KINARAN TAAN SAD (Poetry)
شاعريءَ لاءِ چورايل پَل! فطرتي جماليات کان نظرياتي رومانس تائين جي دلربا وابستگيءَ جو شعور رکڻ وارو ڪوبه حساس ماڻهو ڪنهن به اهڙي معاشري ۽ ماحول ۾ ڪڏهن به سُڪون جي چادر تاڻي اکيون پوري سُمهي نٿو سگهي، جتي ڊگهي اوپرائپ جو شهر پکڙيل هجي! ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندڙ معاشري جي نه سمجهه ۾ ايندڙ مزاج تي سوچي اڪثر ڪري سامايل چريان ڇوڪرين جهڙا ٻرندڙ سوال هٿن ۾ پٿر کڻي جڏهن وجود جي پوينا ڪاهي پوندا آهن، تڏهن ذهن پراڻي زماني جي پارسي ماڻهو جي لاش جهڙو ٿي ويندو آهي، جنهن کي ڪنهن ڏورانهين اوچي ڏونگر تي ڇتا ڪانگ پٽيندا رهندا آهن ۽ بکايل ڳجهون ٻيرو ٻيرو ڪري کائينديون رهنديون آهن! پوءِ محسوس ائين ٿيندو آهي ته ڄڻ سمورا فلسفا گهرگهلا ٿي پَٽ تي ڪري پيا آهن! ڄڻ ته هوا گهُلڻ کان نابري واري بيهي رهي آهي! ڄڻ ته جهرڪين جي چُونگار تي ڪنهن پير رکي ڇڏيا آهن! تڏهن شاعري لاءِ وقت جي وهڪري مان ڪجهه پل چوري ڪرڻا پئجي ويندا آهن، ڇو جو ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آهي! پر الميو اهو آهي ته اسان وٽ ليکڪن ۽ شاعرن کي هڪڙا گهڙيل ضابطا اخلاق ياد ڏياري اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اوهان جا کنڀ ڪُتريل آهن، ان ڪري وڏي فڪري اُڏام ڪرڻ جي ڪابه