Posts

Showing posts from November, 2016

DUNYA JEE AWAMI TAREEKH ( A People’s History of the World )

Image
مهاڳ انساني تاريخ ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ کوڙ سارا فڪر موجود آهن جيڪي اُن جي سمجهاڻي مختلف انداز سان ڪن ٿا. ڪي انساني تاريخ کي ”قدرت“ طرفان طئي ٿيل ”قسمت“ يعني اڳواٽ لکيل داستان جو عملي نمونو قرار ڏين ٿا. اُنهن لاءِ تاريخ مختصر لفظن ۾ هيئن هوندي آهي؛ سڀ کان اول هڪ انسان ٺاهيو ويو، پوءِ ٻيو ۽ ٽيون... ۽ آخرت واري ڏينهن جزا ۽ سزا جو فيصلو ڪيو ويندو. ان قسم جي سمجهاڻي ماڻهوءَ منجهه ”قسمت، نصيب ۽ مقدر“ تي ڀاڙڻ جو رجحان پيدا ڪندي رهي ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بي وس، لاچار ۽ گنهگار سمجهڻ لڳي ٿو. اُن جي آڏو تاريخ ڏوهن ۽ ثوابن جو داستان ٿي وڃي ٿي ۽ اڳواٽ لکيل قسمت تي ڀاڙڻ جي نتيجي ۾ انسان سوچ ويچار، تحقيق ۽ ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روڊ حادثي ۾ مري ويو ته چوندا ”بس ادا قدرت کي اهو ئي منظور هو!“، ڪو مشهور حڪمران بيماريءَ وگهي، يا ڪنهن ويڙهه ۾ مارجي ويو چوندا ”بس ادا بيماري /گولي ته بهانا هئا!“ زلزلو آيو، طوفان آيو، گهڻي برسات ٿي چوندا ”ائين ئي ٿيڻو هو!“ اهو رويو مستقبل بابت لاپرواهه ڪري ڇڏي ٿو. نتيجي طور تاريخ جي اهڙي سمجهاڻي عقل، جدت ۽ سائنس دشمن نفسيات کي جنم ڏيندي رهي آهي. بيو رويو اهو آه

TANEE MANK MERYA

Image
سنڌ جي عظيم،د اناءُ، لافاني ۽ عوامي انقلابي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي شاعريءَ تي جيڪا تحقيق ٿيڻ کپندي هئي، سا اڃا تائين ڪونه ٿي سگهي آهي. لطيف اعليٰ انساني آدرشن ۽ عالمي ليول جو شاعر آهي. محترم رسول بخش پليجو صاحب گوناگون صلاحيتن جو مالڪ آهي. سندس جيتري عالمي سياست تي گهري نظر آهي، اوترو ئي پاڻ عالمي ادب جو پڙهندڙ ۽ پارکو آهي. هن کي عالمي شاعريءَ جي اُفق جا اعليٰ شاعر جي شاعري برزبان ياد آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پليجي صاحب دنيا جي عظيم ۽ يگانن شاعرن جي چوند عالمي شاعريءَ جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري ”آندائون عميق مان“ جهڙو شاندار ڪتاب ڏنو. پليجي صاحب لطيف جي شاعريءَ جي عظمت، جدوجهد، حب الوطني، جستجو، جاکوڙ ڪرڻ، ڳولا ڪرڻ، ورچي نه ويهڻ، انسان دوستي، پورهيت دوستيءَ سميت، عوامي انقلابي ۽ فڪري پاسن تي عالمي شاعريءَ جي پسمنظر ۾ عام فهم ٻوليءَ ۽ عالمانه انداز ۾ نئين، نرالي ۽ جديد تشريح ڪري، اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مولانا رومي، حامي، حافظ شيرازي، عمر خيام، فردوسي، بابا بلهي شاهه ۽ ٻين عظيم ۽ يگانن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. محترم رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ”جشن لطيف“