Posts

Showing posts from February, 2016

HALEEM SHOW (Various writing)

Image
مذاح لکندڙ جو مذاح فقط ڏهه سال جٽاءُ ڪندو آهي، ۽ تنهنڪري فقط مذاح ئي لکندڙ جي ادبي زندگي ڪل ڏهه سال هوندي آهي، ۽ جيڪي مذاح لکندڙ پنهنجي مذاح لکڻ کي ڏهن سالن کان به اڳتي ڇڪي ويندا آهن سي پنهنجي ڦاهيءَ پاڻ چڙهندا آهن جو پڙهندڙ سندن لکڻين تي کلڻ بدران سندن پاڻ تي کلڻ لڳندا آهن. اهي ٽيئي بيحد ڪڙيون حقيقتون مون شروعات ۾ ئي خوشيءَ سان قبول ڪيون هيون، اهو ئي خاص سبب هو جو مان مذاح سان گڏ سيريس به لکندو آيس. سٺو ليکڪ پنهنجي وقت کان ڪجهه اڳتي هلندو آهي: سٺو مذاح لکندڙ جي مذاح کي گهڻو دير سان مذاح سمجهيو ويندو آهي، ۽ جڏهن سندس مذاح کي سچ پچ مذاح سمجهڻ شروع ڪيو ويندو آهي تڏهن سندس سيريس لکڻين کي به مذاح ئي سمجهيو ويندو آهي: انهيءَ ڪڙي حقيقت ۾ لڪل ڪاميڊي به آهي ۽ ٽرئجڊي به. دنيا جي ليکڪن ۾ ڪنهن به مذاح نگار کي نه ڳڻيو ويندو آهي. نوبيل انعام سميت دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ ڪوبه ساهتيه انعام ڪنهن به مذاح لکندڙ نه ماڻيو آهي. مذاحيه لکڻين کي دراصل/ حقيقت ۾ ساهت جو حصو ئي نه سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ سنڌي ادب سان ڪجهه وڌيڪ زيادتي ٿيندي آئي آهي: ادبي ادارن تي عالمن ۾ محققن جي مقررين جو ت

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH

Image
واٽن سيئي ويام... ’جي. ايم. سيد ۽ آريسر‘- سنڌ جا ٻه بيچين ۽ بيقرار روح هئا، جن جو وجود ’مُجسم سنڌ‘ هو، سنڌ کان ڌار هنن جي ’وجود‘ ۽ ’هئڻ‘ (Being) جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. هنن جي مَنن ۾، هنن جي نيڻن ۾ سنڌ کان سواءِ نه ’چين‘ هو نه ’قرار‘: ٻيئي لطيف سائينءَ جي سٽ: ’بندي ۽ قرار؟ اسين لوچون لوهه ۾!‘ جو مجسم پيڪر هئا. سنڌ جي سياست جي سموريءَ تاريخ ۾، جيڪڏهن ’سياست‘  کي ’دل‘ ۽ اُن دِل ۾ ’ڌڙڪن‘ پيدا ڪئي ته هنن ٻن شخصن پيدا ڪئي آهي.  مون کي اِنهن ٻن شخصن سان، جيڪي پاڻ ۾ ’يڪ وجود‘ هئا، جيڪا محبت ۽ عقيدت هئي، اُن جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهان، اُهو ئي ڪارڻ آهي جو آءٌ اڄ تائين ٻنهي کي ڪو ڀرپور لفظي خراج پيش نه ڪري سگهيو آهيان، ڇو ته مون جڏهن به مٿن قلم کنيو آهي ته سندن محبتن ۽ شفقتن کي ساريندي، منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي پئي آيون آهن، ۽ سندن اڳيان ڌنڌ ڇانئجي پئي ويو آهي: ’ٽِمو مَ نيڻاهه ته پيرُ نهاريان پرينءَ جو!‘ اڄ جڏهن آريسر صاحب جي هن بنهه نئين ۽ نڪور ڪتابَ: ’جديد دور جا نوان چادر درويش‘ جا ’ٻه اکر‘ لکڻ ويٺو آهيان، ته اکين آڏو آيل اُن ڌنڌ کي هٽائي [جيتوڻيڪ ’ماڻڪين‘ آڏو اُڀري آيل ’انڊلٺ‘ ۾ سندن چ