KAMRED HYDER BUX JATOI


















ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت ڄاڻ مون کي 1930ع کان وٺي 1935ع تائين ايتري هئي ته هو ڏوڪري تعلقي جو هو ۽ ان لحاظ کان پاڙيسري هو، سندس ڳوٺ ۾ منهنجا چاچا ريزڪي دوڪان هلائيندا هئا جن کان اهو معلوم ٿيندو رهندو هو ته هو هڪ ايماندار، نيڪ ۽ بي تعصب ماڻهو هو. شايد 1931ع ۾ هو اسان جي ڳوٺ ڍل وصول ڪرڻ آيو هو ۽ رات اسان جي اوطاق تي ٽڪيو هو. معلوم اهو ٿيو ته ننڍن کاتيدارن، جن تي بقايا هئي، انهن جا برتڻ ۽ وهڙا به ڪوٽوار ۽ تپيدار ڪاهي آيا هئا جيڪي حيدر بخش موٽائي مالڪن کي ڏنا، تپيدار کي تنبيهه ڪئي ته هر جا اوزار، ڏاند ۽ کاڌي پيتي جا برتڻ ۽ سامان ضبط نه ڪرڻا آهن.
حيدر بخش جو لاڳاپو هاري تحريڪ سان 1935-1936ع کان ٿيو، جڏهن هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس ٽنڊي ڄام ۾ هئي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ڪتاب پڙهڻ لڳو. ان کان اڳ هن جو واسطو ٿياسافي وارن سان به هو، جيڪي به سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙ هئا سندس انهن سان لهه وچڙ هئي. ان دور جي دوستن ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، جمشيد نسروانجي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر واسواڻي، ڪامريڊ عبدالقادر ميوو خان (صدر هاري ڪاميٽي) ۽ محمد امين کوسو ۽ ٻيا ڪامريڊ حيد بخش جتوئيءَ سان ملندا جلندا رهندا هئا ۽ انهن سان حيدر بخش جي ڏيٺ ويٺ هئي، پر نوڪريءَ ۾ هوندي به سندس خيالات گهڻو اڳتي ۽ انقلابي هئا، ان دور ۾ به هن نوڪري ڇڏي ڪل وقتي ڪارڪن ٿيڻ جو سوچيو مگر دوستن جي چوڻ تي اهو پروگرام ٽاريندو رهيو.
1935ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي دنيا ڀر جي ملڪن ۽ انقلابن ۽ ڪميونسٽ تحريڪن ڀڙڪو کاڌو ۽ ان اُڀار واري دور کان حيدر بخش به شدت سان متاثر ٿيو ۽ هن ۾ عوام جي خدمت لاءِ نڪري پوڻ جو جذبو پيدا ٿيو ۽ دوستن ۽ ساٿين جي سمجهاڻين ۽ جهلڻ جي باوجود به هن نوڪري ڇڏي ۽ هاري تحريڪ ۾ ٽپي پيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين هو هاري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ رهنما رهيو ۽ هاري ڪميٽيءَ کي قومي ڪردار عطا ڪرڻ ۾ هن جو نمايان حصو هو. هاري ڪميٽي هارين جي طبقاتي گُهرجن کان گهڻو مٿي نڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جو اڳواڻ دستو (جٿو) بڻجي وئي.
1953ع کان 1969ع جي ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏ سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار رهبر ٿي انهن پندرنهن سالن ۾ حيدر بخش جتوئي ايوب شاهي ڊڪٽيٽر شپ ۾ پنجاب جي جاگيرداري نوڪر شاهي سازشن کي بي نقاب ڪندو رهيو، جنهن ڪري هو گهڻو وقت جيلن ۾ رهيو. پر جنهن وقت به هو ٻاهر رهيو ته جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام خلاف قلمي ۽ تعليمي جهاد ڪندو رهيو، ان دور ۾ هن جمهوريت يا ڊڪٽيٽر شپ پاڪستان ۾ ٽن حصن ۾ شايع ڪيو.
جسٽس منير جي فيصلي جي خلاف ”ڊيمو ڪريسي ۽ جسٽس آف دي چيف جسٽس“ لکيو ۽ ”سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير“ ”سنڌ مٿان ڍلن جو بار“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڪتابڙا لکيائين جن ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي، جنهن ڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ کيس سزائون مليون.
جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ رهيو، نه پاڻ آرام ڪيائين ۽ نه حاڪمن کي آرام سان وهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي ٿائينڪو ٿي، ٿڌو ٿيڻ نه ڏنائين يا ساهي کڻڻ نه ڏنائين.
”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.“
1958ع کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هو ”سنڌ“ ”سنڌي قوم“، سنڌ جي هارين جو علمبردار ۽ اڳواڻ ۽ هاري پورهيت تحريڪ جي اڻ ٿڪجندڙ انجڻ جو ڪم ڏيندو رهيو.
هن جي وفات کانپوءِ هاري تحريڪ ۽ سنڌ جي وجود لاءِ جدوجهد ۾ جيڪا ماٺائي آئي، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪي انسان پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ٿين ٿا. حيدر بخش جتوئيءَ جهڙو بهادر، مظلومن جو حمايتي، سنڌ ۽ هاري جي حقن لاءِ بي خوف ۽ ڊائينمو جي حيثيت رکندڙ شخصيت اسان هن وقت تائين وري نه پيدا ڪري سگهيا آهيون. حيدر بخش جتوئي جي همهءَ گير شخصيت، خلوص، شريف طبيعت بي عيب ذاتي زندگي ڪنهن به تحريڪ لاءِ فخر جو سبب آهي ۽ هن پنهنجي سموري ذهني، روحاني ۽ جسماني صلاحيتن ۽ قوتن سان سنڌ جي مظلوم ۽ پيڙيل عوام ۽ خاص طور هارين لاءِ جهاد ڪيو.
حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. 1935ع کان 1953ع تائين هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريو ڏيڻ ۽ ان لاءِِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڌو اڌ بٽئي، براجن جي زمين هارين کي ڏيارڻ، پراڻي زمينداري سرشتي هيٺ هارين جي حقن کي مڃرائڻ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي رعب ۽ دٻاءُ کي للڪارڻ ۽ مقابلن جو دور ليکجي ٿو ۽ ٻيو دور 1953ع کان وٺي 1980ع، تائين جنهن دور ۾ حيدر بخش جتوئي (۽ سندس ساٿين) جي جاکوڙ هاري تحريڪ کي سنڌ جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ جنهن سبب کيس ”باباءِ سنڌ“ ڪوٺجي ٿو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ سان وقت بوقت ڪي سنها ٿلها اختلاف به ٿيا، پر شابس آهي هن مرد مجاهد کي جو ڪڏهن به ذاتي بغض يا سياسي بغض تي وقت نه وڃايائين ۽ اسان سان هميشه ساٿين، دوستن ۽ ڀائرن وانگر نڀايائين، هو مون کان عمر ۾ ويهه سال وڏو هو پر ڪڏهن به هن مون کي اهو سوچڻ جو موقعو نه ڏنو ته سندس ”ننڍو ڀاءُ“ آهيان يا هو ”وڏو“ هو. 1935ع ۾ جڏهن مان گوبند مالهيءَ سان گڏجي ”نئين دنيا“ رسالي لاءِ لکيل مواد وٺڻ لاءِ وٽس ويس تڏهن کان هو منهنجو مهربان دوست، ساٿي ۽ جدوجهد ۾ ساٿي سرواڻ رهيو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ وقت بوقت پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪمت عملي ۽ طريقهءِ ڪار جو نڪته چين به رهيو، جنهن ڪري هن کي ”ڊسپلن“ هيٺ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو. پر ڪميونسٽ پارٽيءَ ڪڏهن به هن کي پاڻ کان الڳ يا جدا نه سمجهيو. وقت بوقت هن سان صلاح مشورو ۽ تنظيمي رابطو برقرار رهيو، حيدر بخش جتوئي پاڻ کي فخريه ڪميونسٽ سڏايو ۽ پنهنجي آخري انٽرويوءَ ۾ به پاڻ مرادو چيائين ته هو مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن کان متاثر هو ۽ انهن مان ئي هن علم پرايو هو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي هڪ اعليٰ درجي جو مفڪر، انقلابي جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ، تحريڪن کي منظم ڪندڙ ۽ ”سنڌ جي قومي وجود“ ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جو سرواڻ ۽ انهن ٻنهي تحريڪن کي ڳنڍيندڙ پل جو ڪم ڏيندڙ اڳواڻ هو، ڇو ته سنڌ (۽ پاڪستان) جي عوام جي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ۾ هنن ٻنهي جهدن کي گڏڻ جي اشد ضرورت هئي ۽ آهي، ڇو ته انهن ٻنهي تحريڪن جي گڏجي هلڻ ۾ ئي اسان جي نجات آهي.

سوڀو گيانچنداڻي

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 693
Kitab Jo Nalo : KAMRED HYDER BUX JATOI

Compiled by: Dr. Azad Qazi

First Edition © Roshni 2015
Pages : 192
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.200.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG