Posts

Showing posts from November, 2017

DAKHAN MAAN THO SIJ UBHRY (Novel)

Image
https://web.facebook.com/RoshniPublication https://twitter.com/RoshniPublicat https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446 Book No . 838 Kitab Jo Nalo : DAKHAN MAAN THO SIJ UBHRY (Novel) Written by: Kirshan Chandar Translated by: Siraj Fourth Edition © Roshni 2017 Pages : 144 Size : Demy Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh Price Rs. 180.00 Contact: 022-2780908, 0333-3782408 http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh اسٽاڪسٽ شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد  ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي،

GONDAR MUHINJY GOAD MAIN

Image
اَلا تو آهر! ”لنڊن ڏانهن اُڏام ٿئي ها، ڪنهن تعليمي رِسرچ جي واسطي سان، ڪنهن تاريخي، آرڪيالاجي، معلومات جي باري ۾، سير تفريح جي سلسلي ۾ ته (ڪيا بات!) ڇا چئجي!“ پر ائين هو ڪونه، اهي ڏينهن، اها صحت، سفر جو اهو سلسلو زندگيءَ جي معمولَ ۽ مزي وارن ڏينهن مان نه هو، تنهن ڪري، استاد جي لفظن ۾ سندس ذهني ڪيفيت، ڪاٽيل لغڙ وانگر هئي- ليڪن بخاري صاحب وٽ، جنهن ڳالهه جي اهميت هئي، سا هيءَ ته: ”ڊُڪندي، ڊوڙندي، لُڇندي پُڇندي، جيڪو سامهون آيو ۽ جيئن ۽ جيترو ٿورو به، اکرن ۾ اَٽڪائيندو وڃان- ڇو ته اهي به پياري کان پياري، سُهڻي کان سُهڻي، پهريون ۽ آخري دفعو مليل زندگيءَ جون نِشانيون آهن...!“ صحت ۽ سَرير کي نظر ۾ رکِي، بخاري صاحب چوندو هو ته، ”هنن حالتن ۾ پاڻ کان جيترو ڪڍي سگهان ٿو، ڪڍان! ٻُڏِي ٻيڙيءَ جون هريڙيونبه چڱيون.!“ اُستاد کي، عُمر جي اختصار ۽ تنگ دِلي کان شڪايت اڳي ئي هئي، ويتر اهڙي بيماريءَ، زندگيءَ جي لڪير ڇِڪي ڏني هئي. تنگ دِل عُمرِ، ڪيو هو ڪَڪِ نه ته، ڪيترو وقت هو اڳيان منهنجي! ڪنهن به ڪَلاوانَ کي ڌُوڙ ڌوئيو ٿي ڏسڻ گهرجي- سچ به، آءٌ دل ۽ اکين تي چاههَ جا چقمق چاڙهي، اُستاد جي ڏات جون گهِٽيو