Posts

Showing posts from December, 2017

HEE JAY NAHROON NINDA JOON

Image
سوچئين تُون متان...  شيخ اياز، پنهنجي ڪتاب ’ڪونجون ڪرڪن روههَ تي‘ جي مُهاڳ جي هنن سٽن سان شروعات ڪئي آهي: ”اصل شہود و شاہد و مشہود ایک ہے، حیران ہوں پھر مشاہدہ ہے کس حساب میں۔“ (غالب) حيرت جو اِهو احساس آهي، جو، وحدت الوجود جي نظرئي جو بنياد آهي. جتي به تصوف، هڪ عوامي تحريڪ جو روپ ورتو آهي، اُتي اُهو پنهنجي خاص ماحول ۽ مذهبي روايتن کان مٿي اُڀريو آهي ۽ هڪ ئي شڪل ۾ نظر اچي ٿو ۽ اُن ۾ اختلاف بدران هڪجهڙائي ۽ ايڪتا ملي ٿي.“ شيخ اياز، تصوف تي انگريزي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هُئا. هن تصوف توڙي سَريت پسندي (Mysticism) جو وسيع مطالعو ڪيو هو، ’جيڪا نفس جي گھراين مان اُڀري، مشاهدو ۽ ڪشف ڪوٺجي ٿي.‘ اُن لاءِ هن ويدانت، ٻڌمت، جين مت، تائومت، زردشتي مذهب ۽ اُن جي شاخن: مانيزم ۽ مزد هڪ ازم، آمريڪي، آفريڪي ۽ يوناني. سَريت پسندي (Mysticism) ۽ اسلامي تصوف بابت جيترو اڀياس ڪيو هو، اوترو شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر يا فلاسافر ڪيو هُجي. اياز جي پختي راءِ آهي ته ’اسلامي تصوف تي يوناني ۽ هندي سريت پسنديءَ (Mysticim) جو گهرو اثر آهي.‘  صوفين، ويدانتين ۽ سريت پسندن وٽ اُن جي اظهار جون وَن وَن واٽون

RABEL’A RUT MAYA NAGAR (Study of Shiakh Ayaz)

Image
 انجمن اڃان باقي آهي! آءٌ پاڻ کي بيحد خوش نصيب سمجهان ٿو، جو آءٌ سائين جي. ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز جي دور ۾ پيدا ٿيو آهيان، ۽ مون نه رڳو ويهين صديءَ، پر سنڌ جي ايندڙ ڪيترين صدين جي هنن عظيم شخصيتن کي اکين سان ڏٺو، بلڪ مون کي سمورن جي- ڪن جي ٿوري، ڪن جي وڌيڪ قربت ۽ صحبت به نصيب رهي آهي.  31 ڊسمبر 1987ع تي، ’سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس‘ جي موقعي تي، آءٌ ۽ اياز گل، شيخ اياز کي هڪ عرصي جي ادبي خاموشيءَ کانپوءِ، پريس ڪلب حيدرآباد ۾، ادبي ڪانفرنس ’سنڌ جي قومي بقا ۾ اديب جو ڪردار‘ جي صدارت لاءِ راضي ڪري وٺي آيا هئاسون. ان موقعي تي شيخ اياز پنهنجيءَ تقرير جي ابتدا هنن لفظن سان ڪئي هئي: ”مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هن سال به صدارت لاءِ ڪوٺ ڏني آهي. بهتر ٿيندو ته اُن موقعي جو فائدو وٺي اوهان سان پنهنجي موجوده خيالات جو اظهار ڪريان. پنجاهه سال ٿيا آهن ته منهنجي خيالات جو تاڃي پيٽو ساڳيو رهيو آهي. اوهان ان مان اتساهه ورتو آهي ۽ منهنجو آدرش اوهان کي بي چين ڪندو رهيو آهي. زندگيءَ جي هن پوئين پهر ۾، مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته من