Zindagi Ja Gum Thiyal Denhan (Stolen Lives: Twenty Years in a Desert Jail)



































سياسي اختلافن سبب قيد ۽ بند، جلاوطنيون ۽ نيڪاليون، مارون ۽ موچڙا، زبان بنديون ۽ سنسرشپ، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عام آهن. خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي فوجي آمريتون، خانداني بادشاهتون ۽ هڪ پارٽي سسٽم لاڳو آهي. ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ اهڙن سوين هزارين مثالن سان ڀريا پيا آهن. جتي ذاتي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ فوجي آمرن ۽ بادشاهن، سياسي مخالفن جون زندگيون عذاب ۾ وجهي ڇڏيون. اهڙن ملڪن مان هڪ ملڪ مراڪش به آهي. جيڪو آفريقا کنڊ جي بلڪل ڇيڙي ۾ اسپين جي سامهون ۽ طويل عرصي کان بادشاهي نظام ۾ جڪڙيل آهي. ڪنهن دور ۾ اهو فرانس ۽ اسپين جي وچ ۾ قبضي جي جنگ ۾ پيڙهبو رهيو هو. پوءِ جڏهن فرانس ٽپڙ گول ڪيا ته جلاوطن بادشاهه محمد پنجين کي مڊگاسڪر مان گهرائي کيس ملڪ جون واڳون ڏنيون ويون. شاهه محمد پنجين جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پُٽ شاهه حسن تخت تي ويٺو ۽ شاهه  حسن جي ڊگهي دور کانپوءِ، هاڻ سندس پُٽ شاهه محمد ڇهون مراڪش جو بادشاهه آهي.
مراڪش ۾ شاهي گهراڻي درٻار سان وابسته اميرن ۽ وزيرن جي پهرين اولاد کي پوءِ اهو پُٽ هجي يا ڌيءَ، بادشاهه جو اولاد تصور ڪري شاهي محل ۾ آڻي سندس تربيت ۽ پالنا ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ کين فوج ۽ ٻين اهم ملڪي عهدن تي مقرر ڪيو ويندو آهي. ان روايت جي پويان هي تصور به آهي ته اهي هر حال ۾ حڪمران گهراڻي جا وفادار ٿي رهن ۽ اهم ملڪي عهدن تي هئڻ ڪري ۽ شاهه جي روحاني اولاد هئڻ جي ناتي وفادار به هوندا. ٻيو پسمنظر اهو آهي ته قبيلن جي چڱن مڙسن جو پهريون اولاد هڪ لحاظ شاهي ڪٽنب جو حصو هئڻ سبب ان جا اصل والدين به پاڻ کي شاهي ڪٽنب جو حصو سمجهي وفادار رهندا ۽ منجهن بغاوت جا جراثيم نه اُڀرندا. ائين هڪ لحاظ کان انهن جي اولاد کي اڻ سڌي طرح شاهي روايتن جي آڌار يرغمال رکيو ويندو آهي ۽ ائين شاهي ڪٽنب جو اقتدار سگهارو رهندو آهي.
مراڪش ۾ ’بربر قبيلو‘ بي حد سگهارو ۽ اهم حيثيت جو ڌڻي رهيو آهي. ان قبيلي جو هڪ سگهارو فرد ’جنرل محمد اوفڪر‘ به هو، جنهن بادشاهه محمد پنجين کي مڊگاسڪر مان واپس وطن اچڻ ۽ پوءِ سندس اقتدار کي سگهارو بنائڻ ۾ مدد ڪئي. بادشاهه محمد جي وفات کانپوءِ هن شاهه حسن جي تخت نشيني ۽ سندس اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ هو اهم ڪم ڪيو، جيڪو وقت جي حڪمران چاهيو ٿي. مٿس انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان به الزام هئا. هو مراڪش جو سگهارو جنرل ۽ وزير دفاع پڻ هو.
مراڪش جي شاهي روايتن موجب جڏهن محمد اوفڪر کي پهريون اولاد نياڻي ”ملڪه“ جي نالي سان ڄمي ته کيس به محل ۾ آندو ويو ۽ پوءِ هڪ ننڍي ٻاراڻي واقعي جي ڪري هوءَ شاهه جي نظر ۾ آئي ۽ کيس محل ۾ شاهه محمد جي ڌيءَ جي حيثيت ڏيئي، بادشاهه جي ڌيءَ سان گڏ سندس پالنا ۽ تربيت ڪئي ويئي. ائين ملڪه اوفڪر پنهنجو پاڻ کي شاهي ڪٽنب جو حصو ۽ شاهه محمد ۽ پوءِ شاهه حسن کي پنهنجو روحاني پيءُ سمجهڻ لڳي.
