SHAHEED ALLAH BUX SOOMRO

























هند ۽ سنڌ اندر ويهين صديءَ جي سياسي ميدان ۾ شهيد الهه بخش سومرو هڪ غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيتن جو مالڪ اڳواڻ ٿي گذريو آهي. سندس عملي زندگيءَ جي شروعات جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ سکر لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ سان 1932ع کان ٿي ۽ 1943ع جي مئي مهيني ۾ الهه بخش جي شهادت جو واقعو ٿيو، ان حساب سان سندس سياسي زندگي ويهه سال ۽ 4 مهينا ٿئي ٿي. ان مختصر عرصي ۾ هي ٻه ڀيرا سنڌ جو وزيراعظم ۽ هندستان اندر حريت پسند ليڊرن جي صفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن هندستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي منفرد ڪارناما سرانجام ڏنا جهڙوڪ:

1. هي پهريو اڳواڻ هو جنهن وزيراعظم جهڙي عهدي تي هوندي ان ئي سرڪار جي دشمن ۽ آزاديءَ جي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تان نه صرف جلاوطني ختم ڪرائي کيس پنهنجي وطن واپس ورڻ جي اجازت ڏني، پر پاڻ ڪراچيءَ جي بندر تي سندس استقبال لاءِ پڻ ويو. هندستان جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙو اڳواڻ آهي جنهن ان ئي سرڪار جي مخالف کي واپس اچڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن سرڪار جي گورنمينٽ ۾ پاڻ اعلى عهدي تي فائز هو.

2. سڄي هندستان ۾ هي پهريون اڳواڻ هيون جنهن باوجود وزيراعظم جي عهدي تي هئڻ جي، ٻي مهاڀاري جنگ وقت انگريزن جي جابرانه ۽ ظالمانه ڪاررواين کي نظر ۾ رکندي سرڪار کان مليل لقب واپس ڪيا ۽ احتجاج طور هڪ جامع ۽ مدلل خط وائسراءِ کي موڪليو جنهن ۾ انگريزن جي ڪڌن ڪمن کي ننديو. اهو خط برصغير جي سياسي مواد ۾ هڪ اهم تاريخي دستاويز واري حيثيت رکي ٿو.
ويهين صدي واري سنڌ ۾ الهه بخش جهڙو بااخلاق، بلند ڪردار ۽ اسلام جي بنيادي اصولن جي پابند شخص (جنهن جي ڪجهه جهلڪ هن ڪتاب ۾ آيل مختلف مضمونن مان ملي ٿي) ۾ ٻه وڏيون اهم خاصيتون هيون، هڪ ته هو بنيادي طرح هڪ ننڍڙي ٺيڪيدار منجهان محنت سان ترقي ڪري اڳتي نڪري آيو هو، ان ڪري جاگيرداڻي سوچ ۽ روايتن جو مخالف ۽ ۾ ذهبي بنياد پرستيءَ کان پري هو. انهن ٻنهي خاصيتن سبب هُو هڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ قوم پرست خيال جو مالڪ اڳواڻ ٿي اُڀريو. ان حوالي سان نه رڳو سنڌ بلڪ سڄي هندستان ۾ کيس منفرد مقام حاصل هيو. هو ترقي پسند سوچ جو صاحب ۽ معاشي بيهڪ جي لحاظ کان ڪاروباري ذهنيت جي مالڪ هئڻ ڪري حقيقي معنى ۾ وچولي ڪلاس جو علمبردار هو جڏهن ته ان وقت جا سياست ڪندڙ ٻيا سڀئي اڳواڻ ڪي سڌيءَ طرح (وڏي اڪثريت) ته ڪي اڻ سڌي طرح جاگيرداراڻي سوچ ۽ عمل جا نمائندا هئا. انڪري انهن مڙني جي سوچ ۽ عمل ۾ نه ته سيڪيولر خيال شامل هئا ۽ نه وري ترقي پسندي! انڪري الهه بخش جي فڪر ۽ عملي جدوجهد کي ڏسڻ کانپوءِ اها ڳالهه پختي يقين سان چئي سگهجي ٿي ته هو سنڌ کي مخصوص مذهبي ۽ جاگيرداراڻي ماحول منجهان ٻاهر ڪڍي، سيڪيولر بنيادن تي اڳتي وٺي وڃڻ جو خواهشمند هو. جيئن ته الهه بخش وٽ سيڪيولر ۽ خودمختيار/ آزاد سنڌ وارو تصور هيو، انڪري هو هندستان جي مسلم ۽ غير مسلم قومي فڪر جي بنيادن تي ورهاست جو مخالف ۽ هندستان اندر سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار هو.
ان سلسلي ۾ سندس ڪوششن سان 1940ع ۾ آزاد مسلم ڪانفرس نالي سان دهليءَ ۾ ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، ان جو اصل مقصد ته آل انڊيا مسلم جي ان تاثر کي زائل ڪرڻ هيو ته، ڪو هندستان جا سمورا مسلمان، هندستان جي ورهاست چاهين ٿا پر ان ڪانفرنس سڏائڻ منجهان ڪي مستقل ۽ ديرينه نتيجا پڻ حاصل ڪرڻا هئا، جن جو اظهار ان ڪانفرنس طرفان پاس ڪيل فيصلن منجهان پڻ ٿئي ٿو.
ان ڪانفرنس جا مکيه ٺهراءَ هن ريت هئا:

1. مسلمان چاهين ٿا ته هندوستان لاءِ پورن (ڪامل) آزادي هٿ ڪجي.

2. هندوستان جاگرافي ۽ راڄنيتي حدن جي لحاظ کان هڪ پڪو ملڪ آهي، تنهن ڪري سڀني ذاتين ۽ مذهبن جي ماڻهن لاءِ ساڳيو ئي رهڻ جو مڪان آهي ۽ سڀني ذاتين ۽ مذهبن جا ماڻهو اُن جي مال اسباب جا مالڪ آهن.

3. هرڪو مسلمان هندستاني آهي.

4. هندوستان جي مسلمانن جو مقصد آهي: پورن آزادي ۽ مذهبي حقن جو بچاءُ (”سنڌو“ مئي 1940 ص 79)
ان وقت جڏهن مسلم ليگ مذهبي حوالي سان هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڪئي رنڊڪون وجهي رهي هئي تڏهن الهه بخش اسلام جي عالمگير حيثيت واري حوالي سان ان جي اهميت کي اجاگر ڪندي نهايت ڪارگر دليلن سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ جو ڪنهن خاص ايراضيءَ تائين اسلام کي محدود ڪرڻ وارو تصور، خود غير اسلامي عمل آهي، ۽ اهڙي قسم جي ڪارروائين سان قومن جا قومي حق ۽ تاريخي تصور محدود ٿي نه ٿا سگهن.
دهليءَ ۾ سڏايل آزاد مسلم ڪانفرنس جنهن ۾ مولانا حفظ الرحمان، مولانا حبيب الرحمان، حافظ محمد ابراهيم سابق وزير يو پي، عبدالرحمان سرحدي، مفتي ڪفايت الله. مفتي محمد نعيم ۽ بنگال جو عبدالله القاضي شريڪ هئا، ان جي صدارت ڪرڻ جو شرف پڻ شهيد الهه بخش سومري جي حصي ۾ آيو هو. جنهن ان اهم تاريخي نوعيت واري تقرير (جنهن جا ڪجهه حصا هن ڪتاب ۾ آيل آهن) ۾ اها ڳالهه کليل لفظن ۾ بيان ڪئي هئي ته، ”مسلمان هڪ جداگانه قوم نه آهن ڇاڪاڻ ته:

(الف) اها اسڪيم پيش ڪندڙ (بنيادي طرح) هندستاني هئا.

(ب) هندستان جا مسلمان، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي (هندوستاني يا انڊين) چوائين ٿا.

(ج) هندوستاني مسلمانن جي اڪثريت، هن ملڪ جي قديم رهواسين جي نسلن منجهان آهي ۽ ان لحاظ کان دراوڙن ۽ آرين کان ڪنهن به طرح مختلف نه آهن.

