Posts

Showing posts from October, 2016

SUNDARTA AIN KIRODH ( Novel )

Image
  ٻه اکر ڪروڌ جا جنهن سماج ۾ هڪ ليکڪ جي وجود جي اثرکان هڪ فحاش جي موجودگي پراثر هجي اتي ڀلا ڪتاب، ڪهاڻيون، اهي به نفسيات- فلسفي جي پيچيدگين تي منحصر هجن، ڪهڙو ماڻهو جو دل بهلائي سگهن ٿا! ڪتاب ته ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهن... حوس جي نڪ ۾ نوِڙ وجهي ڇيندا آهن... جسم جي اندر اوڀالا هڻندِڙ جانور کي واڙي وجهندا آهن... جسم جي اندر اوڀالا هڻندڙ جانور کي واڙي وجهندا آهن. اگرچه ڪو ڪتاب ۽ وحشيه هڪ ئي صف  ۾ بيهي سگهن... يا ٻئي هڪ ئي قسم جو سرور ڏيڻ لڳن ته اهيو تعين ڪرڻ ممڪن نه رهندو ته درحقيتق فحاش ڪير آهي!! ڪتاب شيلف ۾ ته سينگارجي ويندا آهن... وحشيائون ڪتابن جو موضوع ٿي پونديون آهن پر ٻنهي جو حقيقت ۽ سماج سازي ۾ ڪردار مبهم رهجي ويندو آهي!! ڪابه هڪ حقيقت ڪنهن ٻي حقيقت جي ثابتي نه هوندي آهي! ڪو هڪ غير موزون عمل ڪنهن ٻئي غير اخلاقي عمل جي ثابتي نه هوندي آهي! ڪو سٺو ڪم ڪنهن سٺي عمل کي پيدا ڪندو اهيو تعين نه آهي... چڱن ڪمن ۽ عملن جا نتيجا پڻ برا ۽ بدتر نڪري سگهن ٿا... ۽ هڪ برو عمل ضروري ناهي ته ثابتي هجي ڪنهن ايندڙ بري عمل جي! اگرچه هڪ وحشيا هڪ بااخلاق ۽ باعزت عورت کي جنم ڏيئي سگهي ٿي ته هڪ مهذب

ONDHAI DHARTI ROSHAN HATH ( Novel )

Image
آغا سليم جو هي ناول، سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ جي پس منظر ۾ انساني تهذيب، فرد ۽ سوسائٽيءَ جي ازلي ۽ ابدي ڪشمڪش جو داستان آهي. مُوهن جي دڙي کان وٺي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين، هن ناول جو ڪينواس اسان کي پکڙيل نظر ايندو. ڊاڪٽر نور افروز خواجه https://web.facebook.com/RoshniPublication https://twitter.com/RoshniPublicat https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446 https://www.goodreads.com/gro …/show/77628-roshni-publication Book No . 783 Kitab Jo Nalo : ONDHAI DHARTI ROSHAN HATH ( Novel ) by: Agha Saleem Fourth Edition Roshni Publication Kandiaro, October 2016 [First Edition: May 1978, Second Edition: November 1984 Third Edition: October 1989 All Three Published by New Fields Publication Hyderabad] Pages : 208 Size : Demy Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh Price Rs. 250.00 Contact: 022-2780908 http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar Address: Shah Latif Kita