KHAT’A AEEN KHAYAL


































سائين جي. ايم. سيد حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو معمار آهي. هڪ اهڙو معمار جنهن کي قوم جي سمورين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اوڻاين ۽ ضرورتن جي اُون هئي. ان حوالي سان سندن ڪوشش هوندي هئي ته قومي معيار کي بلند رکڻ لاءِ لاڳاپيل ضرورتن جي پورائي به ڪئي وڃي. ظاهر ڳالهه آهي ته ايترين گهڻ پاسائن ضرورتن جي پورائي، ڪنهن هڪڙي فرد جي وس جي ڳالهه ته ڪانه هئي.
ساڳي وقت جڏهن قوم جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن ان جي ننڍن وڏن قبائلي ۽ نسلي تفاوتن کي درگذر ڪندي به سيد سنڌي قوم کي وحدت وارو نئون موڙ ڏنو. سنڌ جا ماڻهو جيڪي مذهب جي بنياد (جنهن جو پوءِ آهسته آهستي ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي پڻ اثر پوڻ لڳو)تي سنڌي هندو ۽ مسلمان گروهن ۾ ورهايل هيا. ۽ بدقسمتيءَ سان سنڌ جا غير مسلم تعليم ۽ سول سوسائٽيءَ جي معاملن ۾ اڳڀرا هئا. اهڙي ماحول ۾ قومي مفادن جي بنيادن تي ڪن ادارن جو جوڙڻ ۽ انهن کي تفرقي بازيءَ کان پاسي تي رکندي سڀني جي سهڪار سان، سڀني لاءِ قابلِ قبول ڪري هلائڻ، تمام وڏو ڏکيو مسئلو هو. ان مسئلي کي صحي نموني حل ڪرڻ لاءِ سائين جي. ايم. سيد کي قوم جي مختلف ڪمن لاءِ پڙهيل لکيل طبقن مان وڻون وڻون جي ڪاٺي ڪري پڙهيل ڳڙهيل قابل شخصن جي ڳولا ڪرڻي پئي، ان دوران بار بار تڪليفن ۽ ناڪامين ملڻ کان پوءِ به لاڳيتو ڪوشش ڪندو رهڻ واري طريقي سان، آخرڪار پاڻ ڪيترائي اهڙا ڪم ڪرائي سگهيو، جن جو ڪنهن به قوم لاءِ هئڻ لازمي ۽ باعث فخر هجي ٿو.
مختلف نوعيت جا ڪم ڪرڻ ۽ انهن ۾ ٻين فردن کي شموليت ڪرائڻ واري پنهنجي لاڙي طرف اشارو ڪندي سائين جي. ايم. سيد 1930ع ۾ سڏايل هڪ تعليمي ڪانفرنس جي جلسي ۾، ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي چيو هو ته:
”مون هڪ فتحمند سپهه سالار وانگر نون نون ملڪي ڪمن جي ايجاد پئي ڪئي آهي ۽ چڱي ۽ درست حالت ۾ اهو ٻين جي هٿن ۾ پئي ڏنو آهي ۽ ساڻن پنهنجي مدد ۽ ڪم لاءِ پاڻ کي تيار پي رکيو آهي. آئينده جيڪڏهن ٺهيل ٺڪيل ڪم کي به ڪيترائي ڇڏيندا ۽ ان لاءِ ڪجهه به نه ڪندا ته ان ۾ منهنجو ڏوهه ته ڪونهي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو نامور عالم ۽ اسڪالر هو، سندس علمي حيثيت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي پاڻ مختلف ميدانن ۾ ڪيئي علمي ڪارناما سرانجام ڏنا اٿائين. وڏو محنتي ۽ جاکوڙي شخص هو. سندس اهڙن اعليٰ صفتن سبب سائين جي. ايم. سيد سنڌي علم و ادب جي واڌاري ۽ سڌاري جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڪم سندس حوالي ڪرايا ۽ ڪيترن ئي ڪمن ۾ پاڻ سندس علمي توڙي عملي حوالي سان سهڪار ڪندو ۽ مددگار ٿيندو رهيو. اهڙي طرح ڪيترن ئي معاملن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي باوجود بلوچ صاحب، سيد صاحب جي ”جنب گذاريم جن سين“ واري حلقهء احباب ۾ جاءِ نه والاري سگهيو. جيتوڻيڪ سيد صاحب طرفان ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي بنيادي مواد Source Matiral لاءِ خط لکي مواد هٿ ڪرڻ واري طريقيڪار موجب، بلوچ صاحب کان به گهربل مواد، خط رستي گهرائڻ وارا اهڃاڻ ملن ٿا، پر پوءِ اچانڪ اهو سلسلو اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ اتي رڪجي ويو. منهنجي خيال ۾ ان جو بنيادي ڪارڻ سيد صاحب تي بندشون ۽ بلوچ صاحب جو ملازمت ۾ هئڻ هو. ان ئي سبب ڪري غلام مصطفيٰ شاهه پڻ شامل نه ڪيو ويو.
