Posts

Showing posts from June, 2017

PEERHA JO PARHLAO (Anthology)

Image
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري ستر واري ڏهاڪي ۾ اُڀري آيل ليکڪ ۽ ليکڪائن جي لسٽ ۾ سڀ کان ٽاپ تي نظر اچي ٿي. مولائي طبيعت واري هيءَ ليکڪا هر ٺاهه ٺوهه کان لاپرواهه. پنهنجي من ۾ مست مگن. سندس شخصيت کليل آڪاش وانگر. کيس ڏسي دل چاهيندي آهي ڪاش سنڌي سماج جون سڀ آئيڊيل ڀيڻون اهڙيون ئي هجن. گُڏي سندس گهريلو نالو آهي. پر هاڻي ادبي دنيا ۾ به انهيءَ نالي سان سُڃاتي وڃي ٿي بظاهر ڏاڍي رلڻي ملڻي. پر سندس ڊائلاگ ٿري ناٽ ٿري جي گولي جيترو گهرو گهاءَ ڏيندڙ. سندس ڳالهائڻ تقرير ڪرڻ توڻي ڪهاڻي سندس اهڙا محاذ آهن جن تي دوست مائٽ ۽ پڙهندڙ ائين هوندا آهن ڄڻ امتحان هال ۾ ويٺل هجن. جيڪو اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ڀڳو سو ڇٽو. جنهن کيس برداشت ڪيو ان لاءِ هو کنڊ پتاشي جيتري مِٺي آهي. پنهنجي اينگل کان ڳالهه سچي کري ۽ مُنهن تي ڦهڪائڻ جي قائل... ”تخليق جو موت“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. جيڪو 78ع ۾ ڇپيو ۽ اڄڪلهه آئوٽ آف اسٽاڪ آهي. بيشڪ ته سندس اهو مجموعو سنڌي ڪهاڻين جي مجموعن ۾ هڪ اهم جاءِ ولاري ٿو. پنهنجي هڪ سيلف انٽرويو ۾ هن روايتي تلخ لهجي ۾ لکيو ته، آءٌ بنان مرضيءَ جي 17 آگسٽ 1947ع تي خميس جي ڏي