اُنهي علائقي، مُلڪ يا صوبي جي مڪمل تاريخ جُڙي پئي، جيڪو ايندڙ وقت جي تاريخ جي شاگردن، مُحققن ۽ تاريخدانن لاءِ هڪ اهم سنگِ مِيل جو ڪم ڏيندو رهي ٿو، جنهن سان ڪنهن به علائقي، ملڪ، صوبي يا ضلعي بابت مڪمل ڄاڻ، جنهن ۾ تاريخ، سياست، سماجي قدر، ثقافت، ذاتين، قبيلن، پوشاڪ، ٻوليءَ، معيشت، طبعي حالت، جاگرافيائي صورتحال، جبلن، ندين، واهن، ڍَؤرن، زراعت، آبپاشي، واپار، رستن، جانورن، ٻُوٽن، سامونڊي ۽ دريائي جيوت، قديم آثارن بابت ڄاڻ ڏنل هجي ٿي، جنهن سان ڪوبه مُحقق ۽ تاريخدان، ماضيءَ ۾ جهاتِي پائي، حال کي انهيءَ سان ڀيٽي، نئين سر تاريخ کي ترتيب ڏئي ٿو. ڏکڻ ايشيا ۾ اچڻ کانپوءِ، انگريزن 1822ع ۾ ڏکڻ ايشيا بابت پهريون گزيٽيئر، والٽر هَئمي هانّس جو ’اِيسٽ انڊيا گزيٽيئر‘ ڇپرايو هو. جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ته سنڌ بابت ڪيتريون سرڪاري