Posts

Showing posts from September, 2016

HUM OSAT ( Novel )

Image
آغا سليم جو هي ناول، سنڌ جي اُن تاريخي دؤر سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ شاهه لطيف ڀٽائي، صوفي شاهه عنايت، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري ۽ مخدوم معين ٺٽويءَ جهڙا صوفي ۽ سيڪيولر بزرگ موجود هئا. ان وقت سنڌ تي مغلن جي حڪومت هئي. تڏهن سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾، جهوڪ جي شاهه عنايت: “جو کيڙي سو کائي” جو ڪميونواد نظريو عمل ۾ آندو. آس پاس جي جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ڊپ لڳو ته سندن هاري به باغي بنجي ويندا. ٺٽي جي مغل گورنر هنن جِي دانهن تي فوج چاڙهي موڪلي، شاهه پنهنجن ساٿين سان گڏ فوج جو مقابلو  ڪندي شهيد ٿي ويو. هي ناول، ‘همه اوست’، سنڌ جي ان ئي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۾ لکيل شاندار ناول آهي. جنهن جي اُڻت ۾ تصوف ۽ سيڪيولرزم کي بنيادي حيثيت آهي. شوڪت حسين شورو https://twitter.com/RoshniPublicat https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446 https://www.goodreads.com/gro …/show/77628-roshni-publication Book No . 782 Kitab Jo Nalo : HUM OSAT ( Novel ) by: Agha Saleem [First Edition New Fields Publ

DARD JOON MUSAFIRYOON

Image
سُڪون مهانگو صُبح آهي! دنيا گلوبل وليج جي حَسين خواب ۾ ٻُڏل آهي، پر ڪن ٻين گهُٽيل معاشرن جيان اسان جو سماج به چانڊوڪين کان پرتي گهگهه اونداهين ۾ غرق آهي! جتي واٽ واٽ تي ڌٻڻيون اوجاڳيل آهن! اسان وٽ اڄ به اظهار جي آزاديءَ مفلوج ٿيل آهي، جنهن مسئلي تي بيباڪ ڏاهپ ڪنڌ جُهڪائي ويٺل آهي! پر دوا اڻلڀ آهي! اظهارجي آزادي اسان کي ايتري گهڻي حاصل آهي جو ٻه چار ٺاهوڪا لئونڻا هڻي پوءِ ڪنهن سان ڳالهايون ٿا ته متان ڪٿي ڳالهه ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي! مڪمل آزادي سان اظهار ڪري سگهڻ سچ ته ڪنهن خواب مثل آهي، چئوڦير دائرا نڪتل آهن. لوڙها، سنگهرون، خاردار تارون ۽ ممنوع حدن جا ليبل لڳل واٽون وات ڦاڙي بيٺل آهن! جيئن ملڪن جون سرحدون ڇڪيل آهن، ائين ئي اسان وٽ اظهار لاءِ به حدون جڙيل آهن! پوءِ به عشق جي گهُرجن کي روح ۾ رکي ڪُنڊ پاسو وٺي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيون ٿا، عشق جي تتل سرير تي چَپ رکي ڇڏيون ٿا!... ها... ڪجهه نه ڪجهه اوري ڇڏيون ٿا. ڪا تند چوري ڇڏيون ٿا! اڻپورن اظهارن سان هلندا رهون ٿا، جڏهن ته گهڻو ڪجهه چوڻ جهڙو من ۾ ڦٿڪندو ئي رهجي وڃي ٿو! اظهار اڌ ڪُٺل مورن جيان رڙندا ئي رهجي وڃن ٿا! اهو ئي الميو ڄڻ ته اسان جي ڪهاڻ