WAHI KHATAY JA PANNA ( Autobiography )
وهي کاتي جا پنا سنڌي ادب جي هڪ منفرد، بلڪه مان چوندس ته UNIQUE آتم ڪٿا آهي، جنهن جو مثال ملڻ محال آهي. آتم ڪٿا هڪ فن آهي بلڪ ڏکيو فن آهي، جنهن جي حدن جي تعين ڪرڻ، ڪا سوکي ڳالهه ناهي. ليکڪ جي پنهنجي احساسن ،تجربن، مشاهدن جو پوتا ميل آهي. هر آتم ڪٿا جي ليکڪ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿو ٿي پوي ته هو ڇا لکي ؟۽ ڇا نه لکي؟ڇا ٻڌائي ؟۽ ڇا نه ٻڌائي؟ گهريلو مجبوريون، سماجي مجبوريون مٽيون مائٽيون ،دوستيون ،ياريون ڪٿي بندُ ٻڌي؟ ۽ ڪٿي لوڙهي ڇڏي؟ته ڪٿي ڇوڙ ڪري؟ ڪٿي ڇڙواڳ ٿئي ؟۽ ڪٿي پابند؟ پ ر صنف ۽ فن جي تقاضا آهي ته سچ هجي ۽ سچ لکي. سوانح نگاري تاريخ جي هڪ شاخ آهي، پر ڪن خاصيتن سببان ان کي ادب جي هڪ صنف جي باقائده حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي سوانح فقط انسان جي پيدائش ،ڪٽنب،تعليم، زندگيءَ جي مسئلن ۽ گذاري وڃڻ کي بيان ڪرڻ ئي ناهي، بلڪه ڪنهن شخص جي ظاهر ۽ باطن، اٿڻي ويهڻي، عادتن، اخلاق ۽ معاشرت، وراثت ۽ نفسياتي ڪيفيتن ۽ سندس حياتي جي لاهن چاڙهن جو داستان بڻجي وئي آهي. هاڻي سوانح نگاريءَ لاءِ اهي سڀئي ڳالهيو ن دلچسپيءَ جو باعث آهن، جن سان شخصيت جي اڏاوت، ۽ هڪ مڪمل چٽ چٽڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان ۾ سطحي واقعن ۽ ظ