ملڪ جو سياسي وايو منڊل بدليو ته جنرل محمد اوفڪر جا شاهه حسن سان اختلاف ٿي پيا ۽ انهن اختلافن هڪ فوجي بغاوت کي جنم ڏنو، پر بغاوت ناڪام ٿي ۽ محمد اوفڪر کي قتل ڪيو ويو ۽ انتقام طور شاهه  حسن، جنرل اوفڪر جي سڄي ڪٽنب يعني سندس زال، پٽن ۽ ڌيئرن کي ملڪه اوفڪر سميت قيد ڪري، هڪ ڏورانهين ريگستاني هنڌ موڪلي ڏنو. جت کين هر وقت ذهني عذاب ڏيڻ سان گڏ سخت قسم جي چوڪسيءَ ۾ رکيو ويو. سندن قيد تنهائي جو اهو عرصو ويهن سالن تائين هلندو رهيو. کين ڄڻ دنيا وساري ڇڏيو ۽ دنيا جي لاءِ هنن جو ڄڻ ڪوبه وجود نه رهيو هو. ساڻن ڪنهن به قسم جي همدردي يا لڳ لاڳاپو شاهه حسن سان دشمني جي زمري ۾ ڳڻيو ويندو هو، لڳو ائين  ٿي ته هاڻ هو ٻيهر جيئرا هن جهان ۾ آزاد گهمي ڦري نه سگهندا، پر ملڪه اوفڪر ۽ سندس قيدي ڪٽنب همت نه هاري ۽ جيئڻ ڪاڻ ڪيترائي جتن ڪندا رهيا. نيٺ ملڪه اوفڪر، سندس هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ وڏي همت، محنت ۽ راز داريءَ سان هڪ سرنگ کوٽي اتان فرار ٿي ويا ۽ پاڻ کي حڪومتي ايجنسين جي نظرن ۽ چوڪسي کان بچائيندا وڏي جدوجهد کانپوءِ مراڪش جي ساحلي شهر ’تنگير‘ پهچي، اتان جي هڪ وڏي هوٽل ۾ گهڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اتان هنن ڪنهن نموني آزاد دنيا سان رابطو قائم ڪيو. نيٺ گهڻي جدوجهدکانپوءِ سندن عذاب ڪٿا کان دنيا واقف ٿي ۽ انساني حقن جي تنظيمن سندن ڪيس کي کنيو، جنهن تي نيٺ مجبور ٿي شاهه حسن کين محدود آزادي ڏني ۽ کين ٻيهر دنيا ۾ موٽي پنهنجي زندگي  نئين سر شروع ڪرڻ جو موقعو مليو.
بادشاهه حسن جي وفات کانپوءِ نئين بادشاهه محمد ڇهين کين فرانس وڃڻ جي اجازت ڏني. فرانس پهچڻ کانپوءِ ملڪه اوفڪر هڪ تيونسي نسل جي فرينچ صحافڻ ۽ ناول نگار مائيڪل فتوسي جي مدد سان پنهنجي آتم ڪهاڻي فرانسيسي زبان ۾ لکي‏ ۽ 1999ع ۾ ڇپي، جنهن جون رڳو فرينچ زبان ۾ ٽي لک ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ ان جو انگريزي ۾ ترجمو Ros Schwartz (Twenty years in a Desert Jail) جي نالي سان ڪيو ۽ لکن جي تعداد ۾ وڪرو ٿي. هن ڪتاب وڪري ٿيندڙ بيسٽ سيلر ۾ به پهرين پوزيشن کنئي ۽ ميڊيسن دي پريس ڊاڪيومينٽس پرائيز به حاصل ڪيو. ملڪه اوفڪر جي هي آتم ڪهاڻي Stolen Lives هڪ درد ۽ عذابن ڀريو داستان آهي، جنهن ۾ خوشين، مايوسين، محرومين، انتقام، ڏک، پيڙا، همت ۽ جرئت ۽ عزم جا اڻ مٽ نقش چٽيل آهن ۽ پڙهي ماڻهوءَ جا لڱ ڪانڊارجيو وڃن ۽ ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ڇا وقت جي حڪمرانن کي اهو حق آهي ته هو فڪري ۽ سياسي اختلافن جي آڌار تي پنهنجي سياسي مخالفن جي ڪُٽنبن جون نه رڳو زندگيون زهر بنائين، پر کانئن جيئڻ جو حق کسڻ جي به ڪوشش ڪن؟- ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جي اندر ۾ نفرت جي سياست ڪندڙن کان ڪرهت اچڻ ٿي لڳي. وقت ۽ حالتون اهو سيکارين ٿيون ته نفرت ۽ انتقام کي ڪوبه دوام ڪونهي ۽ نفرت ته ماڻهو کي اندران ئي اندران کائي ٿي وڃي. ملڪه اوفڪر جي لفظن ۾، ”قيد جي دوران نفرت اسان کي جيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. اها نفرت جيڪا منهنجي دل ۾ شاهه جي خلاف پيدا ٿي ويئي هئي، ان وقت مون کي پنهنجي ملڪ کان به نفرت ٿي ويئي هئي. پر آزاديءَ کانپوءِ مون شاهه کي به ۽ پنهنجي نفرت کي به قطعي طور تي رد ڪري ڇڏيو. هاڻ مون کي ڪنهن کان به نفرت ڪونهي، ڇو ته نفرت انسان کي کائي ٿي وڃي.“
ملڪه اوفڪر جي هيءَ آتم ڪهاڻي 2001ع ۾ هڪ اردو اخبار ۾ قسطوار ٿي ڇپجڻ شروع ٿي، منهنجو اُن ڏانهن ڌيان ويو ۽ مون اهي قسطون پڙهڻ سان گڏ سنڀالي رکڻ شروع ڪيون. پوءِ اصل انگريزي ڪتاب به ڪراچي مان ”ٿامس اينڊ ٿامس“ ڪتاب گهر تان ورتم.
مون هن ڪتاب جو ترجمو 5 نومبر 2001ع تي شروع ڪيو ۽ 30 جون 2002ع تي پورو ڪيو. 

يوسف سنڌي
30 ڊسمبر 2017ع
حيدرآباد

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38593134-zindagi-ja-gum-thiyal-denhan

Book No . 899
Kitab Jo Nalo : Zindagi Ja Gum Thiyal Denhan

(Stolen Lives: Twenty Years in a Desert Jail)

by: Malika Oufkir 
English Translation: Ros Schwartz
Translated by: Yousif Sindhi

First Edition © Roshni 2018
Pages : 399
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 490.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG