Posts

Showing posts from October, 2017

SINDHI KAHANI AIN KIRDAR’A (HIK IBHYAS)

Image
نواب ڪاڪا نوجوان نئين ٽهيءَ جو سنجيده ۽  سوبر ڪردار آهي، جنهن ٿوري عرصي ۾ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي . نواب ڪاڪا جو هي ڪتاب سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز جو ٻيو فيز آهي ،  سندس اصل موضوع افسانوي ادب جي ڪردارنگاري ئي آهي. ڪردارن جي به عجيب دنيا آهي، انسان پنهنجي ڄم کان پُراسرار ۽ سحرانگيز ڪردارن جي دنيا ۾ جيئڻ شروع ڪندو آهي. سندس لاشعور ۾ مختلف ڪردار ايندا رهندا آهن، جن جي بنياد تي ماڻهوءَ جو دنيا کي ڏسڻ جو رويو جڙندو آهي، اڄ به اسان جي لاشعور ۾ اُهي ديومالائي ڪردار موجود آهن، جن جون ڪهاڻيون اسان جون نانيون ۽ ڏاڏيون  ٻڌائي سمهارينديون هيون. انهيءَ ديومالائي دنيا ۾ ڪيتري سحر انگيزي هئي؛ ڪٿي پريون اڏامندي، رقص ڪندي نظر اچن ٿيون، ڪٿي راڪاس  ڇهه مهينا سمهن ٿا ته ڇهه مهينا جاڳن ٿا، ڪٿي سامونڊي گهوڙا اڏامن ٿا، ڪٿي شهزادا شڪار ڪندي جهنگ ۾ ڀٽڪي وڃن ٿا. ڪيڏي نه پُراسرار، موهيندڙ دنيا هئي ننڍي هوندي جي، وري ڳوٺ جا ڪردار، سادا سلوڻا، باحشمت بزرگن جا ڪردار،  سدائين دعائن جا هٿ کڻندڙ مائرن جا ڪردار،  اسان جو لاشعور انهيءَ سحر ۽ موهه ۾ ڪٿي Nostalgia  جو شڪار ٿئي ٿو ته ڪٿي اسان وري ڀٽائي ۽ سچل جهڙن ڪردا

JANAM BHOOMI SHAMSHAN BHOOMI (New Stories)

Image
”جنم ڀومي، شمشان ڀومي“ علي بابا جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪي هن جي اڳ ڇپيل ڪتابن ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“، ”آيل ڙي اولاڻا“، ۽ ”منهنجون ڪهاڻيون“ مان ڪنهن ۾ به شامل نه آهن. اهي ڪهاڻيون هن مختلف دؤرن ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپائي وساري ڇڏيون هيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيءَ حسرت سان انهن جي گم ٿيڻ جو ذڪر ڪندو هو. مون انهن ڪهاڻين کي ڳولڻ ۾ ڪيترا ئي ڏينهن ۽ راتيون لڳايون آهن، پر هاڻ جڏهن اها امانت عليءَ سان پيار ڪندڙن تائين پهچي رهي آهي ته منهنجا سمورا اوجاڳا ۽ ٿڪ لهي ويا آهن. عليءَ سان گذاريل ڏينهن، محبتن، پنهنجائپ ۽ دوستيءَ جو هڪ بار هيو، جيڪو هنن ڪهاڻين ڪٺي ڪرڻ جي صورت ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هڪ وڏو ڪهاڻيڪار، جيڪو هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، ان کي ياد ڪرڻ ۽ ساڻس پيار ڪرڻ جو هن کان بهتر طريقو ته مون کي سُجهي به نٿو،  ۽ اچي به نٿو! هن ڪتاب جو نالو علي بابا پاڻ ئي پنهنجي پهرئين ڪتاب “ڌرتيءَ ڌڪاڻا” جي آخر ۾ ايندڙ ڪتاب جي اشتهار طور تجويز ڪري ويو هو. سو پنهنجي شفقت جو اظهار هو ايئن به ڪري ويو، ته مون کي ڪتاب جي نئين نالي بابت سوچ ويچار ڪرڻ واري عمل کان به ڇوٽڪارو ملي ويو.  ڊاڪٽر اسحاق سميجو https://web.facebook.c