Bengal Chho Dhar Thayo? ( Why did Bengal split from Pakistan)






























































ليکڪ پاران

بنگال بابت هيءُ ڪتاب به، دراصل، منهنجي اُنهي تحقيقي منصوبي جو حصو آهي، جنهن تحت، سنڌ جي قومي سوال جي پسمنظر ۾ پاڪستانَ جي تاريخَ ۽ سياست تي 30 تحقيقي ڪتاب لِکڻ جو ارادو اٿم، ۽  مُون لاءِ اِها خوشيءَ ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي، ته مان گذريل ڏهن سالن کان لاڳيتي محنت، تحقيق ۽ مُطالعي ۾ مصروف رهڻ کانپوءِ  پنهنجي تحقيقي منصوبي جا لڳ ڀڳ چوڏهن ڪتابَ لکي ورتا آهن، جن مان پنج ڇپجي ويا آهن، ۽ ٻيا ڪجهه ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن،  ته ڪجهه ڇپائيءَ جي انتظار ۾. بهرحال، مَحدود وسيلن ۽ سَهولتن جي کوٽ جي باوجود ڪم ڪرڻ جو پَڪو ارادو اٿم، ۽ ويساهه اٿم، ته پاڪستان جي تاريخَ (History) ۽ سياستَ (Politics) تي 30 تحقيقي ڪتابن جي سيريز جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ ادارا ضرور انهيءَ انفرادي ڪوشش کي مثال بڻائي، تحرڪ وٺندا، ۽ سنڌ ۾ تحقيق جي رجحان ۽ لاڙي کي سَگهه ڏيارڻ ۾ گهربل ڪردار ڪندا.  
بهرحال، هاڻ، هيءُ بنگال بابت ڪتاب لائق پڙهندڙن جي هَٿن ۾ آهي. هن مقالي جو پهريون باب پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪَ ۾ بنگال جي ڪردار بابت آهي، جيڪو 1940ع کان وٺي 1947ع واري دؤر جو احاطو ڪري ٿو.  اِن بابَ ۾، مُختصر طور تي، بنگال جي پاڪستانَ ۾ شَموليتَ وارن اصل مُحَرڪَن جو جائزو ورتو ويو آهي، ۽ اِهو به ٻُڌايو ويو آهي، ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ مک ۽ بُنيادي ڪردار بنگال ۽ بنگالي عوام جو هو. جيتوڻيڪ ان بابَ ۾ بنگال سان لاڳاپيل ڪافي ڳالهين کي بحث هيٺ ناهي آندو ويو، اُن جو بُنيادي سبب اِهو آهي، ته هيءُ ڪتاب بنگال جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري مَقصد بابت نه، پر، بُنيادي طور تي، پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ بعد بنگال سان جيڪو وهيو واپريو، اُن جي پوتاميل ۽ تجزيي تي ٻڌل آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو مون بنگال جي پاڪستان ۾ شَموليت جي پسمنظر ۾ لکيل پهرين باب کي مُختصر طور قلمبند ڪيو آهي، ته جيئن مؤقف ۾ توازن برقرار رهي سگهي. 
مَقالي جي ٻي باب ۾، هڪ پاسي، پاڪستان اندر بنگال جي قومي سوال جي پيدا ٿيڻ، اُن جي تڪراري صورت اختيار ڪرڻ، ٻوليءَ واري اِشو ۽ اُن جي نسبت سان وزيراعظم لياقت علي خان ۽ جناح صاحب جي ڪردار تي ڪي قدر تفصيل سان روشني وجهي، تجزياتي بحث ڪيو ويو آهي، ۽ نتيجا پڻ ڪڍيا ويا آهن، ته وري ٻئي پاسي، بنگال جي قومي سوال سان لاڳاپيل ٽن بُنيادي اِشوز، يعنى (1) بنگال جي مُعاشي ڦُرلُٽَ، (2) ثقافتي خُودمُختياري ۽ (3) رياستَ جي ڍانچي ۾ بنگال جي جائز حصيداريءَ لاءِ ٿيندڙ آئين سازيءَ واري عمل ۾ بنگالين ڏانهن روا رکيل غيرجمهوري روش ۽ پاليسيءَ تي به تفصيل سان لِکيو ويو آهي. جڏهن ته، مَقالي جي ٽئين بابَ ۾ جنرل ايوب جي فوجي مارشل لا، بنگالين کي سوڙهي ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ چالبازين، عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب جي مُتحرڪ ڪردار، ڇَهه نُڪاتي پروگرام ۽ بنگالين جي قومي جدوجهد تي روشني وجهڻ سان گڏ 1958ع کان وٺي 1969ع واري سياسي صورتحال جو هڪ تحقيقي جائزو ۽ تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾، جنرل ايوب جي حڪومتي دؤر دوران بنگال ۽ بنگالين سان مُعاشي، اقتصادي ۽ سماجي ميدان ۾  ٿيندڙ ناانصافين کي انگن اکرن ذريعي ظاهر ڪري، اُن تي بحث ڪيو ويو آهي، ته ڪيئن بنگالين سان هرميدان ۾ ٻيائي ۽ تَعصب کان ڪم وٺي، کين هرطرح سان پوئتي رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. مَقالي جي پنجين باب ۾ جنرل ايوب جي زوال بعد جنرل يحيى خان واري مارشل لا، چُونڊن ۽ اُن کانپوءِ پيدا ٿيل بُحراني صورتحال جو جائزو ورتو آهي. جڏهن ته، مقالي جي آخري ڇهين باب ۾، چونڊن کانپوءِ پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ کان وٺي 25 مارچ واري فوجي آپريشن تائين، سڄي صورتحال جو جائزو وٺي، ڪجهه نتيجا ڪڍي، پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن. بهرحال، هاڻ، هيءُ ڪتاب لائق پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، ۽ اُهي ئي ٻُڌائي سگهن ٿا، ته مان هن ڪتاب ذريعي، ان سَڄي موضوع تي، ڪيتري حد تائين، معروضي مؤقف رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. ڪجهه دوست چون ٿا، ته مان، پنهنجي تَحقيقي ڪم ۾، ٻنهي پاسي تي روشني وجهندو رهان، يعني رياستَ واري مؤقف جي تَشريحَ تي به وقت ضايع ڪريان، ته وري رياست-مُخالف مؤقف به پيش ڪندو رهان، ۽ ائين، ٻنهي ڌُرين کي خوش ڪندو رهان. مان ڀانيان ٿو، ته اهڙي ٻِٽي پاليسي، يورپَ ۽ آمريڪا جهڙن سرمائيدار مُلڪن جي رياستن جي ڇَپَرَڇانوَ هيٺ رکندڙ مُحققن ۽ دانشورن لاءِ ته سُوٽِ ايبلُ آهي، پر، ٽين دنيا جي مَحڪوم  قومن جي مُحققن ۽ دانشورن لاءِ اِها ٻِٽي پاليسي مُناسب هجي، اِهو، دراصل، دانشورن جي اخلاقي معاملي سان لاڳاپيل هڪ نهايت بحث طلب موضوع آهي. ان ڪري، اِن معاملي تي ڪا به حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي. البت، معروضيتَ جي طرفداري ضرور ڪري سگهجي ٿي. ۽ مان ڀانيان ٿو، ته ٽين دنيا جي دانشورن/ مُحققن جي اُها معروضيت به حڪمران اشرافيا کي خوش ڪرڻ بدران تاريخي حقائق کي ايمانداريءَ سان ظاهر ڪرڻ واري هجڻ گهرجي. 

اياز علي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/39683230-bengal-chho-dhar-thayo

Book No . 889
Kitab Jo Nalo : Bengal Chho Dhar Thayo? ( Why did Bengal split from Pakistan)

Author : Ayaz Ali

First Edition © Roshni 2018
Pages : 207
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

GORILA JANG

KHAT’A AEEN KHAYAL