جڏهن کان اسان جو سائين جي. ايم. سيد سان تعلق جُڙيو، تڏهن معلوم ٿيو ته سيد صاحب، بلوچ صاحب تي جهڙوڪر ناراض هجي. منهنجي خيال ۾ ايئن ٿيڻ جو بنيادي ڪارڻ بلوچ صاحب جي طبيعت ۾ هيٺيان ٽي رجحان چئي سگهجن ٿا، جيڪي آهستي آهستي ٿي وڌيا ويجهيا، اُسريا ۽ نسريا. سندس شخصيت بابت ويچار ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته بلوچ صاحب وڏي عالم هئڻ واري پَدَتي پهچڻ باوجود، ٽن منفي پرستن جي دائري مان نڪري نه سگهيو، کيس جڏهن به، جتي به، موقعو ملندو هو ته انهن ٽن پرستن کي پروان چڙهائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو هو. اهي ٽي پرستيون، هُيون:
1. نسل پرستي
2. عرب پرستي
3. اسٽيبلشمينٽ پرستي
سندس سمورو ڪيل ڪم انهن ٽن رجحانن واري دائري کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهيو. اڄ عالمن اديبن جي وڏي اڪثريت بلوچ صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل رجحانن بابت ذاتي ڪچهرين ۾ ته ڳالهائي ٿي، پر ان بابت علمي حوالي سان ئي صحي، پر پرنٽ ميڊيا ۾ اهڙي ڳالهه ڪرڻ کي خبر ناهي ڇو مناسب ناهي سمجهيو ويو.
ان حوالي سان هيٺيان ٻه مثال درياءَ مان قطري جي برابر شمار ڪري سگهجن ٿا.
بلوچ صاحب طرفان ڪيل لوڪ ادب واري ڪم ۾ سماٽ نسل جو ڪوبه سورهه کيس نظر ڪونه آيو، هر جاءِ ٻروچ بهادر، بيباڪ ۽ فاتح ظاهر ڪيا اٿس. ۽ سماٽ ڪمزور، هيڻا ۽ نيچ ظاهر ڪيا اٿس. ان حوالي سان مزيدار ڳالهه اها ته محترم فاضل شيخ سکر وارو جنهن پاڻ به لوڪ ادب واري ميڙا چونڊي ۾ ڪردار ادا ڪيو هو، ان محترم محمد پنهل ڏهر سان هڪ ڀيري ذڪر ڪيو ته ”ادا ڪيتريون بلوچن جي نالي ۾ روايتون اسان بلوچ صاحب جي چوڻ تي هٿ جون به جوڙي شايع ڪرايون.“
نامور عالم ۽ ڊگهي عرصي تائين سنڌي ادبي بورڊ (جنهن جي لوڪ ادب هڪ اسڪيم هئي) جو سيڪريٽري رهندڙ محترم محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ۽ راقم سان هڪ ڀيري ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ”ادا اسان کي ٻيڙو فقير ۽ محمد اسماعيل نون، بلوچ جي انهن رجحانن طرف نشاندهي ڪندا هئا، پر اسان ائين پئي سمجهيو ته هڪ وڏو ڪم هن جي هٿان ٿئي ٿو، نوجوان آ، مطالعي ۽ مشاهدي بعد آهستي آهستي حقيقتن کي سمجهي ويندو.“
