BURE HIN BHANBHOR MAIN (Novel)
هر ليکڪ انتهائي حساس دل هوندو آهي. هو پنهنجي چوگرد جيڪو ماحول ڏسندو آهي، اهو هن جي مزاج مطابق نه هوندو آهي، ان ڪري ليکڪ پنهنجي معاشري ۾ مِس فِٽ هوندو آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود پنهنجي اڪيلائين سان گڏ پنهنجي ماضيءَ ۾ جيئندو آهي ۽ اهي ڪردار جيڪي هن جي زندگيءَ مان ٻاهر هليا ويندا آهن، انهن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو آهي، ان ڪري هُن جي لِکڻين ۾ اِن احساس جو عڪس اسان کي نظر ايندو آهي، بلڪل اهڙو ئي عڪس اسانکي منير چانڊيي جي ٽِرائِلاجي ناولن ۾ نظر اچي ٿو. دنيا جي هر ليکڪ ڪامياب ۽ ناڪام عشق ڪيا آهن، پر گھڻن ليکڪن جا عشق ناڪام رهيا آهن. ضروري ناهي ته جيڪا شيءِ انسان حاصل ڪرڻ چاهي اُها کيس حاصل ٿي وڃي.مونکي ياد اچي ٿو ته دنيا جي مشهور ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ جو نوبل لاريٽ ناول نويس بورس پاستر ناڪ جڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو ،ته هڪ خوبصورت ۽ شاهوڪار ڇوڪري به ساڻس گڏ پڙهندي هئي. هو هن جي عشق ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو هو ،جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني هليو ويو هو ۽ واپس اچي ان ڇوڪري جي والدين کان هن جو رشتو گھريو هئائين پر جيئن ته هو هڪ غريب شخص هو، ان ڪري ان شاهوڪار ڇوڪري جي مالڪن هن کي سڱ ڏيڻ کان انڪار