Posts

Showing posts from January, 2017

SINDH JO AWAZ

Image
ٻه اکر 1970ع واري اليڪشن ۾  مغربي پاڪستان واري حوالي سان ڀٽي صاحب، جنهن نموني جي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اليڪشن ورڪ دوران جن خيالي پلائن جو اظهار ڪيو، تنهن جي هڳاءَ هتان جي وڏي اڪثريت کي سندس مداح بنائي ڇڏيو هو. سندس حرفت بازين نه رڳو هتان جي عام ماڻهن پر پڙهيل لکيل سمجهدار قسم واري ماڻهن جي وڏي انگ مٿان پنهنجو سياسي سحر طاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ائين پئي محسوس ٿيو، جهڙوڪر سنڌ جي سياسي ميدان ۾ موراڳي صفائي ٿي وئي آهي. ڀٽي صاحب جي ڀيٽ ۾ ڪوبه ٻي ڳالهه ڪرڻ وارو رهيو ئي ڪونهي! اهڙي ماحول ۾ سائين جي ايم سيد هڪ طرف جناب ڀٽي کي پنهنجي طرفان تعاون جي آڇ پڻ ڪئي پر ساڳي وقت پاڻ سنڌ جي مستقبل واري حوالي سان ان بدليل ماحول ۾ نئين طرح سان غور فڪر ڪرڻ شروع ڪيائون. جنهن بابت صلاح مصلحت لاءِ مٿي ذڪر ڪيل محمد امين خان کوسي واري خط ۾ پڻ اشارو ملي ٿو. محمد امين کوسي کي سيد صاحب سان ملڻ ۽ مشورو ڏيڻ جو وقت مليو به يا نه ؟ سا خبر ناهي پر سيد صاحب جنهن رخ تي سوچ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو هو، تنهن ڳالهه جي پڪي، پختي نموني سان 31 مارچ 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملهايل ”سنڌي شام“ وقت ڪيل تقرير ۾ پاڻ اظهار ڪري ڇڏيائون