بلوچ صاحب ۾ مٿي ذڪر ڪيل رجحان ئي هئا، جنهن ڪري کيس رني ڪوٽ جهڙو شاهي قلعو به ٽالپرن جو ٺهرايل نظر اچي پيو. ڪلاسيڪل شاعريءَ واري ميڙاچونڊيءَ وقت به کيس ٻه چار سيد ۽ باقي ٻيا رڳو ٻروچ ئي صوفي شاعر نظر آيا. سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ واري لڙهي جي هڪ مڻيادار موتيءَ سامي چئنرام تي ته موراڳي ٺٺوليون ڪيون اٿس. پاڻ لکي ٿو ته:
”سندس جنم شڪارپور جي سيٺ گهراڻي ۾ ٿيو، گرمکي اکر سکيو، ڌرمي پستڪ پڙهيو ۽ پوءِ اباڻي ڌنڌي واپار ۾ گهڙيو. ڀائي چئنراءِ لُنڊ کي جيتوڻيڪ ’سامي‘ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو آهي، مگر نه ڪو هو سامي سنت (سوامي) هو ته نڪي وري عام سامين واري رنگ ۽ لباس ۾ هو. هو هڪ سيٺ هو، واپار ۾ مشغول رهيو ۽ سڄي عمر امرتسر ۾ اباڻي ڪوٺي هلايائين. سندس گرو ’ٻانڀڻ مينگهراج‘ هو جيڪو به مهاپرش سوامي (سامي) هو، جنهن جي مت ۽ سکيا جو آخر مٿس ايترو اثر ٿيوجو هن مايا جي مستي کان مڙي پرماتما جي هستيءَ ۾ ڌيان ڌريو پر جيئن ته هن سڄي جواني واپار ۾ سود ۽ لوڀ ۽ مايا جي موهه ۾ صرف ڪئي هئي، انڪري ڌرمي وياهه موجب مٿس ’چوراسي جنم‘ جو ڀئو چڙهيو جنهن کان ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙيائين.“
   بلوچ صاحب هر لکندڙ کي محنت ڪرڻ، تحقيق طرف توجهه ڏيڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي ترغيب ڏيندو رهندو هو، پر سندس اهو همٿائڻ غير محسوس ٿيندڙ طريقي سان، مٿي ذڪر ڪيل دائري ۾ ئي ڦرندو رهيو. شڪارپور واسي ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙي وڏي محنت ڪري جديد سنڌي ادب جي هڪ وڏي شاعر کيئلداس فانيءَ جو ڪلام مرتب ڪري شايع ڪرايو، ان جي ڪاپي جڏهن بلوچ صاحب کي پيش ڪيائين، تڏهن ڏاڍي شفيقانه انداز ۾ ڌيرج سان کيس چيائين ”ادا ڀلو ڪم آ، پر مسلمان شاعر به کوڙ آهن، جن تي ڪم رهيل آهي.“
بلوچ صاحب جي وڏو نامور عالم هئڻ ۾ ڪو شڪ ڪونهي. وڏي ڳالهه ته پاڻ واحد عالم هو، جنهن کي سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي دسترس حاصل هئي، پر سندس مٿي ذڪر ڪيل پنهنجو مخصوص انداز ۽ طريقيڪار هو، جنهن جا اڃا ڪيئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، پر گهڻو تفصيل ۾ وڃڻ اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن منجهس مٿي ذڪر ڪيل منفي لاڙا نه هجن ها ته هو هر لحاظ کان يڪتا عالم سمجهيو وڃي ها.
جيستائين سائين جي. ايم. سيد جو تعلق آهي ته پاڻ ٻين ڪيترن عالمن کان ڪم وٺڻ وانگر بلوچ صاحب کي پڻ شروعاتي دور ۾ مختلف ڪمن ۾ همٿايو، تعاون ڪيو ۽ مددگار ٿيو. پر پوءِ سيد صاحب جڏهن سندس مٿي ذڪر ڪيل رجحانن کي پرکيو، تڏهن ان تي تنقيد (ڪچهرين ۾) ڪيائين، ڇاڪاڻ ته سيد صاحب بنياد پرستي، مذهب پرستي ۽ اسٽيبلشمينٽ جو مخالف هو. ان ڪري بلوچ صاحب کي پڻ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته هڪ محقق کي اهڙي نوعيت جو رويو روا رکڻ نه ٿو جُڳائي، ڇاڪاڻ ته تحقيق جو ڪم تفرقي، مذهب پرستي يا نسل پرستيءَ کان مٿانهون هئڻ گهرجي. جيئن ته بلوچ صاحب جو رجحان مختلف هو، ان ڪري پوءِ سندس سيد کان دوري ٿيڻ شروع ٿي، ويتر جو سيد مختلف محاذن تي سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ آيو ته سندن هڪ ٻئي سان تعلقات رڳو پراڻن رسالن ۽ فائيلن تائين محدود رهجي ويا اڳتي وڌي نه سگهيا.
جڳ مشهور سنڌي عالم علامه آءِ. آءِ. قاضي 1941ع ۾ سيد صاحب کي خط رستي، ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته پاڻ سَنَ ۾ هڪ مڪتبه جو بنياد وجهڻ گهري ٿو. جنهن ۾ سيد صاحب سهڪار لاءِ تيار هو. قاضي صاحب ته مختلف سببن ڪري اهڙو ڪم سرانجام ڏيئي نه سگهيو. پر سيد جي اندر ۾ جا سنڌ جي سماج (جنهن جو سياست ۽ ادب پڻ حصو آهي) کي بهتر ڪرڻ واري تڙپ سمايل هئي، ان تحت اڳتي هلي پاڻ مختلف ميدانن ۾ بنيادي نوعيت وارن ڪمن جي پورائي لاءِ مختلف حوالن سان ڪوششون ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ مختلف ماڻهن جي چونڊ ڪري انهن کي سندن معيار موجب ڪم حوالي ڪري، انهن ڪمن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري، سنڌي سماج جي سماجي ۽ ادبي گهرجن واري حوالي سان، ڪيترن ئي ڪمن جو پورائو ڪرايو. ايتري قدر جو ڪيترن ئيPhd  ڊاڪٽرن کي سندن موضوع واري، مواد جي پورائي جي  سلسلي ۾ پڻ سهڪار ڪيو. جن سن ۾ مهينن جا مهينا ويهي، سيد جي لائبريريءَ ۾ موجود مواد ۽ سندن پنهنجي تجربي وارن تعلقاتن مان فائدو حاصل ڪري، پنهنجي پنهنجي ڪمن کي پايئه تڪميل تي پهچايو.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ٻين ادارن جهڙوڪ قومي لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ وغيره جي سلسلي ۾ سيد صاحب وٽ مختلف حوالن سان وسيع پروگرام هو. پر انهن کي اڳتي وڌائڻ جو کيس موقعو ملي ڪونه سگهيو. ان جو بنيادي ڪارڻ سندس سرڪاري ماڻهو نه ٿيڻ هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد رکڻ ته رڳو سڀ ڪجهه ڪونه هو. ان بابت پاڻ جيڪي رٿائون رٿيون هيائون انهن کي اڃان عملي جامون پهرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جو وقت آيو ئي ڪونه هو، جو ون يونٽ قائم ڪيو ويو، پاڻ ان خلاف محاذ کڙو ڪيائين ته مٿان مارشل لا آئي، جنهن سڀني جا ٽپڙ ويڙهائي ڇڏيا، اهڙين حالتن سرڪار نواز موقعي پرست ماڻهن جو موجون ڪرائي ڇڏيون، ان دور ۾ جتي سنڌ جي مالي وسيلن ۽ سياسي مفادن کي نقصان پهتو، اتي ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي پڻ سرڪار نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. ان لاءِ پهريون ڪم ادبي، ثقافتي ادارا آفيسرن جي حوالي ڪرڻ ۽ پنهنجا من پسند ماڻهو مقرر ڪرڻ سان ڪيو ويو.
