SHAHEED SORIAH BADSHAH
















20 مارچ 1981ع تي شهيد سنڌ حضرت پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي شهادت جو ڏينهن هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ حر جماعت سان تعلق رکندڙ شاگردن اهو ڏهاڙو پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ملهايو هو. ان ۾ مون کي به تقرير جي دعوت ڏني ويئي هئي ۽ مون به بغير ڪنهن تياريءَ جي اسٽيج تي بيهي، حر تحريڪ ۾ ڪيل حرن جي شاندار جدوجهد ۽ سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ پير سائين سورهيه بادشاهه جي زندگيءَ تي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ڳالهايو هو. مون کي ياد ٿو پوي ته، ان ڏهاڙي جي صدارت ۽ خاص مهمان طور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ غلام رباني آگرو شريڪ محفل هئا.
مون پنهنجي تقرير ۾ هيٺين نڪتن تي ڳالهايو هو:

(1)  چارلس نيپئر سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت سان فتح ڪيو هو ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن هڪ صوبي جي حيثيت سان سنڌ کي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪو سنڌي قوم مٿان هڪ وڏو  تاريخي جبر ۽ ڏاڍ هو.

(2)  ننڍي کنڊ (برصغير) جي ورهاست جو بنياد ناانصافيءَ تي ٿيو، جنهن ۾ سنڌ کي تمام وڏو نقصان ٿيو، ڇو ته سنڌ، سنڌي قوم کان فتح ڪئي وئي هئي، پر انگريزن وڃڻ وقت سنڌين کي موٽائڻ بجاءِ ٻه قومي نظرئي هيٺ غير سنڌي مسلمانن کي ڏني، جيڪو انصاف نه هئو.

(3)  انگريزن هڪ صديءَ تائين سنڌين مٿان نه صرف راڄ ڪيو، پر ظالماڻو رويو روا رکيو. پوري هڪ صدي سنڌي ماڻهن خاص طور پير سائين پاڳاري جي حرن کين سُکَ سان سرڪار هلائڻ نه ڏني ۽ مسلسل جدوجهد ذريعي انگريز سامراج جون ننڊون حرام ڪيون.

(4)  انگريز سامراج، جنهن جي سلطنت تي سج لهندو ئي ڪونه هو، جنهن پنهنجي حڪمرانيءَ جا وحشي ۽ خوخوار چنبا هن عظيم ڌرتيءَ تي کوڙي ڇڏيا هئا، انهن مهاتما گانڌي جي اهنسا ۽ عدم تشدد جي فلسفي ۽ محمد علي جناح جي تقريرن ۽ تحريرن کان ڊڄي ڪري هندستان ڪو نه ڇڏيو، پر تاريخ شاهد آهي ته، اُهي قائدِ انقلاب، سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻ پير سائين صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي حر تحريڪ ۽ گوريلا ويڙهه کان خوفزده ٿي ۽ هندستان جي عظيم انقلابي اڳواڻن سڀاش چندربوس، ڀڳت سنگهه، شيخ الهند مولانا محمود حسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تحريڪ پاران گوريلا حملن ۽ خطرناڪ ڪاررواين کان ڊڄي هندستان خالي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا.
برصغير جي تاريخ انهن کي کڻي ڪهڙي به نالي سان ياد ڪري، پر اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته انگريز حاڪم اهڙا شريف ڪونه هئا، جو چند جلسن جلوسن ۽ تقريرن کان ڊڄي هندستان ڇڏي وڃن ها.

(5)  سنڌ گذريل ڏيڍ صديءَ ۾ جيڪو ڪجهه برداشت ڪيو آهي ۽ اڄ به جيڪو ڪجهه برداشت ڪري رهي آهي، ان جا گهڻي قدر جوابدار اسين سنڌي خود پاڻ ئي آهيون. تاريخ شاهد آهي ته، پير سائين سورهيه بادشاهه ئي، اهو اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي سمورن قومپرست اڳواڻن کي اهو احساس ڏياريو ته ڪانگريس يا مسلم ليگ سنڌي قوم کي پنهنجي حق نه وٺي ڏينديون، تنهن ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌي اڳواڻن کي پنهنجو تاريخي حقن، خاص ڪري ”حق حڪمراني صرف سنڌين لاءِ هجڻ کپي“ ۽ ان حق لاءِ ’وطن يا ڪفن!‘ ۽ ’آزادي يا موت!‘ واري نعري جي بنياد تي انگريزن سان وڙهڻ کپي. اهي تاريخي ڳالهيون رڪارڊ تي موجود آهن، پر سنڌ جي ليڊرن ان طرف ڌيان نه ڏنو ۽ انگريز سنڌ کي هڪ ڀيرو وري ڪارن انگريزن جي غلاميءَ ۾ ڏئي ڇڏيو.

(6)  ان ئي تقرير دؤران مون چند مطالبا ڪيا هئا ته، ”سورهيه بادشاهه جي قربانين جي عيوض پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن تي پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي تصوير لڳائي، کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي.
حر تحريڪ جو هڪ عظيم يادگار قائم ڪيو وڃي. پير صاحب سورهيه بادشاهه جي قبر جي ڳولا ڪري، ان کي قومي يادگار جو درجو ڏنو وڃي.
ان تي صدر ۽ خاص مهمان کان ڇرڪ نڪري ويو هو، ته ڇو ته ڪرنسي نوٽن تي پير صاحب پاڳاري سورهيه بادشاهه جي تصوير ڇپڻ وارو مطالبو تمام وڏو ۽ اڻ ٿيڻو هو ۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙ اديبن، محققن ۽ دانشورن لاءِ نئون هو. حالانڪ مان ان خيال جو آهيان ته سورهيه بادشاهه جيڪڏهن ايڏي وڏي جدوجهد نه به ڪري ها ته به هو سنڌ اندر بادشاهَن جو بادشاهه هجي ها. انگريز هڪ صدي راڄ ڪري سنڌ مان نڪري ويا، پر پير پاڳارو خاندان ۽ حر اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن. اڄ کڻي سورهيه بادشاهه جي قبر جي خبر ناهي، پر سنڌين جي دلين ۾ سندس عزت، احترام ۽ عقيدت اڄ به برقرار آهي ۽ سدائين برقرار رهندي.

منصور قادر جوڻيجو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 694
Kitab Jo Nalo : SHAHEED SORIAH BADSHAH

Writen & Compiled by: Mansoor Qadir Junejo

First Edition © Roshni 2015
Pages : 248
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.250.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG