KHOOBSOORAT KHAYAAL JA SAPNA
اُٿو سهڻيون، اُٿو ساهڙ، نچو، ڳايو! استاد بخاري اڻ ڳڻين ڪيفيتن جو مالڪ شاعر هو. سرمستي جي سُرور ۾ اچي اَنا الحق اَلائيندي، لاحد کي ڇُهندي به، هوش جي دامن، هن جي هٿ مان ڇڏائجي نه ويندي هئي. استاد سرمستيءَ ۾ به اعتدال رکيو. اهو استاد جو هُنر به هو ته هوش مندي به. هن اهڙي ڪيفيتن مان ڪيئي ڀيرا گذرڻ جون ڳالهيون به ڪيون آهن. هن جو اهو رويو خود ڏاهپ ڀريو ۽ عالمانه آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ڳالهه يا ڪيفيت جي سپورٽ ۾ ٻئي کي ڪوٽ Quote به ڪندو آهي: گہے بر طار می اعلیٰ نشینم، گہے بر پُشت پ ائے خود نبینم۔ - ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن! هو جنهن مهل بهار جو جهؤنڪو ۽ مِٽيءَ جي مهڪار آهي ۽ سائر جي هلڪي لهر آهي، يا ساگر جي ڪناري جي مِٽي آهي، تنهن مهل، ننڍڙو ٻار به ان مان گهروندا ٺاهڻ ٿو لڳي. جڏهن هو ابراهيم جيان خيال جي آڙاهه ۾ آهي، موسيٰ جيان طُور تي آهي ۽ کِنوڻين سان ٻکيو بيٺو هوندو آهي، تڏهن فقط کيس خاموشيءَ ۽ حيرت سان ڏسي، ۽ ان جي ڪيفيت تي دير تائين ماڻهو غور ڪندي رهجي وڃي ٿو. انهن ٻنهي ڪيفيتن کان الڳ، هڪ وچ واري ڪيفيت به آهي، جنهن ۾ استاد سرمست ناهي، عامي عوامي ناهي، بلڪ هڪ عالم آهي، هڪ فڪر جو صا