جناب ذوالفقار علي ڀٽو جيئن ته جنرل ايوب خان جو پُٽيلو هو، ان ڪري سنڌ جي اهڙن موقعي پرست ماڻهن اُهي ڪم ان جي مدد سان سرانجام پئي ڏنا. ان وقت واري صورتحال ۽ اهڙي ماحول جو ذڪر ڪندي بلوچ صاحب لکي ٿو:
”مان ان وقت شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هيم ۽ مسٽر نياز احمد ڪمشنر حيدرآباد ڪميٽيءَ جو چيئرمين هيو. صدر پاڪستان جنرل محمد ايوب خان جو دور هيو. صدر صاحب کي دعوت ڏني وئي ته هو ڀٽ شاهه اچي ۽ شاهه عبداللطيف جي سالياني عرس جو افتتاح ڪري.“
ظاهر ڳالهه آهي ته جنرل ايوب خان کي اها دعوت ڪمشنر حيدرآباد، چيئرمين ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڏني وئي هوندي. جڏهن پهريان جنرل ايوب خان آيو ته پوءِ بقول ڊاڪٽر بلوچ:
”1961ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي دعوت ڏني وئي ته پاڻ شاهه عبداللطيف جي سالياني عرس جو افتتاح ڪري. ڀٽو صاحب ان وقت صدر جنرل محمد ايوب خان جي ڪابينه جو رڪن هو. ان دعوت قبول ڪئي ۽ 27 جولاءِ 1961ع تي اطلاع آيو ته ڀٽو صاحب ٻولهڙي جي هوائي اڏي تي 28 جولاءِ تي صبح جو 11 بجي پهچندو. (هو جڏهن پهتو) مون ان کي انهيءَ شام جو ڀٽ شاهه تي عرس جي پروگرام کان آگاهه ڪيو. چيائين ته مان ساڍي پنجي بجي پهچندم. ڀٽو صاحب ٺيڪ ساڍي پنجي بجي ڪانفرنس هال ۾ پهتو. ڀٽو صاحب پنهنجي تقرير في البديه انگريزيءَ ۾ ڪئي جنهن جو ترجمو مون ٻڌايو.“
ڀٽي صاحب طرفان ڀٽ شاهه تي ڪيل اها ئي تقرير هئي، جنهن ۾ هُن شاهه لطيف جو ذڪر ڪندي چيو هيو ته:
”اڄ جيڪڏهن شاهه لطيف جيئرو هجي ها ته ون يونٽ جي حمايت ڪري ها، ۽ ايوب خان کي هار پارائي ها.“ (سنڌ ڳالهائي ٿي ص 234) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان وابستگيءَ جو ذڪر ڪندي بلوچ صاحب لکي ٿو:
”سن 1960ع جي شروعات کان هن ثقافتي مرڪز جي خدمت منهجي حوالي ٿي آهي. (لطيف سالگرهه مخزن نمبر 3-سال 1961ع، ص 23)
پر ان ڳالهه جا جيڪڏهن پيرا کڻبا، ۽ لوڪ ادب واري انداز ۾ ان جا ٽاڻا ڳولبا ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان بلوچ صاحب جي وابستگي 1953ع ۾ شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪاميٽي واري وقت کان هئي، جنهن جو ميران محمد شاهه چيئرمين ۽ سائين جي. ايم. سيد، ان جو سڀ کان وڏو  اهم صلاحڪار ۽ مددگار هو.
