Posts

Showing posts from March, 2017

KARL MARX

Image
ليکڪ پاران مارڪس تي، سنڌي ۾ لکيل هَنَ ڪتابَ جي خاص ڳالهه اِها آهي ته هن مقالي ذريعي سِنڌيءَ ٻُوليءَ ۾ پهريون ڀيرو تَحقيقي طرز تي مارڪس جي زندگيءَ، شخصيتَ، ڪردار ۽ سندس فِڪري ڪَمَ تي لکَڻَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪوشش، مان  ڀانيان ٿو، ته سِنڌي ٻُوليءَ ۾  پهريون ڀيرو ٿي آهي.  بهرحال، هتي، مان اُهو به ٻڌائيندو هلان، ته مارڪس تي لکيل هَنَ ڪتابَ ۾ مارڪس جي بنيادي سياسي فِڪِرَ، فَلسفي توڙي سندس مُعاشيات جي علمَ ۽ نَظريي تي تفصيل سان روشني ناهي وڌي وئي. هَنَ مَقالي ۾  ابتدائي تعارف طور صرف مارڪس جي ذاتي زندگي، خاص خاص پهلوئن ۽ سندس سياسي  ويچارن جو جزوي طور تي پُوتاميل ڏنو ويو آهي. اُن ڪري، هي مَقالُو  مارڪس ۽  سندس فِڪري تعليمات جي حوالي سان ڪو وڏو اهم يا مُعتبر مَقالو  [Authentic Dissertation] ته ناهي، البت، مارڪس ۽  هُن جي ويچارن کي تعارفي طور سَمجَهڻَ جي هڪ تعارفي ڪوشش ضرور آهي. اُن ڪري، هَنَ مَقالي کي، مارڪس ۽ سندس ويچارن جي صرف تعارف طور ئي پڙهيو  ۽ سمجهيو وڃي. اياز علي https://web.facebook.com/RoshniPublication https://twitter.com/RoshniPublicat https://pk.linkedin.com/in/roshni-publ

AGWAN ( Leaders )

Image
ليکڪ پاران هيءَ ڪتاب منهنجي سڄي ڄمار جي مطالعي ۽ تجربي جو نتيجو آهي. مون اڳواڻن ۽ اڳواڻيءَ بابت جيڪي ڪجهه سکيو آهي، اهو منهنجي مطالعي، مشاهدي، ماهرن جي تجزين ۽ منهنجي تجربي جو نچوڙ آهي. آئون جڏهن آمريڪا جو صدر هئس، تڏهن مون ڄاتو ته ڪائي اهم تقرير تيار ڪرڻ هڪڙو مؤثر ڪم آهي. ان جو ڪارڻ فقط اهو ناهي ته اهڙي ريت توهان پنهنجن فيصلن کي ٻين جي ذهنن ۾ سموئي سگهو ٿا، پر ان جو هڪڙو ڪارڻ هيءَ به آهي ته اهڙي ريت توهان کي خود پنهنجي سوچ کي ترتيبڻ ۽ تهذيبائڻ جو موقعو ملي ٿو. هيءَ ڪتاب لکڻ جي حوالي سان به اهائي ڳالهه ٺهڪي اچي ٿي. مون کي جن اڳواڻن کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو موقعو مليو، جڏهن انهن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڄاتم ته اهو تجربو خود منهنجي شخصيت ۾ هڪڙي نئين ذخيري جوسبب بڻيو ۽ اندازو ٿيم ته انهن اڳواڻن کي ڪهڙا مسئلا سامهان هئا ۽ ڪهڙي نموني اهي ان قسم جي شخصيت بڻجي سگهيا. مون انهيءَ تجربي مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته حيراني جي بحر ۾ ٽٻيون هڻندو رهيس. مون کي هيءَ ڄاڻڻ ۾ به مدد ملي ته ڪنهن خاص موقعي تي انهن جي مخصوص ردعمل جو خاص ڪارڻ ڪهڙو هيو. گڏوگڏ مون کي انهن ماڻهن، جن اسان جي دؤر جي د