Posts

Showing posts from July, 2016

PHLSAPHO CHHA AAHE

Image
 فلسفي جي علم جا ماخذ هر ماڻهوءَ کي پوءِ ڀل کڻي اُهو هو علمي سرگرمي، سياسي جدوجهد ۽ انقلابي تحريڪ کان ڪيتروئي پري ڇو نه هجي، پر سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ضرور ايندي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هيءَ دنيا ڪيئن هوندي؟ ماڻهوءَ کي ڪهڙين ڪهڙين شين سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو.... مستقبل ۾ ڇا لڪل آهي، جنگ جي خوفناڪ باهه يا پرامن زندگي؟.... هيءَ ڌرتي ڪيئن هوندي؟ هن تي گاه، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور، پکي موجود هوندا، يا سائنسي ترقي سمورين جاندار شين جي موت جو سبب بنجندي؟ ۽ ڇا هن دنيا جي تختي تان ظلم ۽ ستم، سماجي اڻ برابريءَ جو خاتمو ايندو يا اهي دائمي آهن؟ اهي سوال سموري انسانيت لاءِ، هر ماڻهوءَ لاءِ اهم آهن.... انهن سوالن جا صحيح جواب حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن جا صحيح حل ڳولڻ لاءِ، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڏاهپ جي علم يا فلسفي کي سمجهڻ ضروري آهي. لفظ فلسفو ٻن يوناني لفظن سان گڏجي ٺهيو آهي. فيلو  (پيار) ۽ سوفيه (ڏاهپ) يعني: فلسفي مان مقصد آهي ’ڏاهپ سان پيار‘. جيڪڏهن ڏسجي ته انسان جي چؤڏس ڦهليل دنيا تمام وسيع آهي، جنهن جو ڪوئي حد حساب ڪونهي. ان لاءِ انسان رڳو اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته هو آهستي آهستي فطرت جي رازن جي ڳنڍ

SANDI ZAAT HANJAN

Image
هيءُ ڪتاب، ”سندي ذات هَنجن“ ادب جي پرک جو هڪ ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي سڄاڻ ساٿيءَ، اسان جي اڄ جي ادبي حالتن ۾، اسان لاءِ لکڻ مناسب سمجهيو آهي، ايئن ئي جيئن هُن 1960ع ڌاري ”اَنڌا اُونڌا ويڄ“ اسان لاءِ لکيو هو. هيءُ اسان جو بهادر ساٿي گذريل چئن سالن کان لاهور جي لکپت جيل ۾ بند آهي، بيمار گذاري ٿو- پر اسان جي حالتن کان باخبر آهي، ۽ اسان لاءِ سوچي رهيو آهي. دراصل اُتي هو اسان جي ئي ڏوهن جو ڪُفارو ادا ڪري رهيو آهي- جيتوڻيڪ تازو پنهنجي شعور ۽ ارادي جي زنده هجڻ جو جيڪو ثبوت اسان وٽان کيس مليو آهي، اُن کيس بيحد خوش ڪيو هوندو. لاءِ لکيو هو. هيءُ اسان جو بهادر ساٿي گذريل چئن سالن کان لاهور جي لکپت جيل ۾ بند آهي، بيمار گذاري ٿو- پر اسان جي حالتن کان باخبر آهي، ۽ اسان لاءِ سوچي رهيو آهي. دراصل اُتي هو اسان جي ئي ڏوهن جو ڪُفارو ادا ڪري رهيو آهي- جيتوڻيڪ تازو پنهنجي شعور ۽ ارادي جي زنده هجڻ جو جيڪو ثبوت اسان وٽان کيس مليو آهي، اُن کيس بيحد خوش ڪيو هوندو. پنهنجي هِن پياري ساٿيءَ سان اسان جا انيڪ لاڳاپن جا ڌاڳا رات جي اُڀ ۾ سدا چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن جا ڌاڳا، ڏينهن جي اوجل صبح جا ڌاڳا، اسان جي حالَ جا ڌاڳا ڳ