سيد صاحب جي ”شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر“ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت هئي، ان جو اندازو سيد ميران محمد شاهه چيئرمين ڪلچرل سينٽر جي 10 اپريل 1958ع واري خط مان ٿئي ٿو، جنهن ۾ هو سيد صاحب کي لکي ٿو:
”عبدالستار صاحب پيرزادي ’لطيف ڪلچرل سينٽر‘ جي ميٽنگ 14 اپريل تي، ساڍي پنجين بجي، ڪراچي ۾ رکي آهي. اوهين ميٽنگ ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اها ميٽنگ ملتوي ٿي ته ڪم رهجي ويندو.“
مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سياستدانن جي تعاون سان بااثر ٿيل افسرشاهيءَ پهريون نشانو شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪاميٽي جي انهن ئي ٻن سرڪردن کي بنايو. ان ڳالهه جو اندازو ميران محمد شاهه طرفان 18 جون 1959ع تي سائين. جي. ايم. سيد کي لکيل خط جي هيٺين جملن مان ٿئي ٿو:
”شاهه لطيف ۽ ان سان متعلق ڳالهين بابت خيال اوهان کي نه هوندو ته ٻئي ڪنهن کي هوندو. مگر ”هڪڙي بندي من ۾، ٻي جا ڪري الله“ ’ڪلچرل بورڊ‘ جي تشڪيل ڦيرائي ويئي آهي. نئون بورڊ به مهيني کن کان وجود ۾ آيو آهي. ان مان پيرزادو (عبدالستار) آءُ ۽ اوهين خارج ڪيا ويا آهيون. پيرزادي جي جاءِ تي ڪمشنر حيدرآباد کي چيئرمين مقرر ڪيو ويوآهي.“  (رهاڻ ص 263)
سائين جي. ايم. سيد جن عالمن، اديبن کي همٿائي اڳتي آندو، ۽ ڪيئي ڪارگر ڪم ڪرايا، سنڌ جو نامور اسڪالر ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو اهڙي ئي دائري ڪار وارن عالمن ۾ اچي ٿو، جنهن کي سيدصاحب مختلف علمي ڪمن لاءِ اتساهي، رهبري ڪري مختلف قسم جون سهولتون ڏيئي، گهربل ڪمن تي ڪم ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب سيد صاحب جي بيحد اسرار ۽ سعي سبب جن ڪمن جي ابتدا ڪئي، جن مان ڪي وقت سر پورا ٿيا ته ڪي سالها سال گذرڻ بعد (جامع ڪم وقت وٺندا آهن) پورا ٿيا پر انهن جو ابتدائي خاڪو ۽ خيال سيد صاحب جو ڏسيل ۽ تيار ڪيل هو، جنهن لاءِ پاڻ ذاتي طور تي دلچسپي ورتائون.
اهڙن مکيه ڪمن منجهان ڪجهه هن ريت آهن.
1. جامع سنڌي لغات تيار ڪرائڻ جو بنياد رکڻ.
2. لوڪ ادب گڏ ڪري شايع ڪرائڻ واري اسڪيم جو بنياد وجهڻ.
3. حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح ۽ ڪلام بابت جامع ۽ مستند ڪم ڪرائڻ.
1. جامع سنڌي لغات تيار ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جي. ايم. سيد، بلوچ صاحب کي همٿائي سن وٺي وڃي رهايو. لغات ۽ لوڪ ادب وارين اسڪيمن جي پهرين آفيس سائين جي. ايم. سيد جي درياهه واري بنگلي تي قائم ٿي، جتي بلوچ صاحب سان سائين جي. ايم. سيد دامنه سخني هر طرح جو تعاون ڪيو. کيس اسٽيشنري ۽ ڪم وارا ماڻهو، گهربل ڪتاب ته مهيا ڪري ڏنا ئي ڏنا، پر مواد هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ نه رڳو سيد صاحب کيس پاڻ به ويهي ڪم ڪرايو پر پنهنجا سمورا ٻيا تعلقات پڻ بلوچ صاحب جي مدد لاءِ استعمال ڪيائين. جنهن جو تفصيل مون پنهنجي مضمون ’جامع لغات سنڌي لاءِ جي. ايم. سيد جون خدمتون‘ ۾ پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سائين جي. ايم. سيد جو ذڪر ڪندي ان سلسلي جو پاڻ مختصر طور هن طرح بيان ڪري ٿو:
”ٻي وڏي ڳالهه سنڌي لغات جي ڪيائين ۽ چيائون ته مون 1940ع ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي هئي. جڏهن مان وزير ٿيو هوس، ته لغت ڪاميٽي ٺهي، اهو ڪم هليو پئي پر پورو ڪونه ٿيو، مون کي تمام گهڻو همٿايائون ته هاڻ اهو ڪم تون ڪر، چيائون ته بس اهو ڪم تو کي ڪرڻو آهي، بهرحال ان ڪم لاءِ مون کي پاڻ سان گڏ سَنَ ۾ رهايائون، مونکي چيائون ته هي ڊڪشنري تون ويهي ٺاهه“
لغت جي سلسلي ۾ بلوچ صاحب کي نه رڳو سن ۾ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون ويون، گڏجي ڪم ڪرايو ويو، پر اڳتي هلي علامه آءِ. آءِ. قاضي جي وائيس چانسلر ٿيڻ ۽ 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيڻ کان پوءِ، ان مان ڊڪشنري اسڪيم منظور ڪرائي، اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊڪشنري آفيس قائم ڪرائي، کيس ٿانيڪو ٿي ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏنائين. بلوچ صاحب هڪ انٽرويو ۾ اهڙو اعتراف هن ريت ڪري ٿو.
”سچ ته سيد جي ڪوشش کان سواءِ، اهو ڪم پورو نه ٿئي ها.“
                                                              (انٽرويو، ص. 91)
2. سائين جي. ايم. سيد ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪيل تقرير ۾ لوڪ ادب گڏ ڪرڻ طرف واضع طور اشارو ڪندي لکي ٿو ”ملڪه جي قديم قصن ڪهاڻين، پهاڪن، شعر، موسيقيءَ ۽ ٻئي فنِ لطيف کي زندهه ڪري پنهنجي ڪتابي زخيري کي وڌائڻو پوندو آهي، جيئن اعليٰ تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ حاصل ڪري سگهجي.“
مٿي ذڪر ڪيل مواد جي ميڙا چونڊيءَ جي سلسلي ۾ پڻ سَنَ ۾ بلوچ صاحب کي سگهڙ ۽ سڃاڻ ماڻهن سان ڪچهريون ڪرائي، ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويو.
3. شاهه عبداللطيف جي سوانح ۽ ڪلام کي مستند طور تي شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ پڻ سائين جي. ايم. سيد، بلوچ صاحب کي اتساهيو ۽ پنهنجي پاران مڪمل سهڪار ڪيو، ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي بلوچ صاحب لکي ٿو:
”سندن مرضي هئي ته شاهه جي رسالي کي چڱي طرح سان ايڊٽ ڪيو وڃي ۽ شاهه جي راڳ جو چڱيءَ طرح سان مطالعو ڪيو وڃي... (ص47). مون کي گهڻي ترغيب ڏنائين ته شاهه جي رسالي تي، شاهه جي راڳ تي ڪم ڪيو وڃي.
شاهه جي رسالي واري حوالي سان، سيد صاحب واري ان خواهش جي بلآخر تڪميل ته ٿي، ”شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام“ وڏن ضخيم ڏهن جلدن ۾، ۽ پوءِ هڪ جلد ۾ ”شاهه جو ڪلام“ شايع ٿيو. واهه واهه ٿي ويئي، شاهه جي ڪلام تي ٿيل ڪم کي تڪميل تصور ڪيو ويو پر تحقيق جي نالي ۾ رسالي جي مواد سان، جا هٿ چراند (ڦيرڦار) ڪئي ويئي آهي، ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ وري ڪي سال لڳي سگهن ٿا. بلوچ صاحب مستند متن تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو، ان جا نئين رسالي ۾ ڪيترائي نشان نظر اچن ٿا. هتي آءٌ صرف هڪڙو مثال پيش ڪريان ٿو.
سنڌ ۾ جل پوڄا جو فڪر صدين کان رائج آهي، جنهن تي مسلم توڙي غير مسلم مختلف طريقن سان عمل پيرا پئي رهيا آهن. اهو هڪ خاص مڪتبه فڪر آهي جنهن جي شاهه صاحب رسالي ۾، مختلف جاين تي ترجماني ڪئي آهي، پر مخصوص مسلم پرستيءَ واري فڪر ۾ اهڙي ڪائي گنجائش ڪانهي، ان ڪري شاهه صاحب جي اهڙي فڪر پيش ڪندڙ شعرن کي تبديل ڪيو ويو. شاهه صاحب سر سريراڳ ۾ فرمائي ٿو:
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيوئو جن،
آندائون عميق مان جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تِن، مل جهانگو اُن جو.
ان فڪر انگيز بيت کي نئين رسالي ۾ پونجيءَ واري تصور هيٺ يُونجيارا لفظ وجهي، هن ريت پيش ڪيو ويو آهي.
سي پونجيارا پُر ٿيا، سَمنڊرُ سيوئو جن،
آندائون عميق مان، جهوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لُهرن،
ڪانهي قيمت تي، مُل مهانگو اُن جو.
(شاهه جو رسالو، ص. 113)
هن تبديليءَ بعد بيت جي معنيٰ ئي تبديل ٿي وڃي ٿي.
سائين جي. ايم. سيد ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خطن ۽ خيالن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي لوڪ ادب، شاهه جو رسالو ۽ سنڌ جي ثقافت جي واڌ ويجهه واري سلسلي ۾ ڪيل ابتدائي ڪوششن بابت سائين جي. ايم. سيد پاران ڪيل انهن علمي ۽ عملي ڪاوشن کي پيش ڪيوو يو آهي، جن جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان لاڳاپو آهي. ان جو بنياد سائين جي. ايم. سيد ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي خطن تي رکيو ويو آهي. انجي ڀر ان هيٺيون مواد پڻ ڏنو ويو آهي.
1. شاهه عبداللطيف ڪلچرل سينٽرل (جنهن جو بلوچ صاحب کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو) يا سنڌ ثقافتي مرڪز کولڻ وقت ڪيل مرحبائي تقرير جنهن ۾ ڪلچرل سينٽر جي اهميت ۽ افاديت بيان ٿيل آهي.
2. ڀٽ شاهه تي سنڌي ثقافت جو مرڪز عنوان هيٺ ڪيل تقرير، جنهن ۾ اهڙي مرڪز جا اغراض، مقاصد ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ جا طريقا ڏسيا ويا آهن.
3. ڊائرين ۽ يادداشتن واري مواد جا اهي حصا جن جو لاڳاپو ثقافتي مرڪز ۽ لوڪ ادب جي ڪمن ڪارين سان آهي.
ان حصي ۾ سيد صاحب جي ڊائرين ۾ لکيل اهڙن جملن کي جيئن جو تيئن ڏنو ويو آهي، جن جو ثقافتي سرگرمين ۽ لوڪ ادب واري اسڪيم سان تعلق آهي. البت جيڪڏهن ڪنهن وضاحت لاءِ ڪو لفظ يا جملو لکڻ ضروري سمجهيو ويو آهي ته اهو وڏين ڏنگين ۾ ڏنو ويو آهي.
ننڍين ڏنگين وارا لفظ سيد صاحب جا پنهنجا لکيل آهن.
مٿي ذڪر ڪيل مواد منجهان ان ڳالهه جو بخوب اندازو ٿي وڃي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي سان مشهور، مکيه ڪمن جهڙوڪ: لوڪ ادب اسڪيم، سنڌي لغات، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز توڙي شاهه صاحب جي حالات زندگي معلوم ڪرڻ ۽ معياري رسالي جي تياريءَ وارن ابتدائي ڪمن ۾ سائين جي. ايم. سيد واري خيال (Vision) ۽ عملي ڪاوشن جو ڪيترو نه عمل دخل آهي.
اميد ته هي مواد علم جي ڳولائن جون گهرجون پوريون ڪري سگهندو.

طالب العلم
آزاد قاضي
سنڌي شعبو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 681
Kitab Jo Nalo : KHAT’A AEEN KHAYAL

Compiled & Research by: Dr. Azad Qazi

First Edition © Roshni 2015
Pages : 112
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 130.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

GORILA JANG