Posts

Showing posts from March, 2015

KAMRED HYDER BUX JATOI

Image
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت ڄاڻ مون کي 1930ع کان وٺي 1935ع تائين ايتري هئي ته هو ڏوڪري تعلقي جو هو ۽ ان لحاظ کان پاڙيسري هو، سندس ڳوٺ ۾ منهنجا چاچا ريزڪي دوڪان هلائيندا هئا جن کان اهو معلوم ٿيندو رهندو هو ته هو هڪ ايماندار، نيڪ ۽ بي تعصب ماڻهو هو. شايد 1931ع ۾ هو اسان جي ڳوٺ ڍل وصول ڪرڻ آيو هو ۽ رات اسان جي اوطاق تي ٽڪيو هو. معلوم اهو ٿيو ته ننڍن کاتيدارن، جن تي بقايا هئي، انهن جا برتڻ ۽ وهڙا به ڪوٽوار ۽ تپيدار ڪاهي آيا هئا جيڪي حيدر بخش موٽائي مالڪن کي ڏنا، تپيدار کي تنبيهه ڪئي ته هر جا اوزار، ڏاند ۽ کاڌي پيتي جا برتڻ ۽ سامان ضبط نه ڪرڻا آهن. حيدر بخش جو لاڳاپو هاري تحريڪ سان 1935-1936ع کان ٿيو، جڏهن هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس ٽنڊي ڄام ۾ هئي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ڪتاب پڙهڻ لڳو. ان کان اڳ هن جو واسطو ٿياسافي وارن سان به هو، جيڪي به سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙ هئا سندس انهن سان لهه وچڙ هئي. ان دور جي دوستن ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، جمشيد نسروانجي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر واسواڻي، ڪامريڊ عبدالقادر ميوو خان (صدر هاري ڪاميٽي) ۽ محمد امين کوسو ۽ ٻ

SHAHEED ALLAH BUX SOOMRO

Image
هند ۽ سنڌ اندر ويهين صديءَ جي سياسي ميدان ۾ شهيد الهه بخش سومرو هڪ غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيتن جو مالڪ اڳواڻ ٿي گذريو آهي. سندس عملي زندگيءَ جي شروعات جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ سکر لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ سان 1932ع کان ٿي ۽ 1943ع جي مئي مهيني ۾ الهه بخش جي شهادت جو واقعو ٿيو، ان حساب سان سندس سياسي زندگي ويهه سال ۽ 4 مهينا ٿئي ٿي. ان مختصر عرصي ۾ هي ٻه ڀيرا سنڌ جو وزيراعظم ۽ هندستان اندر حريت پسند ليڊرن جي صفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن هندستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي منفرد ڪارناما سرانجام ڏنا جهڙوڪ: 1. هي پهريو اڳواڻ هو جنهن وزيراعظم جهڙي عهدي تي هوندي ان ئي سرڪار جي دشمن ۽ آزاديءَ جي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تان نه صرف جلاوطني ختم ڪرائي کيس پنهنجي وطن واپس ورڻ جي اجازت ڏني، پر پاڻ ڪراچيءَ جي بندر تي سندس استقبال لاءِ پڻ ويو. هندستان جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙو اڳواڻ آهي جنهن ان ئي سرڪار جي مخالف کي واپس اچڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن سرڪار جي گورنمينٽ ۾ پاڻ اعلى عهدي تي فائز هو. 2. سڄي هندستان ۾ هي پهريون اڳواڻ هيون جنهن باوجود وزيراعظم جي عهدي تي هئڻ جي، ٻي مهاڀاري جنگ وقت انگريزن جي جابرانه ۽ ظالمان

SHAHEED SORIAH BADSHAH

Image
20 مارچ 1981ع تي شهيد سنڌ حضرت پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي شهادت جو ڏينهن هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ حر جماعت سان تعلق رکندڙ شاگردن اهو ڏهاڙو پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ملهايو هو. ان ۾ مون کي به تقرير جي دعوت ڏني ويئي هئي ۽ مون به بغير ڪنهن تياريءَ جي اسٽيج تي بيهي، حر تحريڪ ۾ ڪيل حرن جي شاندار جدوجهد ۽ سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ پير سائين سورهيه بادشاهه جي زندگيءَ تي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ڳالهايو هو. مون کي ياد ٿو پوي ته، ان ڏهاڙي جي صدارت ۽ خاص مهمان طور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ غلام رباني آگرو شريڪ محفل هئا. مون پنهنجي تقرير ۾ هيٺين نڪتن تي ڳالهايو هو: (1)  چارلس نيپئر سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت سان فتح ڪيو هو ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن هڪ صوبي جي حيثيت سان سنڌ کي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪو سنڌي قوم مٿان هڪ وڏو  تاريخي جبر ۽ ڏاڍ هو. (2)  ننڍي کنڊ (برصغير) جي ورهاست جو بنياد ناانصافيءَ تي ٿيو، جنهن ۾ سنڌ کي تمام وڏو نقصان ٿيو، ڇو ته سنڌ، سنڌي قوم کان فتح ڪئي وئي هئي، پر انگريزن وڃڻ وقت سنڌين کي موٽائڻ بجاءِ ٻه قومي نظرئي هيٺ غير سنڌي مسلمانن کي ڏني، جيڪو انصاف نه هئو. (3)  انگ