PITKRE NICKOLA JOON PARESHANYOON (Le Petit Nicolas `A Des Ennuis)

























ھي ڪتاب فرينچ ٻوليءَ جي ھڪ مشھور ڪتابي سلسلي (سيريز) جو ھڪ حصو آھي. ان مشھور ڪتابي سلسلي جا باني گني گوسني (ليکڪ) ۽ جان جاڪ سمپي (چترڪار/ ڪارٽونسٽ) ھئا. ان ڪتابي سلسلي جي شروعات 29 مارچ 1959 تي ٿي جڏھن ان سلسلي جو پھريون ڪتاب شايع ٿيو. اھو سلسلو ڪل چوڏھن ڪتابن تي مشتمل آھي. فرانس ۾ ان ڪتابي سلسلي کي ’قومي خزانو‘ قرار ڏنو ويندو آھي. فرانس جا ۽ فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙ/ سکندڙ سڀئي ٻار توڙي وڏا، ان ڪتابي سلسلي جو ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور پڙھندا آھن. ڪتاب جي ليکڪ جي ويب سائيٽ مطابق ھيل تائين ان ڪتابي سلسلي جون 5 ڪروڙ ڪاپيون، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڪامي چڪيون آھن. جي ھا! 5 ڪروڙ! ان ڪتابي سلسلي تي ٻه فلمون (2009 ۽ 2014 ۾) ۽ ھڪ ائنميٽڊ فلم (2009 ۾)  ٺھي چڪيون آھن. ھاڻي ان ڪتابي سلسلي جو ھڪ ڪتاب سنڌي پڙھندڙن جي ھٿن ۾ آھي. اھا منھنجي مادري ٻولي، منھنجي سنڌي جي سوڀ آھي ۽  اھو منھنجي مادري  ٻوليءَ جي سونھن ۾ ھڪڙو نئون واڌارو آھي. 
ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا ۾ ٻارن کي ڪيترو نه سنجيده ورتو وڃي ٿو. اسان ته ٻارن کي صفا ’ٻاراڻي‘ نموني وٺون پيا ۽ ٻارن ڏانھن اسان وڏڙن جو اختيار ڪيل اھو ’ٻاراڻو‘ نمونو، اسان وڏڙن جو زندگي کي ’ٻاراڻي‘ نموني وٺڻ جو ثبوت آھي. اسان جا درسي (ڪورس) ڪتاب کڻي ڏسو، اسان جي ’ٻاراڻي‘ ثابت ٿي ويندي... درسي ڪتاب لکندڙ ڪميٽين ۾ ٻارن جي نفسيات جا ماھر شامل ھوندا آھن؟ اسان وٽ ٻارن جي نفسيات جا ڪي ماھر آھن به؟ ڪورس جي ڪتابن ۾ وڏا پنھنجي نفسيات جا مرض ’سبق‘ ڪري ٻارن تي منتقل ڪن پيا ۽ ان منتقليءَ کي اسان تعليم جو نالو ڏيندا آھيون! ۽ جيڪڏھن ڪو ٻار ان تعليم کان نابري واري ته کيس تنبيھ ڪندا آھيون، ’نه پڙھندين ته وڏو ماڻھو ڪيئن ٿيندين؟!‘ وڏو ماڻھو؟ ڄامشوري ۾ منھنجي ڪمري جي بلڪل سامھون ھڪ وڏو ماڻھو آرامي آھي... علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب. پر اسان ٻارن کي جيڪو ’وڏو ماڻھو‘ نه ٿي سگھڻ جو دڙڪو ڏيندا آھيون سو ’وڏو ماڻھو‘  علامه آءِ. آءِ قاضي جھڙو وڏو نه پر مختيارڪار، صوبيدار، ايس.پي، ڊي.سي جھڙو ’وڏو ماڻھو‘! ڪير ٿو چاھي ته سندس ٻارُ ٻيو علامه آءِ. آءِ قاضي ٿي؟ ڪير نٿو چاھي ته سندس ٻارُ سندس جيان حرامخور ڪامورو، ٻين لفظن ۾ ’وڏو ماڻھو‘ نه ٿي؟ ھوندا ڪي ٿورا جن وٽ ماڻھوءَ جي وڏائيءَ/ ننڍائيءَ جو ايترو غير سنجيده تصور نه ھوندو، پر اسان جي اڪثريت پنھنجن ٻارن کي اھڙو ’وڏو ماڻھو‘ ٺاھڻ جو چاھ  رکي ٿي جنھن ۾ اھو ٻارُ اڳتي ھلي ’ماڻھو‘ ته ڀلي ننڍو ئي ٿي، پر ڏوڪڙ، مال وڏو ڪمائي. اسان وڏا ٻارن ۾ اھڙ کوڙ نفسياتي مرض وڏي جوش خروش سان منتقل ڪندا آھيون ۽ ان کي ٻارن کي ’پرورش‘ ڪوٺيندا آھيون. 
انگريزيءَ جي ھڪ مشھور ۽ پنھنجي وقت ۾ ’چريو شاعر‘ ڪوٺجندڙ وليم بليڪ ٻارن جي تعليم لاءِ بلڪل درست ڳالھ ڪئي ھئي:
How can the bird that is born for joy
Sit in a cage and sing?
How can a child, when fears annoy,
But droop his tender wing,
And forget his youthful spring?
ترجمو:
اھو پکي جيڪو خوش ٿيڻ لاءِ ڄائو ھجي
ھڪ پڃري ۾ واڙجي ڪيئن ٿو ڳائي سگھي؟
خوف جڏھن ھڪ ٻار کي تنگ ڪري،
ته پوءِ ڪيئن نه اھو ٻار (مايوسي ۾) پنھنجا پر نه جُھڪائي
۽ پنھنجي نِڪور بھار کي نه وساري؟
اسان اسڪولن مان اھو ڪم ئي ته وٺندا آھيون. اسان اسڪولن مان ڪھڙو ڪم وٺندا آھيون ، ان کي سمجڻ لاءِ چارلز ڊڪنز جو ناول ’ھارڊ ٽائيمز‘ پڙھڻ گھرجي. اسان جي ٻارن تي اسان وڏن اھڙو ئي ’ھارڊ ٽائيم‘ نافذ ڪري ڇڏيو آھي.
وليم بليڪ ’چريو شاعر‘ ان ڪري ڪوٺيو ويو جو ھو ان سماج ۾ ٻارن تي شاعري ڪندو ھو جنھن سماج ۾ ڏھن، ٻارھن سالن جي ٻارن کان وڏن وڏن گھرن جون چمنيون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪرايو ويندو ھو. ٻارن کان انڪري جو چمنيون سوڙھيون ھونديون ھيون ۽ انھن ۾ ڪو وڏو ماڻھو داخل نه ٿي سگھندو ھو. انگلستان جا ھزارين ٻار چمنين جي دَزَ وگھي مري ويا. اھو جائز ھو، پر انھن ٻارن کي ڳائيندڙ شاعر، ’چريو‘ ھو!
 انگريزي ادب جو ھڪ ٻيو وڏو نالو، جارج برنارڊ شا اھڙن اسڪولن مان، اھڙيءَ تعليم کان ڀڄي نڪتو ۽ وري ڪڏھن اسڪول جو منھن نه ڏٺائين... پر ھو پوءِ به ھڪ وڏو ماڻھو، سچ پچ وڏو ماڻھو، ٿيو. کيس 1925 ۾ ادب جو نوبل انعام مليو ھو. ٻار ڇا آھي؟ جي جواب ۾ اھو وڏو ماڻھو ھي لفظ چوي ٿو، ’ٻارُ ھڪ تجربو آھي. ھر ٻار معنيٰ ھر ڀيري ھڪ نئون تجربو: دنيا ۾ ھڪ ڪامل ماڻھو ٺاھڻ جو تجربو ۽ ان ذريعي انسانيت کي مقدس ٺاھڻ جو تجربو.‘ پر اسان جا تجربا ڏسو؟ ھر ڀيري دنيا کي، زندگيءَ کي اڃا ڏکارو ٺاھڻ جو تجربو، زندگي کي وڌيڪ جيئڻ لائق بڻائڻ بدران زندگيءَ کي گھٽ جيئڻ لائق بڻائڻ جو تجربو، نفرت کي ويتر وڌائڻ جو تجربو... نه ته ڇا اڄ جيڪي بدعنوان ڪامورا آھن، بي ايمان ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، سياستدان، جرنيل، چور، ڦورو آھن.... ڇا اھي سڀئي ماءُ جي پيٽ مان اھڙو ٿيڻ جو نسخو کڻي آيا ھئا؟ يا اھي سڀئي پنھنجن وڏن، پنھنجي سماج جي ’تجربي‘ جي پيداوار آھن؟ ٻارُ ھندو، مسلمان، ڪافر  مومن، شيعو، سني جو جھيڙو، اھا نفرت، ته پاڻ سان کڻي پيدا ناھي ٿيندو... اھو اسان کيس سيکاريندا آھيون ۽ ان کي سکيا ڪوٺيندا آھيون. اسان جا سکيا گھر (اسڪول) ڪوس گھر ناھن؟ ڇا انھن ۾ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن جو ڪوس ناھي ٿيندو؟ ڇا اسان وٽ پڙھائي ۽ رٽي بازيءَ ۾ ڪو فرق آھي؟ اسان اسڪولن مان جيڪو ڪم وٺندا آھيون، ان کي جارج برنارڊ شا ھيئن بيان ڪري ٿو، ’ اسڪول جيل ۽ ڪال ڪوٺڙيون آھن جن ۾ ٻارن کي واڙيو ويندو آھي ته جيئن سندن والدين جي اوترو وقت جان ڇٽل ھجي... اسڪول جو ڪم اھڙا ٻار ٺاھڻ آھي جيڪي ڄاڻ جي ڳولا ۾ ھجن، نڪي اھڙا ٻار جن جي ڳولا ڄاڻ ڪندي وتي‘ اسڪول جي فيس ٻارن کي گھر کان ٽريل ھجڻ جي فيس آھي. والدين جي اھا ڳالھ ته عام جام ٻڌڻ ۾ ايندي آھي، ’موڪلون ختم ٿين ته جان چٽي، ٻارن گھر ۾ ڌمچر مچائي ڇڏيو آھي!‘  ڄاڻ جي ڳولا ڪندڙ ٻار ٺھندا آھن اسان جي اسڪولن ۾؟ اسان جي اسڪولن ۾ ته اھڙا ٻار ٺھندا آھن جن جي ڳولا ڄاڻ ڪندي وتندي آھي ۽ پوءِ ھو سڄي ڄمار ڄاڻ کان ڀڄندا رھندا آھن، قبر تائين. جي ائين نه ھجي، جي اسان ڄاڻ کان ڀڄندا نه ھجون ته پوءِ اسان وٽ اھڙا ڪتاب ڇو ناھن جن جون 5 ڪروڙ ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون ھجن؟
اسان جي سماج جو دل گھريو موضوع آھي اخلاق تي ڳالھائڻ. پر مان سمجھان ٿو ته جنھن سماج ۾ ٻار رستن تي پنندا ھجن، تنھن سماج کي اخلاق تي ڳالھائڻ جو حق ئي ناھي. جنھن سماج ۾ پڙھيل لکيل (اجايو پڙھيل ۽ اوترو ئي اجايو لکيل) وچون طبقو پنھنج گھرن ۾ ننڍڙن ٻار کي نوڪر ڪري رکندو ھجي، جنھن سماج ۾ بکايل ٻارن جي جھوپڙيءَ جي مٿان اکين جو نور چٽ ڪندڙ روشنيءَ وارا، برگرن جا، پيزا جا، سائن بورڊ لڳل ھجن، ته ٻيلي اھڙي سماج کي مان فحش سماج سمجھان ٿو. منھنجي لاءِ ان کان وڌيڪ فحاشي ڪا ٻي نٿي ٿي سگھي ته ھڪ بکايل ٻارُ ھوٽل تي ٽنگيل ڪڪڙ کي ايندي ويندي ڏسندو ھجي. جنھن سماج ۾ ٻارن جي اسڪول جي عمارت نه ھجي پر مختيارڪار آفيس. ٿاڻو، ڪاموري جو بنگلو خوبصورت عمارتن ۾ ھجي ته پوءِ ٻار کي خبر پئجي ويندي آھي ته کيس وڏو ٿي ڇا ٿيڻو آھي... بنا عمارت جي اسڪول ۾ ٻارن کي پڙھائيندڙ يا انھن خوبصورت عمارتن ۾ ويھي حڪم ڏيندڙ! 
چون ٿا ته ماستر گوسڙو آھن. ھا آھن. ڇو جو ڪو به ماڻھو ماستريءَ جو پروانو ملڻ سان پنھنجو پاڻ سقراط، افلاطون ناھي ٿيندو. جي سرڪار سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار، سرڪاري اسپتالن جي سھولتن جي وسئلي کي ختم ڪرڻ لاءَ تر جيتري به سنجيده ھجي ھا ته اسيمبليءَ مان ھڪڙو قانون پاس ڪرائي ھا ته گريڊ ھڪ کان گريڊ ٻاويھين تائين جا سمورا سرڪاري ملازم پنھنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائيندا، سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائيندا. مسئلو پنھنجو پاڻ ئي ختم ٿي وڃي ھا. جي ضلعي جي ڊي.سيءَ جا ٻارَ، ڊئريڪٽر ايجوڪيشن جا ٻارَ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھندا ھجن ھا ته پوءِ ڏسون ھا ته ماستر ڪيئن ٿا گوسڙو ٿين. 
اسان جي درسي ڪتابن ۾ ٻارن لاءِ نصيحتون ھونديون آھن، ھن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ ڪابه نصيحت ناھي. ھوئن به نصيحت جي ضرورت اسان وڏن کي وڌيڪ آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻارن جي چلولائين کي، ٻارن جي شرارتن کي، سندن زندگين جي اصليت کي پيش ڪيو ويو آھي. 
منھنجي خواھش آھي ته اسان وٽ به ڪو وليم بليڪ پيدا ٿي، اسان وٽ ’ھارڊ ٽائيمز‘، ’اوليور ٽئسٽ‘ لکندڙ چارلس ڊڪنز پيدا ٿي، اسان وٽ به ’ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل‘ جو ليڪک فدور دوستوئفسڪي پيدا ٿي ۽ ٻارن کي ٻارُ ٿي رھڻ جو حق وٺي ڏي.

شفقت قادري

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 841
Kitab Jo Nalo : PITKRE NICKOLA JOON PARESHANYOON  (Le Petit Nicolas `A Des Ennuis)

By : René Goscinny
Transleted by: Shafqat Kadri

First Edition © 2017
Pages : 88
Size : Double Crown
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 120.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG