JEKI BANGAL SAAN THIYO
مهاڳ ”اوڀر پاڪستان ۾ جي ڀيانڪ واقعا ٿيا ۽ جا قيامت ٿي گذري، سو سڀ ڪجهه هڪ خوفناڪ خواب پيو لڳي. اسين ان جو تصور ڪرڻ به نه ٿا چاهيون. مان وري ڪڏهن به اهو ساڳيو ماڻهو ٿي نه سگهندس، جيڪو انهن واقعن کان اڳ هوس. اڄ به اسين انهن ڳالهين جو سوچيون ٿا ته ننڊ ڦٽيو ٿي پوي. اسين ڪي جهنگلي ڪونه آهيون، اسين سڌريل انسان آهيون، پر اسين ڪن جهنگلين جي چنبي ۾ اچي وياسين..... مون اول ئي شيخ مجيب الرحمان کي ٻڌايو آهي ته جو ڪجهه ٿيو آهي، ان تي اسان کي سخت افسوس آهي..... انهن واقعن تي رڳو ويچار ڪرڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، جو ڪجهه ٿيو آهي، ان تي مون کي ۽ اسان سڀني کي ڏک رسيو آهي.“ (صدر ڀٽو، ڪئناڊا جي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن سان انٽرويو، 23 جنوري 1972ع) اڄ پاڪستان ۾ نئون ورق اٿلائڻ، نئون پاڪستان اڏڻ، ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکڻ ۽ پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ٿو وڃي.... پر اهو ڏسي ڏک ٿو ٿئي ته خيالن جي اظهار جي ٿوري گهڻي آزادي بحال ٿيڻ جي باوجود، اسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ حقيقت تائين پهچڻ جي حاجت محسوس ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ لاءِ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان کي پورو پتو پوي