Posts

Showing posts from August, 2015

KHALEFE NABI BUX `QASIM` GEE MASNAVI

Image
مثنويءَ بابت خليفي نبي بخش ’قاسم‘ تي Ph.D ڪرڻ دؤران مونکي خليفي ’قاسم‘ جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ لکيل مثنويءَ جي گهڻي ضرورت محسوس ٿي. گهڻي پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي باوجود ڪٿان به دستياب ٿي نه سگهي. هر جاءِ تان نا اميد ٿيڻو پيو.  هڪ ڏينهن خوشقسمتيءَ سان پنهنجي ئي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ريڙهيءَ تي پيل رديءَ جي ڪتابن کي ڦلهوريندي هٿ اچي وئي. هن مثنويءَ جي ڪتاب جا ابتدائي صفحا کُٽل هئا، ان کانسواءِ لفظن ۾ ڇپائيءَ جون غلطيون به هيون، تنهنڪري مذڪوره ڪتاب مان آئون مطمئن نه پئي ٿيس. آخرڪار پڇائون ڪندي فقير بشير احمد لغاري، دونهائي لغاري ڊگهڙيءَ طرفان، مونکي هڪ قلمي نسخو دستياب ٿيو. انهن ٻنهي نسخن کي ڀيٽڻ بعد مون ان مواد کي سهيڙي موجوده ڪتابي شڪل ڏيئي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي. مون هن مثنويءَ ۾ استعمال ٿيل مشڪل الفاظن جون آخر ۾  معنائون ڏيئي، ان کي وڌيڪ آسان بنائي پيش ڪيو آهي، انهي لاءِ ته خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعرانه شعور، فن ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾  سهوليت پيدا ٿئي. هيءَ مثنوي خليفي نبي بخش ’قاسم‘ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهَن ۾ لکي پوري ڪئي هئي. جنهن جو مون ايندڙ صفحن ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن مثنويءَ جي ا