GARHI BAKH’A PHUTTI (Poetry)
سُونهَن ۽ سنڌ جو عاشق راشد سائينءَ جي اڳوڻي سموري شاعريءَ جيان، سندس هيءُ ڪتاب به رومانويت، حُسن پرستي، وطن دوستي، ظلم ۽ ڏاڍَ جي هر صورت کان نفرت، سنڌ جي آجپي ۽ سُکَ جي سوچ سان سلهاڙيل، جدوجهد ۽ اُتساهه جا آبشار وهائيندڙ آهي. سندس شاعري پڙهي. هن جي اندر جو سمورو جهانُ پَسي سگهجي ٿو. هن جي شاعري هن مٿان شاهدي پئي ڏيندي ته هن وٽ محبت، نفرت، خواهشن، حسرتن، ارمانن ۽ ڪيفيتن جا محور ۽ محرڪ ڇا ۽ ڪهڙا هئا؟ جهڙو شخصيت ۾ سادو هو، تهڙو پنهنجي شاعريءَ ۽ اظهار جي اسلوب ۾ به سِڌو ۽ سادو آهي: تنهنجي ٻولي آ عوامي، يارَ راشدَ رَسُ ڀري شعر تنهنجي ۾ سدائين سادگي باقي رهي. دراصل شاعري هن جي اندر جي سڄي جهان جي اظهار جو ذريعو هئي؛ ان ڪري ڪٿي هو عاشق ٿو ڏسجي ته ڪٿي ڪارڪن؛ ڪٿي هو آرٽسٽ ٿو نظر اچي ته ڪٿي شعرن کي ڀالا بڻائي ويرين تي وارُ ڪندڙ؛ ڪٿي هن جي مَنَ مان اُتساهه جا مِٺا آبشار ٿا ڦُٽن ته ڪٿي هن تي هڪ عام ماڻهوءَ واريون ڪيفيتون پڻ طاري ٿين ٿيون؛ جن کي لِڪائي نه ٿو. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ سندس ذات توڙي قوم جي ڪيفيتن جون سرحدون ملي ٿيون وڃن ۽ اِهو سَنڌو ڪرڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي ته هن جي انفرادي ۽ اجتماعي ڏک، خو