Posts

Showing posts from February, 2018

SHAHEED BAGHAT KANWAR RAM (Embodiment of Sindhi Culture)

Image
سنتن جو سرتاج: شهيد ڪنور رام  اپريل 1885ع سنڌ جي راڳ، لوڪ رَس جي دنيا جو هڪ اهم ڏينهن هو، هن ڏينهن تي ڀڳتيءَ ۽ لوڪ رس راڳ جي راڻي ڀڳت ڪنور رام، ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ’جروار‘ ۾ جنم ورتو هو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو تارا چند ۽ سندس ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو، جنهن وقت ڪنور رام ڄائو، اُن وقت هڪ صوفي بزرگ سنت کوتارام، جروار ڳوٺ ۾ آيو. تارا چند، هيءُ ننڍڙو ٻار کڻي وڃي، سنت کوتارام جي جهوليءَ ۾ وڌو، جنهن ٻار جو نالو ’ڪنور رام‘ رکيو. شروع ۾ ڪنور رام سنڌي پڙهڻ ويٺو. اُن کان پوءِ فارسي پڻ سکيو. ڪنور رام جي پيءُ تارا چند کي زمين جو پنهنجو ٽڪرو هو. ڪنور رام ڪڏهن ڪڏهن ٻنيءَ تي جهاز هڪليندو ۽ نار هلائيندو هو. ڪُجهه وڏو ٿيو ته ڪُهر وڪڻڻ شروع ڪيائين. اُن دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي هاسارام کان گُر مُکي به سِکندو رهيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽهل ٽڪور پڻ ڪندو هو. اُتان جو هڪ سنت سترامداسُ کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪهاڻيون ٻُڌائيندو هو. اتي ئي ڪنور رام، سنت سترامداسَ کان ڀڳت وجهڻ سکي ۽ سندس سنگَ ۾ خود به سنت ٿيو ۽ سنڌ جي ’سنتن جو سرتاج‘ بڻجي ويو. سنت سترامداس سان ڀڳت ڪنور رام جي هڪ واقعي وسيلي واقفيت

Zindagi Ja Gum Thiyal Denhan (Stolen Lives: Twenty Years in a Desert Jail)

Image
سياسي اختلافن سبب قيد ۽ بند، جلاوطنيون ۽ نيڪاليون، مارون ۽ موچڙا، زبان بنديون ۽ سنسرشپ، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عام آهن. خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي فوجي آمريتون، خانداني بادشاهتون ۽ هڪ پارٽي سسٽم لاڳو آهي. ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ اهڙن سوين هزارين مثالن سان ڀريا پيا آهن. جتي ذاتي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ فوجي آمرن ۽ بادشاهن، سياسي مخالفن جون زندگيون عذاب ۾ وجهي ڇڏيون. اهڙن ملڪن مان هڪ ملڪ مراڪش به آهي. جيڪو آفريقا کنڊ جي بلڪل ڇيڙي ۾ اسپين جي سامهون ۽ طويل عرصي کان بادشاهي نظام ۾ جڪڙيل آهي. ڪنهن دور ۾ اهو فرانس ۽ اسپين جي وچ ۾ قبضي جي جنگ ۾ پيڙهبو رهيو هو. پوءِ جڏهن فرانس ٽپڙ گول ڪيا ته جلاوطن بادشاهه محمد پنجين کي مڊگاسڪر مان گهرائي کيس ملڪ جون واڳون ڏنيون ويون. شاهه محمد پنجين جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پُٽ شاهه حسن تخت تي ويٺو ۽ شاهه  حسن جي ڊگهي دور کانپوءِ، هاڻ سندس پُٽ شاهه محمد ڇهون مراڪش جو بادشاهه آهي. مراڪش ۾ شاهي گهراڻي درٻار سان وابسته اميرن ۽ وزيرن جي پهرين اولاد کي پوءِ اهو پُٽ هجي يا ڌيءَ، بادشاهه جو اولاد تصور ڪري شاهي محل ۾ آڻي سندس تربيت ۽ پالنا ڪئي ويندي آ