Posts

Showing posts from May, 2015

KEEAN RAHAN JALAWATAN (Peotry)

Image
ڪائنات وڌو جيڪي ڪشڪول ۾... پنهنجي شاعري ۾ ان جي محرڪن تي شاعر پاران لکڻ هڪ بي سبب ڳالهه آهي. هون به خود شاعري پاڻ پنهنجي شاعر جي دردن، اڌمن ۽ خيالن جو موثر اظهار آهي. ڪنهن شاعر لاءِ هروڀرو اهو به ضروري ناهي ته ساڳئي وقت دانشور به هجي. خود شاعري به فلسفي کان جدا شي آهي جنهن جا پنهنجا متظق ۽ دليل آهن. منهنجي شاعري تي منهنجي ڪابه. ذهني مالڪي ناهي منهنجي شاعري انهن سڀني جي ۽ انهن سڀني لاءِ آهي، جيڪي مون سان سياسي ۽ نظرياتي طرح مختلف هوندي منهنجي شاعري کي پنهنجو ٿا ڀائين ۽ ان ۾ پنهنجو درد ٿا ڳولين. جيئن هر مٺي آبشار تي هر پيئندڙ جو حق ٿئي ٿو. جيئن هر تخليق ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي دؤر ۽ ان دؤر جي ڪک مان جنم وٺندڙ سماجي ۽ فڪري محرڪن ڏانهن جوابدار رهي ٿي، ساڳي ريت منهنجي شاعري کي آئون جوابدار سمجهان ٿو پنهنجي ديس، ديس جي ماڻهن ۽ پنهنجي دؤر جي عالمي تاريخ ڏانهن. منهنجو ايمان آهي جيڪا تخليق ظلم ۽ ڏاڍائي سان نفرت ڪرڻ جي روش کان وانجهي آهي، اها ڪڏهن به هيڻي سان محبت ۽ ڪمزور جو ڀرجهلو ۽ طرفدار نٿي ٿي سگهي. جيئن هر شاعر کي اظهار لاءِ ڪا خاص صنف ۽ ٽيڪنڪ وڌيڪ اپيل ڪندي آهي، تيئن مون کي به آزاد ن

KHAALI BENCH ( Novel )

Image
مون ڪڏهن به رٿابندي نه ڪئي هئي ته ناول لکندس. هي ناول به جڏهن لکڻ ويٺم ته هڪ خيال هيو يا ايئن کڻي چئجي، ته خيالن جا هُجوم هيا جيڪي ڪنهن، ڳوڙها گئس لڳڻ کان پوءِ ڇڙوڇڙ ماڻهن جيان نه، پر ڪُونجن جي قطار جيان منهنجي ذهن جي آڪاش تي اڏندا رهيا. مون رڳو انهن خيالن کي لفظن جي ٻيڙين ۾ وجھي هندن جي رسم ”گڻيش چوٿ“ جيان ڏيئا ٻاري درياهه حوالي ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ڪٿا، ان زماني جي آهي جڏهن هوا ۾ رومانس جون خوشبوئون پکڙيل لڳنديون هُيون. سج لهڻ جي سمي جو مزو وٺبو هيو، رابيل جي گلن کي وهاڻي ڀرسان رکي سرهاڻ کي اندر ۾ اوتبو هو. ڪنهن غزل جي سٽ کي هزار ڀيرا ورجائبو هيو. ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽندي هئي ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽندي هئي. ته هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي. هن ناول پڙهڻ لاءِ، اوهان کي، ڏهه

GORILA JANG

Image
چي گويرا گذريل صديءَ جو هڪ لازوال ڪردار رهيو آهي، جنهن جي جنگي حڪمت عملي ۽ جنگي فن آمريڪا جهڙي سپر پاور کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. خاص ڪري گوريلا جنگ جي هنر تي چي گويرا جيڪي تجربا ڪيا ۽ نتيجا حاصل ڪيا اُهي گذريل صديءَ جي تمام وڏن ڪارنامن ۾ شمار ٿين ٿا. چي گويرا جي عملي زندگيءَ ۽ جدوجهد دنيا جي آزادي پسندن لاءِ هڪ مشعل راهه مثل آهي. هن پنهنجي عظيم مقصد خاطر اقتدار جي ڪرسيءَ کي لت هڻي اڇلي ڇڏيو. هن پنهنجي ٻارڙن جي ايندڙ زندگيءَ کي پڻ پنهنجي قوم جي مستقبل خاطر قربان ڪيو. چي گويرا زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه چيو اهو ڪجهه ڪيو. هيءُ ڪتاب سندس گوريلا جنگ واري حڪمت عمليءَ تي لکيل هڪ شاندار ۽ لازوال ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ذاتي طور جيڪي به تجربا ڪيا اُهي هن ڪتاب ۾ آيل آهن. هن جي راهه عمل تي هلندي دنيا جي ڪيترن ئي اڳواڻن پنهنجي قومن کي آزاديءَ واري واٽ تي هلايو. ان جو وڏو ثبوت گذريل صديءَ ۾ قومي آزاديءَ لاءِ هلندڙ ۽ ڪامياب ٿيندڙ تحريڪون آهن. جن قومن ڪمزور هوندي به دنيا جي سُپر قوتن کان آزادي حاصل ڪئي. هن ڪتاب جي حيثيت اڄ به مظلوم ۽ محڪوم قومن لاءِ آزادي ۽ انقلاب جي پهرئين سبق وانگر آهي، سياسي ڪارڪنن لاءِ هي