MUNJI ZINDAGI GEE KAHANI
هيءَ ڪهاڻي آمريڪا جي رهاڪو عورت مس هيلن ڪيلر بابت آهي. هوءَ اتر الاباما جي ٽسڪومبيا نالي ڳوٺ ۾ 27 جون 1880ع تي پيدا ٿي، سندس والد آٿر ايڇ ڪيلر دفاعي فوج ۾ ڪئپٽن هو. شروع ۾ ته هيلن جي زندگي عام ٻارڙن وانگر هئي، پر پوءِ اچانڪ اوڻيهه مهينن جي هلندڙ گهمندڙ ۽ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ معصوم ڄمار ۾ سندس گلاب جي گل جهڙي نازڪ وجود کي خزان بيماريءَ جي صورت ۾ اچي وڪوڙيو... گهر ڀاتين ۽ ڊاڪٽرن سندس حياتيءَ مان آسرو ئي لاهي ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته، جنهن کي الله رکي، تنهن کي ڪير چکي، هيلن جي زندگي ته ب چي وئي، پر اُن ڀيانڪ مرض سندس اکين کان نُور کسي ورتو ۽ سندس ڪَنن کي به دنيا جي مٺڙن ورلاپن کان محروم ڪري ڇڏيو؛ يعني بيماريءَ جي حملي بعد ننڍڙي معصوم نينگري نابين ۽ ٻوڙي ٿي ويئي. هيلن ڪيلر جو علاج ڪرائڻ لاءِ سندس مائٽن تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي، پر افسوس انهن کي ڪوبه اهڙو ڊاڪٽر هٿ ڪونه آيو، جيڪو معصوم هيلن جي نيڻن ۽ ڪنن کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جي قوت ڏيئي سگهي. جيئن جيئن هيلن وڏي پئي ٿي، تيئن تيئن سندس دل ۾ ڳالهائڻ جي خواهش زور وٺندي رهي، پر هوءَ ٻُڌي ڪونه ٿي سگهي ۽ سندس دماغ ۾ لفظن جو ذخيرو ڪونه هو، تنهن ڪري ڳالهائي به ڪونه سگهي.