Posts

Showing posts from April, 2017

TAREEKH MOON KHE BE DOHI QARAR DENDI ( statement to the court )

Image
سنڌيڪار جو نوٽ هن ڪتاب ۾ جيڪي ڪُجهه لکيل آهي، ان جو اندازو ڪتاب کي چڱيءَ طرح پڙهڻ سان ٿي ويندو، البته هن ڪتاب پڙهڻ سان هڪڙي حقيقت حيرتناڪ حد تائين محسوس ٿيڻ لڳي ٿي ته، اُسرندڙ ملڪن جي ارتقائي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. 1953ع واري ڪيوبا، 1940ع واري ڪيوبائي آئين جو بحران، عدالتن جو ڪردار، سماج جي مختلف طبقن جي ماڻهن جو آمريت ۽ جمهويت ڏانهن رويو، طبقاتي اتحاد جا مسئلا، ڪيوبائي فوج جو ان وقت جي ڊڪٽيٽرشپ سان لاڳاپو ۽ ان منجهان ڪن حصن جو جمهوريت ۽ انقلاب ڏانهن لاڙو، ڪيوبائي انقلابين جو آمر حڪمرانن، اقتصادي ڦرلٽ ۽ انهن جي محافظ فوج سان ورتاءُ، جمهوري ۽ انقلابي هلچل دوران اڳواڻن جو سياسي پروگرام ۽ جدوجهد ڪامياب ٿيڻ وقت تجربي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، ان ۾ وڌيڪ کاٻي ڌر واريون تبديليون، هي اهڙا موضوع، مسئلا ۽ بحث آهن، جيڪي  جيترو ڪيوبا لاءِ ضروري ۽ اهم هُئا، اوترو ئي اُسرندڙ ملڪن ۽ اسان جي ملڪ لاءِ ضروري آهن. هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪافي حد تائين، اسان هن وقت پنهنجي ارتقائي مرحلن کي ڪيوبا جي تجربي جي روشنيءَ ۾ پروڙي سگهون ٿا ۽ باوجود ان جي ته هي ٻه ملڪ، ٻن مختلف کنڊن سان تع

INQLAB, AZADI AIN SOCIALISM

Image
هوچي منهه: جيڪو روشني پکيڙي ٿو ”اسين پنهنجو ملڪ وڃائڻ ۽ غلام بنجڻ جي بدران سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. مزدورن، عورتن، پوڙهن ۽ جوانن کي مذهب، عقيدي، سياسي پارٽي يا قوميت جي وابستگيءَ کان مٿانهون ٿي سڀني ويٽنامين کي پنهنجي مادر وطن جي حفاظت لاءِ فرانسي ڌارين جي خلاف جنگ ڪرڻ جي لاءِ اُٿي کڙو ٿيڻ گهرجي.  جن وٽ بندوقون آهن، سي پنهنجون بندوقون استعمال ڪن، جن وٽ تلوارون آهن، اهي تلوارون استعمال ڪن.  جن وٽ تلوارون به ڪونهن ته پوءِ هو بڻڇيون، ڀالا، بيلچا، پاهوڙا يا لٺيون، بانٺا استعمال ڪن.“ مٿان لفظ ان عظيم شخص هوچي منهه جا آهن، جيڪي هن ويٽنامي عوام کي فرانس جي خلاف مادر وطن ويٽنام جي آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽڻ جي اپيل ڪندي چيا ۽ تاريخ شاهد آهي ته  ويٽنامين پنهنجي ان محبوب اڳواڻ جي هڪ هڪ لفظ تي عمل ڪيو. ويٽنامي هڪ بهادر قوم آهي، جنهن پنهنجي آزادي وڙهي، رت جو درياءُ اُڪري ورتي. هو پهرين فرانس سان وڙهيا، پوءِ جاپان سان، پوءِ وري فرانس سان ۽ پوءِ آمريڪا سان. هڪ ننڍي ويٽنامي قوم اڌ صديءَ کان به مٿي عرصو سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. جنهن ۾ سندن لکين ڪونڌر ڪسجي ويا. لکين ماڻهو زخمي ٿيا. ويٽنام جي ڌرتيء