(د) مذهب جي تبديل ٿيڻ سان قوميت مٽجي نه ٿي وڃي.“(1)
ان موقعي تي مسلم ليگ جي سياست بابت الهه بخش چيو هيو: ”هڪ سياسي جماعت جي حيثيت ۾ ڪانگريس جي نمائنده حيثيت ته سمجهه ۾ اچي ٿي... پر جيستائين مسلم ليگ جو تعلق آهي، ته سواءِ هنگامن ۽ جلسن جي ٻيو آخر ڪهڙي بنياد تي مسلم ليگ هندوستاني مسلمانن جي اڪثريت جي نمائنده جماعت قبول ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿي. ان جي نمائندگيءَ جو امتحان ان وقت ٿيندو، جڏهن ليگ پنهنجي لاهور واري ريزوليشن کي مسلمانن اڳيان پيش ڪري ان مسئلي تي نئين سر چونڊ ون وڙهيون وڃن.“(2)
مسلم ليگ جي اهڙي قسم واري پاڪستان اسڪيم بابت الهه بخش جي سوچ هئي ته ”اها اسڪيم، هندستان جي آزاديءَ واري راهه ۾ رنڊڪون وجهي ٿي.... جيڪڏهن سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ جا مسلمان ان اسڪيم کان ڌار ٿي وڃن ته پنجاب جو پاڪستان هڪ ڏيهي رياست جي برابر وڃي بچندو.“(3)
الهه بخش جي دور رس نظر ان وقت ئي اهو ڄاتو پئي ته پاڪستان اسڪيم جو بنياد پنجابين جي مفادن سان وابسطه آهي ان ڪري هو پنهنجي ساٿين سان گڏ اها ڪوشش ڪري رهيو هو ته ان اسڪيم جي اثر کان سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي پري رکي سگهجي.
اها ڳالهه مسلم ليگ وارن پڻ محسوس ڪئي پئي انڪري سندن پهريون وار الهه بخش تي ٿيو. رهاڱي واري مقصد کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ منجهان جڏهن 3 مارچ 1943ع تي بل پاس ڪرايو ويو(4) تڏهن الهه بخش سومرو ان جي خلاف نه رڳو سنڌ پر پوري هندستان ۾ سرگرم ٿي ويو هو. اهو ئي سبب هيو جو کيس 14 مئي 1943ع تي قتل ڪرايو ويو. اهڙي ريت سنڌ منجهان مسلم ليگ خلاف اٿندڙ هڪ طاقتور آواز بند ٿي ويو، ان کانپوءِ پاڪستان اسڪيم واري حوالي سان سرخ پوش اڳواڻ عبدالغفار خان ۽ سندس ساٿين مٿان جيڪي ويل وهايا ويا ۽ جنهن نموني جون اٽڪلون ڪري ورهاڱي وارا مقصد حاصل ڪيا ويا، ان کان هر تاريخ جو ڄاڻو باخبر آهي.
شهيد الهه بخش سومري جي قوم پرستانه فڪر جي مختلف پاسن کي سمجهڻ لاءِ اڄوڪي سنڌ جي عظيم قوم پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي هيٺين لکت پڙهندڙن جي بهتر نموني رهنمائي ڪري سگهي ٿي. هو صاحب لکي ٿو ته، ”پاڻ الهه بخش کان سوال ڪيائون ته، جناح سان سندس ڪهڙا اختلاف آهن؟ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ بابت ڪهڙي راءِ اٿو؟ علامه اقبال واري خطبي ۾ آيل 1940ع ۾ لاهور ٺهراءَ بابت توهان جو ڪهڙو رايو آهي؟ مٿين سوالن جي جواب ۾ شهيد الهه بخش کيس واضح لفظن ۾ ٻڌايو هو ته:

1. جناح صاحب جو مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جدا قوم وارو تصور ۽ ان جي آڌار تي ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ وارو سوال مون کي قبول نه هو. اهو نظريو غير اسلامي فرسوده ۽ دنيا جي موجوده تسليم ڪيل قومي نظرين مطابق صحيح نه هو.

2. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻئي آل انڊيا جماعتون آهن، جيڪي سنڌ جي حالات ۽ حقيقتن کان بي خبر آهن، تنهنڪري انهن ۾ شموليت سنڌ جي جداگانه هستيءَ ۽ مفاد لاءِ نقصانڪار آهي. سنڌين مس مس محنتون ڪري سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرايو آهي، وري کين اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي، جو سندن خودمختياري ختم ٿي وڃي.

