Posts

Showing posts from February, 2015

SHAHEED SOOFI SHAH INAYAT

Image
تنهن زماني ۾ سنڌ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي: اُتر سنڌ جي راڄڌاني بکر (سکر) هو، ۽ وچولي سنڌ راڄڌانيءَ ٺٽي ۾ هئي، ۽ لاڙ تنهن زماني ۾ چوٿين سرڪار طور ملتان، صوبي جو حصو هئي، جيڪا مغلن جي حُڪم تي 1679ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اثر ۾ هئي. اهڙيءَ طرح وچولي سنڌ به چئن سرڪارن تي ٻَڌل هئي، جيڪي ٺٽي، چاچڪان، نصرپور، چاڪر هالا جي نالي سان مشهور هيون، ۽ جيڪي صوفي شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي سبب يار محمد ڪلهوڙي جي قبضي ۾ آين. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن مغل سلطنت جو زوال ٿي چُڪو هو ۽ مرهٽا، سِک ۽ راجپوت بغاوتن سندس چيلهه چِٻي ڪري وڌي هئي. اورنگزيب جي موت سان سندس اؤج جو سج لهي چُڪو هو ۽ هاڻي دهليءَ جو نئون مغل بادشاهه، فرخ سير اُن جي وڌيڪ وکرڻ  واري عمل کي روڪي نه پي سگهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جهڙي ڏورانهن علائقي ۾، مطلق العنانيت ۽ جاگيرداراڻي لاقانونيت جو دؤر هو. نوابَ، جاگيردار، پِير ۽ سيد زميندارن طرفان، ڪُڙمين جي لُٽمار جي بازار گرم هئي. انهن اَڻوڻندڙ حالتن ۾، صوفي شاهه عنايت الله ڀرپاسي جي ڪچليل ڪُڙمين کي هڪڙي دائري ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي درگاهه جي سموري زمين، گڏيل پورهئي ۽ فصل جي پيداوار جي بنياد تي

SHAHEED GENRAL HOSH MOHAMMAD SHEDI

Image
آءٌ تاريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اها ڳالهه چوندي ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته سنڌ جي تاريخ وڏن وڏن سانحن ۽ حادثن جي تاريخ آهي. سنڌ جي تاريخ سان فاتحن به اهڙو حشر ناهي ڪيو، جهڙو خود اسان سنڌين ڪيو آهي. هر فاتح اهو ته ضرور ڪيو آهي ته لکن ڪروڙن بيگناهه سنڌي ماڻهن جي لاشن مٿان بيهي نه رڳو پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو آهي، پر تاريخ جي ورقن کي پڻ مظلومن بجاءِ ظالمن جي حق ۾ استعمال ڪندي فاتحن ۽ سندن هٿ ۾ جهليل لال لهوءَ ۾ آلي تلوار کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل بازي ڪئي آهي، ان جو وڏو مثال هي آهي ته انگريز فاتح جنرل چارلس نيپيئر تلوار هٿ ۾ کڻي بي گناهه سنڌي ماڻهن جون سسيون لڻيون ۽ سنڌ کي فتح ڪيو ته ٻئي طرف سندس تاريخدان ڀاءُ وليم نيپيئر قلم هٿ ۾ کڻي پنهنجي ڀاءُ جي فتح ۽ قتل عام کي جائز ڪوٺيندي (Conquest of Sindh) ”سنڌ جي فتح“ نالي ڪتاب لکي تاريخ جي ورقن کي سنڌين جي حق ۾ استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجي فاتح ڀاءُ جي حق ۾ استعمال ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان سنڌي ڌارين جي لکيل ان تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ ان کي قبول ڪيو ويٺا آهيون. جڏهن مون هوشو شهيد بابت حقيقتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيون ته ميرپورخاص جي هڪ مير صاحب سان مل

SHAHEED DODO SOOMRO

Image
سومرن جي دور ۾ چئن دودن ۽ ٻن چنيسرن جو نمايان ذڪر آهي. انهن بابت واقع نگارن جو مجموعي طور رايو آهي ته ٻئي چنيسر پرمتڙيا، لالچي ۽ بيڪار هئا، جڏهن ته دودا دلير، بهادر ۽ ويڙهو هئا. ان تاريخي پس منظر ۾ ائين معلوم ٿئي ٿو ته سومرن ۾ دودن واري تسلسل ۽ بهادرانه ڪارنامن واري روايت سبب دودو لفظ بهادريءَ جي علامت طور منسوب ٿي ويو. بيان ڪيل داستانن جي لوڪ روايت، جنهن طرح غير محسوس ٿيندڙ عوامي انداز سان جنم وٺي، پختي ٿي ۽ پکيڙجي ٿي، هيءَ به هڪ اهڙو ئي مثال آهي. سومرن جي دور جا سڀئي دودا پنهنجي پنهنجي دور جا بهادر ۽ بيباڪ مڙس هئا. ان ڪري دودو سورهيائيءَ جي علامتي اهڃاڻ طور نه رڳو ان وقت، پر موجودهه دور تائين زبان زد عام هلندو پئي رهيو آهي ۽ شايد ان ئي نالي جي نسبت سان دوداڻي، سورهيائي طور ۽ دودو بهادريءَ جي علامت طور سنڌي معاشري ۾ رائج ٿي ويو. ان دور جو مشهور منگتو ڀاڳو ڀان دودي جي حوالي سان دوداڻين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: والي وڳهه ڪوٽ جا، دوداڻي دونڪن، جي ڪنين ٻه هئا سومرا، تن ڏيل اکئين ڏسجن. هنديءَ ۾ دودي جي لفظي معنيٰ ‘راج دل’ يعنيٰ ملڪ جي سگهه آهي پر سنڌيءَ ۾ اهو لفظ گھڻ صفا تي حوالي سان پهلوان، سگ