Posts

Showing posts from October, 2015

GOONDAR VEENDA GUZRI (Poetry)

Image
ويهين صدي جون پويون اَڌُ ـ اُن جي چوٿي ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي، اُن جون پنجون ڏهاڪو، اُن جو ڇهون ڏهاڪو، اُن جو ستون ڏهاڪو ۽ اُن جو اڄوڪو اٺون ڏهاڪو... اسان لاءِ زنجيرن ۾ ٻڌل جبل جي وڏي ڇِپَ وانگر گھِسڪندو ۽ گھِلجندو ئي رهيو ۽ اسين اُن جي اَڳ ۾ ڌڪبا ۽ ٿيلهبا، رتورت ٿيندا ۽ چيچلائبا ئي رهياسين. سماج ۾ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ڪنو ۽ ماضي جي ڀُوتُ اسان جي ڪنڌُ تي سُوار، اڙيون هنيون، مڳُ بڻيو، ويٺو  رهيو. انگريز ناول نويس چارلس ڊڪنس (1812ـ70ع) پنهنجين ڪن اهڙن ئي ڏينهن کي ”ڏکيا ڏينهن“ سڏيو هو ۽ ان نالي سان پورو نالو لکي، پنهنجي ديس واسين لاءِ اُنهن جو نقشو چِٽيو هو. اسين ويهين صديءَ جي جي پنهنجي هن پوئين اڌ کي پاڻ لاءِ ڇا سڏيون! پر هن تان اونداهي مان اُهاءَ جو دؤر اسان کي به اسان جي اديبن ۽ اسان جي شاعرن ئي ڏيکاريو ۽ ڇو نه ائين نه هجي؟ سچن شاعرن ۽ اديبن جي ئي دلين ۾ پنهنجي وقت جا پڙاڏا گونجندا آهن، ۽ اهي ئي پهرئين، وقت جي زخمن جو رت رسندي ڏسندا آهن ۽ انهن کي چيٺڻ ڏانهن به اُنهن جو ئي ڌيان رهندو آهي، بلڪ اُن کي هي پنهنجي مخصوص ذميداري سمجھندا آهن. پنجاھ، سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن واري عرصي ۾ وطن

GULABAN JO KAFAN (Poetry)

Image
هي ڪتاب بس هڪ دل جي ڳالهه آهي! مون کي پرائمريءَ ۾ منهنجي استاد (گمنام اديب) هڪ ڀيري ناجائز مار ڏني هئي! منهنجي جسم تي لٺين جا ايترا ته نشان جاڳيا هئا، جو آئون ڪجهه راتيون اونڌو سُمهي رات کٽائيندو هوس. امڙ آيوڊيڪس سان مالش ڪندي هئي، پوءِ جڏهن هاءِ اسڪول جي نائين ڪلاس ۾ پهتس ته ان گمنام اديب مون لاءِ پنهنجي لائبريري کولي ڇڏي، هن منهنجي شروعاتي شاعري ڏسي چيو: ”لکندو وڃ ۽ ڏهن سالن تائين پويان لئونـڻو  نه هڻجان، ڏهن سالن کان پوءِ ترسي ڏسجان ته تون ڪٿي بيٺو آهين!؟“ هاڻ توڙي جو مون کي ڏهن سالن جو عرصو لکندي مڪمل ٿي چڪو آهي، پر مون پويان لئونڻو هڻي ڏسڻ جو ان ڪري به سوچيو ناهي، جو اڃان منهنجي هٿن ۾ درد جي شدت ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ ٻيو اهو ته مون محسوس ڪيو آهي ته مون اڃان لکڻ جي ته شروعات ئي هاڻ ڪئي آهي! پاڻ لاءِ ڪنهن مقام جو تعين ڪرڻ هلڪڙن ماڻهن جو ڪم آهي، ڇو جو فيصلا ۽ يقين ڪرڻ ته تاريخ جي ذميواري آهي! آئون جنگ جي زماني (1971ع) جو پيدا ٿيل ماڻهو آهيان، ته منهنجي لکڻ جو جنم به رَتَ ۽ باهه واري دؤر ۾ ٿيو آهي، ان ڪري منهنجون ڪوتائون به قوم پرستيءَ جي مهڪ کان آجيون ناهن، اهو پاسو مون وٽ لاشعوري به