Posts

Showing posts from January, 2018

NIGAH-E-SHOAQ (Travelogue)

Image
ڪتاب جي باري ۾ ٻه اکر ادب جون ڪيتريون ئي صنفون آهن، جن تي سنڌيءَ ۾ وڏو ذخيرو موجود آهي. ڪيترائي ليکڪ پنهنجي وت ۽ وس آهر ان ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو خاطريءَ واري حد تائين جاري آهي ۽ جاري رهندو، تنهن هوندي به ڪيترائي موضوع اهڙا آهن، جن تي اڃا لکڻ جي ضرورت آهي، انهن ۾ ”سير ۽ سياحت“ به شامل آهي. اسان جي دوست انجنيئر علي اڪبر ميتلو جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ پنهنجي سير ۽ سياحت دوران ملڪ جي مختلف ماڳن جو مشاهدو ڪيو آهي، جتي هن ان مشاهدي دوران جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ پَسيو آهي، ان جو سچائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪٿي به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي، اتي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته هن اُتي جي سماجي ۽ ثقافتي ڳالهين ۽ سماجي ريتن ۽ رسمن تي تنقيدي نظر به وڌي آهي. جيئن ته پاڻ انجنيئر آهن، ان ڪري سندن اکين رستن ۽ عمارتن جي اڏاوتن وغيره کي به انهيءَ نظر سان ڏٺو آهي ۽ نهايت بي باڪيءَ سان انهن جي ڪوتاهين ۽ خامين جو ذڪر به ڪيو اٿس. مختلف علائقن جي ثقافتن جي ڀيٽ به ڪئي اٿس ۽ انهن ماڳن جي تاريخ ۽ جاگرافي به بيان ڪئي اٿس، ته مختلف بزرگن ۽ درويشن جي مزارن تي ٿيندڙ مجاورن، گادي نشينن، سجاده ن

SINDH JEE SOOFYANI SHAERI (POETRY)

Image
ڪلاسيڪل/صوفياڻي شاعري ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ جي وصف: ڪلاسيڪ يا ڪلاسيڪل ادب کي هيٺين مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. 1. اعليٰ درجي وارو ادب-هر اُها تخليق، جنهن ۾ ڪائي امتيازي خاصيت هُجي ته اُها ڪلاسيڪ يا ڪلاسيڪل سڏبي آهي. 2. اُهو ادب، اديب ۽ مفڪر، جيڪي ماضي سان تعلق رکن ٿا، اُهي بجاءِ ڪنهن امتيازي خاصيت، فني ۽ فڪري ڪمال يا ادبي حيثيت جي رُڳو قديم هُئڻ جي ڪري ڪلاسيڪل/ ڪلاسيڪ چورائيندا آهن. 3. روايت جي پيروي جي لاءِ به ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ جي اصطلاح کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.  4. ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ کي عظيم ادب جي معنيٰ ۾ به ورتو ويندو آهي. 5. اُهو ادب، جيڪو ڪمال نُڪتي تي پُهتو هُجي. ڪلاسيڪل ادب/شاعري جي وصف: اُهو ادب/شاعري، جيڪا پنهنجي افاديت ۽ آفاقيت، گهرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري، زمانن جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي هُجي. حالتون بدلجن، پر ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نه اچي. اهو ئي ڪلاسيڪي ادب/شاعري آهي، جنهن سان لطف اندوز ٿيڻ ۽ لاڀ پرائڻ لاءِ مزاج، ذوق، عمر ۽ ٻولي وغيره جا اختلاف حائل نه ٿا ٿين. ڪلاسيڪيت جي خصوصيتن جي لحاظ کان شاعريءَ ۾ قاعدا قانون، انسان جون سُٺايون بيان ڪرڻ، معاشرتي براين جي اپٽار ڪرڻ، شهري ۽ تهذيب