INDALATH REKHAOON
ڇا اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن جي سرگرم سياسي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو اهو مڃڻ کان انڪار ڪري ته پنهنجي تقريرن جي وهڪري ۾، پنهنجي روح جي سموري شاعري وهائي ڇڏيندڙ، ڪو ٻيو نه پر عبدالواحد آريسر هو! هتي سندس رُکو نالو وٺڻ به مون لاءِ ذاتي طور تڪليف ڏيندڙ آهي، پر تحريرن جي تقدس جي اهميت ۽ شخصي خوشامد کان پاسو ڪرڻ به ته اسان کي هن ئي سيکاريو هو: جنهن جي رومانوي لهجي ۾ ڪيل ڳوڙهين ڳالهين ۽ ديس سان منفرد اند از ۾ پيار ڪرڻ واري انداز بيان، ان دور جي سنڌ جي نوجوانن کي جوانيءَ ۾ پير پائڻ جو سليقو سيکاريو هيو. سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن، قومي ڪارڪنن، شاعرن ۽ اديبن لاءِ ائين هو، جيئن روميءَ لاءِ شمس تبريز هو. هي ڪتاب، رڳو شاعريءَ جو ڪتاب نه آهي، جيتوڻيڪ هن ۾ ٻين شاعرن جي چونڊ شاعري، قول، يادگيريون، حوالا ۽ واقعا به بيان ڪيل آهن، پر بنيادي طور تي هي عبدالواحد آريسر جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي اصل سونهن اها شاعري آهي، جيڪا عبدالواحد آريسر مختلف وقتن تي ڪئي آهي. مان ان ڳالهه تي حيران آهيان ته فارسي ۽ عربي ٻولين تي ڪمال مهارت رکندڙ، لطيف کان اياز تائين سنڌ جي سموري ڪلاسڪ کان واقفيت رکندڙ، سائ