3. ”تون (جي ايم سيد) هينئر سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو، اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسانجي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ٿيندي. ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي 1930ع واري آل انڊيا مسلم ليگ جي (الهه آباد واري) خطبه صدارت کي غور سان پڙهندين ته توکي معلوم ٿيندو ته ان موجب سنڌ جي آزادي ختم ڪري ان کي پنجاب جي تابع بڻائڻو هو. هن وقت توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو سيٺئي جي لوٽ کسوٽ، حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر اڳتي هلي توکي پنجاب سول سرونٽ، سولجر ۽ يوپيءَ جي دماغ جو مقابلوڪرڻو پوندو ۽ پوءِ پتو پوندو ته ملڪ جوورهاڱو مفيد هيو يا مضر.“

4. ”تون (جي ايم سيد) خيالي دنيا ۾ رهين ٿو، ان ڪري سياست عمليءَ جي طريقن کان غير واقف آهين، سياست عمليءَ، ٺهرائن(1) ۽ اصولن کي ڪو پڇي ئي ڪونه. تاريخ پڙهي ڏسندين ته توکي معلوم ٿيندو ته مذهبن جا احڪام، حڪومتن جا عهدناما، طاقت، حقيقتاً شخصي ۽ طبقاتي مفاد جي ضرورتن ۽ مقامي حالات جي گهرجن ۽ تقاضائن پٽاندر اڪثر ڪري قربان پئي ڪيا ويا آهن. (ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“.)
شهيد الهه بخش سومري جي دور رس نظر، جو ڪجهه ان وقت محسوس ڪيو پئي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي حڪمت عمليون اختيار ڪيون پئي، جيڪڏهن کيس قتل نه ڪيو وڃي ها ته يقيناً سنڌ جي اهڙي صورتحال نه هجي ها، جهڙي هاڻ وڃي بيٺي آهي. ڇاڪاڻ ته الهه بخش نه رڳو ان وقت ئي عالمي معيار جو اڳواڻ هيو پر سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پڻ سندس ذهن ۾ ڪيئي پروگرام هئا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڻ وچولي ڪلاس منجهان هئڻ ڪري، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ مذهبي فرقي پرستن جي مقابلي لاءِ هو پاڻ جهڙو وچولو ڪلاس تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ اها ڳالهه اڄ به بنيادي طرح غور طلب آهي ته جيستائين سنڌ ۾ صحتمند قسم جو وچولو ڪلاس پيدا نه ٿو ٿئي، تيستائين سنڌ جي مونجهارن ۽ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو پيو نظر اچي.

قلم تازو
شهيد الهه بخش سومرو، جديد سنڌ جو هڪ اعليٰ ڪردار آهي، جنهن جي ياد صدين تائين وَرَ وَرَ ڪري، محب وطن سنڌين جي دلين ۾ هُرندي رهندي.
’جي هينئڙي منجهه هُرن سي مُلُ مهانگا سپرين‘.
سنڌ جي سياست جو عقل ۽ ڏاهپ وارو روشن خيال پهلو شهيد الهه بخش جي ذڪر کان سواءِ اڌورو آهي. شهيد الهه بخش پنهنجي دور جو هڪ نرالو ڪردار هو، جنهن کي وقت سر نه سمجهي سگهڻ ڪري سنڌ ۽ سنڌي سماج اوڙاهه ۽ ۾ ڪرندو پيو وڃي. وري به اسان کي رهبر سنڌي سائين جي ايم سيد جو احسانمند ٿيڻ گهرجي، جنهن  ٻين ڪيترن اعليٰ ڪاوشن سان گڏ شهيد الهه بخش واري سياسي فڪري جدوجهد کان سنڌ جي ايندڙ نسل کي متعارف ڪرائي، سندس اصل مقام ياد ڏياريو.
سائين جي ايم سيد پنهنجي مخصوص فڪر واري حوالي سان، متنازع شخصيت وارو روپ ڌاريندو وڃي. هڪ اهڙو ڪردار جنهن جي اهميت کان انڪار به ڪري نه ٿو سگهجي. قبول ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پئي محسوس ٿئي. اهڙي صورتحال ۾ وڏي هوشياريءَ سان ڪوشش اها پئي ٿئي ته جي ايم سيد بمقابل الهه بخش واري رجحان کي زور وٺائجي. چي:”ان کان ته الهه بخش وڌيڪ ذهين ماڻهو هو، وڏو قابل ماڻهو هو“.
الهه بخش جي ڏاهپ ۽  دانائيءَ کان ته ڪو جاهل ئي انڪار ڪري سگهندو، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته هردور جي پنهنجي پنهنجي تقاضا هجي ٿي. الهه بخش واري ڳالهه ان وقت نه سمجهي غلطي ڪئي ويئي ته اها ان دور جي گهرج هئي، جنهن کي سمجهيو وڃي ها ته يقيناََ مختلف صورتحال هجي ها. ان ڳالهه جو ته سيد پاڻ به اعتراف ڪيو آهي، پر اهو ضروري آهي ڇا ته اهائي ساڳي صورتحال اڄ به موجود رهي، جيڪڏهن تجربن جي روشني ۾ ان کان وڌيڪ جامع خيال سيد پيش ڪيو ته اها به اڄوڪي دور جي تقاضا آهي. هاڻ اهو خيال ڪنهن کي قبول ناهي ته ڀلي، ان جي رد ۾ ڪو ٻيو خيال پيش ڪري، پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته وقت جو ڪانٽو واپس ڪونه ٿيندو آهي.
سائين جي ايم سيد جي ڪائي ڳالهه ڪنهن کي قبول ڪانهي ته اهو انهن جو جمهوري حق آهي، پر ان ۾ الهه بخش کي اڳيان ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي. الهه بخش ۽ جي ايم سيد ٻئي پنهنجي پنهنجي عمل ۽ ڪردار واري حوالي سان يڪتا آهن، انهن جي ڪنهن حوالي سان هڪ ٻئي سان ڀيٽا ڪرڻ اجائي آهي. سندن اصول پرستي، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪيل جدوجهد جو ملهه  ئي ڪونهي. رهيو سوال حڪمت عملي ۽ ڪارڪردگيءَ جو ته وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ اهي تبديل ٿيڻ وارا عمل آهن. انهن جي بنياد تي ڪي مفروضا جوڙڻ سان، پنهنجا پنهنجا اُلو ته سڌا ڪري سگهجن ٿا. پر جدوجهد واري سفر ۾ هٿ ونڊائڻ بجاءِ، اهڙيون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ڪو ڪارگر عمل ڪونهي. الهه بخش واري دور ۽ هاڻوڪي صورتحال  جون پنهنجون پنهنجون تقاضائون آهن. مثال طور، ورهاڱي (1947) در ورهاڱي (1971) کان پوءِ هن خطي جي قومي آزاديءَ واري تصوير ۾ تيزي اچڻ ۽ ڪيل تجربن جي روشني ۾ قومن جي آزاديءَ وارو تصور وڌيڪ منظم ۽ سگهارو ٿيو، جنهن ڪري حقن واري حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙن پنهنجي قومي وجود کي سڃاڻي آزاديءَ واري سفر لاءِ نئين انداز سان جدوجهد جي شروعات ڪئي، جنهن ڪري هاڻ سنڌ جي سياست جي ان حوالي سان تڪ تور ٿئي ٿي. جنهن دور ۾ الهه بخش سومري سياست ڪئي پئي، جيتوڻيڪ ان وقت ۾ آزاديءَ واري هوا گُهلي پئي، پر باوجود ذهين ۽ ڏاهي پارليامينٽرن هئڻ جي، هُن ان  هوا کي پاڻ تائين پهچڻ نه ڏنو. ان ڪري موجوده دور جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو سندس شخصيت  ۽ سياست جو هن طرح تجزيو ڪري ٿو:
هن وٽ خودمختيار جو تصور نه هو.... آخري وقت تائين انهيءَ ڪوشش ۾ لڳو رهيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪجي. سندن سياسي بصيرت جي ڪري انهيءَ وقت جي سنڌ لاءِ هو هڪ بهترين منتظم طور سامهون آيو“. (جديد، سنڌ جو قومي اڳواڻ الهه بخش ص 15-16).
اڄ جڏهن تبديل ٿيل صورتحال سبب قومي آزاديءَ کي هٿي ملي آهي ۽  قومن ۾ آزاديءَ جا آواز بلند ٿيڻ لڳا آهن ته  الهه بخش جي ان وقت واري اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ کي ڪو خراب چوندو ڇا؟انهيءَ ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن کي سائين جي ايم سيد جي ڳالهه قبول ناهي ته اهو ان کي حق ٿو پهچي، پر ان مقصد لاءِ الهه بخش يا ڪنهن ٻئي سپوت جي شخصيت جي جدوجهد کي مد مقابل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ، اهو ڪو مناسب رويو ڪونهي.
سائين جي ايم سيد ته اهو اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي مفاد خاطر پاڻ کي پوئتي رکي، سدائين ٻين کي اڳتي آندو. خود الهه بخش جي حقيقي ڪردار کان نئين نسل کي واقف ڪرائڻ وارو ڪم به پاڻ ڪيائين، نه رڳو ايترو پر ماضيءَ ۾ الهه بخش واري دور انديشيءَ کي نه سمجهي سگهڻ ۽ سندس چيل ڳالهين کي اهميت نه ڏيڻ وارن واقعن کي پڻ پاڻ ئي منظر عام تي آندائين. سنڌ خاطر اختيار ڪيل سندس اهڙو عمل نه رڳو ورهاڱي وارن عذابن ملڻ کان پوءِ نظر اچي ٿو، پر الهه بخش  جي هوندي ئي جڏهن سياسي گهماگهمي هلي پئي، تڏهن به سيد جو ساڳيو ڪردار نظر اچي ٿو. مثال طور هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ نياز همايوني لکيو آهي ته:
”1940ع قرارداد پاس ٿيڻ کان پوءِ الهه بخش ٻه قومي نظريي خلاف پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪيو، تڏهن اها پوري ڪوشش ٿي رهي هئي ته الهه بخش کي اڳتي اچڻ نه ڏنو وڃي. اهڙي ماحول ۾ به اهو جي ايم سيد ئي هيو، جنهن جناح صاحب جي ناراضگيءَ جي پرواهه نه ڪندي، سندس منع ڪرڻ جي باوجود وزارت تان استعفيٰ ڏيئي، الهه بخش کي پنهنجي  جاءِ تي اڳتي آندو ۽ پوءِ وڏي محنت ڪري کيس ٻيهر وزير اعظم واري منصب تي فائز ڪرايو. نه رڳو اهو پر الهه بخش جي قابل ذڪر ڪارنامن، جهڙوڪ: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جلاوطني ختم ڪرائي سنڌ واپس آڻڻ، توڙي ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ جي حمايت ڪرڻ جهڙن معاملن ۾ سندس مددگار هو. جيتوڻيڪ سندن طريقه ڪار ۾ فرق هو ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ مٿان الهه بخش وزير اعظم جي عهدي تان استعفيٰ ڏني. ان ساڳي معاملي تان سيد، جناح سان جهيڙو ڪيو، جيڪو اڳتي هلي جدائي جو ڪارڻ ٿيو. اصل ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ، تاريخ جي دفترن مٿان وڌل پردن کي چاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڪيترائي راز کلندا.
الهه بخش جي سياست ۽ شهادت پڻ هڪ قسم جو راز آهي، جنهن کي سالن کان شعوري طور ظاهر نه ڪيو ويو آهي، ان بابت ڪم ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي. الهه بخش بابت هي ڪتاب جڏهن ٻيهر شايع ٿي رهيو آهي، تڏهن هن ۾، اڳ کان وڌيڪ معلومات ڏني ويئي آهي. پيش ٿيندڙ مواد شهيد الهه بخش بابت بنيادي ماخذ واري حيثيت رکي ٿو. ان نوعيت واري مواد جي اڃان ڳولا جاري آهي ته جيئن اڳتي هلي، سنڌي جي هن سپوت جي حوالي سان، ڪو جامع ڪتاب لکي سگهجي.

طالب العلم
ڊاڪٽر آزاد قاضي

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 692
Kitab Jo Nalo : SHAHEED ALLAH BUX SOOMRO

Compiled by: Dr. Azad Qazi

First Edition © Roshni 2015
Pages : 280
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.300.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG