HINDUSTAN JO WIRHAGO: MAFROOZA AIN HAQEEKATOON (Partition of India:Legend and Reality)


























































هيءُ ڪتابُ، دراصل، هندوستان جي هِڪَ نامور مؤرخ ايڇ ايم سيروائي [Hormasji Maneckji Seervai] جي انگريزي ٻوليءَ ۾ لِکيل  هڪ تحقيقي مَقالي ”Partition of India:Legend and Reality“ جو سِنڌي ترجمو آهي، جيڪو هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ جي حوالي سان هڪ انتهائي اهم ۽ پُرمغز مَقالو آهي، ۽  اِهو ئي سبب آهي، جو مُون اُن ڪتابَ کي پنهنجي تحقيقي ڪَمَ ۾ هڪ ماخذ طور پڻ استعمال ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب جي اهڙي اهميت کي ڏسندي، مون اُن کي سِنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو اِرادو ڪري ورتو هو، پر پنهنجي تحقيقي ڪم واريءَ مصروفيت سببان اُن جو تڪڙو  ترجمو ته نه ڪري سگهيم، البت، جڏهن وقت مليو، ته اُن جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪري ڏنم، ۽ ائين، لڳاتار ڏهن مهينن جي محنت کان پوءِ هاڻ هيءُ مقالو لائق پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي.
ايڇ ايم سيروائي صاحب هيءُ سڄو ڪتابُ، عائشه جلال جي انگريزي ڪتابَ The Sole Spokesman, Jinnah Muslims League and the Demand for Pakistan جي پڙهڻ کانپوءِ ئي لکيو هو، ۽ دراصل، اُنهيءَ ڪتابَ کيس اُهو تَحَرڪُ ڏنو، ته هُو هندوستان جي ورهاڱي جي موضوع تي ظاهر ٿيل تازي رڪارڊ ۽ دستاويزي ثبوتن سان نئين سر تحقيقي بنيادن تي جائزو وٺي ۽ اصل حقيقتن، ڳالهين توڙي مفروضن کي تاريخ جي رڪارڊ تي  آڻي، ته جئين ورهاڱي ۽ پاڪستان  جي ٺهڻ جي حوالي سان فِڪِرَ جي دُنيا ۾ ڦهلجندڙ اڪيچار غلط ۽ من گهڙت مفروضن جو سدباب ٿي سگهي، ۽ اُنهي سوچَ تحت سيروائي صاحب کي هيءُ ڪتاب Partition of India:Legend and Reality لکڻو پيو، جنهن ڳالهه جو ليکڪ پاڻ به اعتراف ڪيو آهي. بهرحال، ايڇ ايم سيروائي صاحب پنهنجي هنَ ڪتابَ ۾ عائشه جلال جي مُؤقِفَ جي حمايت ۾ اُهو مُؤقِفُ رکيو آهي، ته هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ٺاهڻ جي ذميوار صحيح معنى ۾ مُسلم ليگ ۽ جناح نه، پر خود ڪانگريس ۽ اُن جي ليڊرشپ هئي، جنهن جي ڪوتاهه انديشي ۽ سياسي ناباليدگي سببان حالتون ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام ڏانهن هليون ويون. اهڙي مؤقِفَ سان گڏ سِيروائي صاحب مُسلم ليگ جي جذباتيت تي به لکيو آهي، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب ۽ اُن جو تحقيقي مُوقِفُ، اڪيڊمڪ هجڻ سان گڏ نهايت متوازن به بڻجي پيو آهي. دراصل، ڪتابَ جي اُنهيءَ خُوبيءَ مون کي اُن جي ترجمي ڪرڻ جو تَحَرڪُ ڏنو.
هنَ ڪتابَ جي ٻي اهم ڳالهه اِها آهي، جو هيءُ سڄو ڪتاب هندوستان ۾ رهندڙ هڪ هندو مُحقق جو لِکيل آهي، جنهن ۾ هُن جنهن غيرجانبدار انداز ۽ رويي سان اصل حقيقتن جو جائزو وٺي، جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اُن مان ليکڪ جي سياسي ڏاهپَ، غيرمعمولي ڄاڻ، تجزياتي صلاحيتَ ۽ تَحقيقي مَهارتَ جو ڀليءَ ڀت اندازو ٿئي ٿو، ۽ ٻيو ته،  هنَ سَڄي ڪتاب ۾، هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام بابت جن معاملن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، اُهي سمورا معاملا ٺوس سياسي نوعَ وارا آهن، جنهن مان اُهو پڻ واضح ٿئي ٿو، ته پاڪستان جو ٺهڻ يا اُن جو قيامُ،  ڪنهن به طرح سان نام نهاد ٻه قومي نظرئي يا ڪنهن مَذهبي تَصَورَ جي بُنيادَ تي نه، پر گڏيل هندوستان جي مَرڪَزَ جي سياسي جوڙجَڪَ ۽ اُن ۾ هندو ۽ مُسلمانن جي سياسي برابريءَ واري سوال تي، ڪانگريس ۽ مُسلم ليگ ۾ ظاهر ٿيل عدم اتفاقَ واري ٺوس سياسي تڪراري صورتحال سببان عمل هيٺ آيو. بهرحال، هنَ سڄي ڪتاب ۾ جنهن انداز سان سرڪاري رڪارڊ ۽ دستاويزي ثُبوتن کي پيش ڪيو ويو آهي، ۽ جنهن مُدلل انداز سان تاريخي سچائين کي ثبوتن سان گڏ پڌرو ڪيو ويو آهي، اُن ڳالهه ڪتابَ کي تحقيقي ۽ تاريخي لحاظ کان انتهائي اهم ۽ Authentic بڻائي ڇڏيو آهي. اُن ڪري، ائين چئي سگهجي ٿو، ته ورهاڱي جي مُوضوع تي، هيءُ هڪ انتهائي اهم ۽ پُرمَغز ڪتاب آهي. اُن جو مُطالعو، پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست سان دلچسپي رکندڙ  شاگردن لاءِ نهايت ضروري آهي، ۽ اُميد اٿم ته، هيءُ ڪتاب ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام واري معاملي سان لاڳاپيل اڪيچار غلط، من گهڙت ۽ مفروضاتي ڳالهين کي رد ڪري، پاڪستانَ ۽ ورهاڱي بابت تاريخي مَعروضِيتَ تي ٻَڌل صحيح ۽ حقيقي مؤقِفَ کي اُڀاريندو. ياد رهي ته، هيءُ ڪتابُ به، منهنجي پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست تي 20 ڪتابَ لِکڻ واري تحقيقي رٿا جو حصو آهي ۽ اِهو ڪُل رٿا جو چوٿون ڪتابُ آهي. حياتي رهي ته هِنَ رٿا جا ٻيا ڪتابَ به جلد پڌرا ٿي رڪارڊ تي ايندا.

 اياز علي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/39296423-hindustan-jo-wirhago

Book No . 890
Kitab Jo Nalo : HINDUSTAN JO WIRHAGO: MAFROOZA AIN HAQEEKATOON

(Partition of India:Legend and Reality)

Author: H. M. Seervai
Sindhi Translation: Ayaz Ali

First Edition © Roshni 2018
Pages : 328
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 400.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG